• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

قارون صفت حڪمران

نثارابڙو

نائب منتظم
ظالم حڪران عوام جو پئسو لڪائي قارون جي ريت نڀائن ٿا ۽ عوام الناس انهن خلاف انقلاب آڻي پيغمبري سنت پوري ڪنٿا ٿا ...

تيونس جي صدر پنهنجي محل ۾ ڪيترو خزانو لڪايو هو ... هي ته اهو خزانو آهي جيڪو محل ۾ هيو پر ڪيترو ٻاهر هليو ويو هوندو ۽ ڪيترو هو پاڻ سان گڏ کڻي ڀڄي ويا ۽ 30 سالن ۾ ڪيترو ضايع ڪيو ويو هوندو انجو ڪو انگ ۽ حساب ئي ناهي ۔۔۔

ڇا اسين حڪمران ان لا چونڊيندا آهيون ته هو اسانجوخون چوسي وٺن، اسانجي اولاد جو مستقبل برباد ۽ تباهه ڪن ۽ قومي خزانن تي ڌاڙا هڻي ٻاهر کڻي وڃن؟

پاڻ ڏسو

[fv]10150109602178948[/fv]
 
جواب: قارون صفت حڪمران

سائين اهو مضمون مون ٻه ٽي دفعه وزٽ ڪيو آهي پر هر دفعي ناڪامي ٿئي ٿي ڇو ته فيس بوڪ تان ويڊيو شايد ختم ڪئي وئي آهي ، جئين ته مضمون جو عنوان اهڙو آهي جو هر هر وزٽ ڪرڻ تي دل ڪندي آهي پر جڏهن پيج کلي ٿو ته پو خبر ٿي پئي ته هن ۾ ويڊيو ته آهي ڪ ڪونه!!!!
 
جواب: قارون صفت حڪمران

سائين اهو مضمون مون ٻه ٽي دفعه وزٽ ڪيو آهي پر هر دفعي ناڪامي ٿئي ٿي ڇو ته فيس بوڪ تان ويڊيو شايد ختم ڪئي وئي آهي ، جئين ته مضمون جو عنوان اهڙو آهي جو هر هر وزٽ ڪرڻ تي دل ڪندي آهي پر جڏهن پيج کلي ٿو ته پو خبر ٿي پئي ته هن ۾ ويڊيو ته آهي ڪ ڪونه!!!!

پر محترم دوست مون وٽ ته اها وڊيو هلي پئي، سنڌ سلامت تان ئي آ ڏسي سگهانٿو، الائجي ڇو اوهان وٽ نٿي هلي؟، اها وڊيو مون پنهنجي پروفائيل فيسبڪ تي پڻ لڳائي آهي، خئير هن وڊيو ۾ اهو خزانو ڏيکاريل آهي جيڪو تيونس جي صدر بن علي پنهنجي محل جي ديوارين ۽ ڇت ۽ ٻين جاين تي لڪل جڳهن تي رکيو هو ۔۔۔

جنهن ۾ ڪروڙين ڊالر، ۽ تونسي ناڻو، سون، هيرا ۽ ٻيو قميتي ساز ۽ سامان آهي ۔۔۔ جنهنکي ڏسي قارون جي خزاني جي جهلڪ ملي ٿي ۔۔۔ ۽ آندازو ٿئي ٿو ته قارون جو خزانو ڪيئن ۽ ڪهڙو هوندو ۔۔؟

مون هڪ هنڌ پڙهيو آهي ته هن ڪائنات ۾ رب العاليمن ايترا ته وسيلا مهيا ڪري ڇڏيا آهن، جو جيڪڏهن اهي وسيلا انصاف سان سڀني ۾ ورهايا وڃن ته هر ماڻهون آمريڪي صدر جي رهائش جهڙي عمارت جهڙو گهر حاصل ڪري سگهي ٿو ۔۔۔

انڪري هي جيڪا غربت بدحالي يا مفلسي نظر اچي ٿا سا فطرت جي ڪوتاهي نه پر انسان جي پنهنجي جهالت آهي ۔۔۔

بس انسان عدل ڪرڻ سکي وٺي ته هوند هي دنيا به جنت جهڙي ٿي پوي ۔۔۔

پر افسوس ائين ٿيندو ڪون، ڇاڪاڻ انسان انتهائي ناشڪرو آهي۔

رب العالمين اسان کي صراط المستقيم جي سمجهه ۽ هلڻ جي توفيق عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
 
جواب: قارون صفت حڪمران

قذافي جي ملڪيت ڪاٿي لڪل آهي؟

لبيا جي جلا وطن مخالف ڌر جي اڳواڻ جو چوڻ آهي ته گذريل 42 سالن ۾ معمر قذافي ۽ ان جا پٽ تيل جي آمدني مان حاصل ٿيندڙ اربين ڊالر گڏ ڪري رهيا آهن، پر انهن اها سڄي دولت ڪاٿي لڪائي رکي آهي، هن وقت معمر قذافي ۽ انهيءَ جي خاندان وارن وٽ ڪيتري رقم موجود آهي؟ انهيءَ جي باري ۾ مختلف افواهه ڦهليل آهن، حقيقت ۾ ڪنهن کي به اهو معلوم نه آهي ته پنهنجي 42 سالن جي اقتدار واري دور ۾ قذافي تيل سان مالا مال ملڪ مان ڪيترو ناڻو ڪمائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي، انگلينڊ جي هڪ اخبار موجب لبيا ۾ حڪومتي ڪاروهنوار ۽ خرچن جي تيل ۽ گئس جي آمدني سان ڀيٽ ڪئي وڃي ته اربين ڊالرن جو فرق سامهون ايندو، اخبار موجب آمدني جو اهو حصو جيڪو رياست جي طرفان استعمال نه ڪيو ويندو آهي، قذافي جي ملڪيت جو حصو بڻجي ويندو آهي، قذافي جي انتهائي ويجهن ذريعن جو چوڻ آهي ته قذافي جا ڏوڪڙ دبئي نه پر ٻين نار جي رياستن ۾ اربين ڊالرن جا ڳجها اڪائونٽ موجود آهن، قذافي اطلالوي شهر ۾ هوٽل ٺهرائڻ جي لاءِ 21.9 ملين جي سيڙپ ڪاري ڪري چڪو آهي، فنانشل ٽائيمز، وڪي ليڪس جي حوالي سان لکيو آهي ته قذافي سيڙپ ڪاري جي وڏي سلطنت قائم ڪئي آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سندس پٽن ۾ جهيڙو به ٿي چڪو آهي، قذافي جي ملڪيتن جو صحيح اندازو لڳائي نه ٿو سگهجي، انهيءَ جو هڪ سبب اهو به آهي ته سرڪاري دولت ۽ قذافي جي ذاتي دولت جي وچ ۾ ڪو به واضح فرق نه آهي، لبيا ۾ قذافي ڪٽنب وارا سرڪاري دولت کي اهڙيءَ طرح خرچ ڪري رهيا آهن، جهڙيءَ طرح اها دولت انهن جي پنهنجي ذاتي هجي، اسالوسي البڪيري جي هڪ ليکڪ موجب سرڪاري آفيسرن جي مقرري قذافي جي حڪمن سان ئي ٿيندي آهي، سرڪاري بئنڪن جي اعلى آفيسر به قذافي جا انتهائي وفادار آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهو سوال اڀرندو آهي ته رقم ڪٿي خرچ ڪئي پئي وڃي؟ لبيا ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عبدالمالڪ جي هڪ اندازي موجب قذافي ۽ انهيءَ جي ڪٽنب وٽ 80 بلين کان 150 بلين ڊالرن تائين رقم ٿي سگهي ٿي، لبيا تيل پيدا ڪندڙ چوٿون وڏو ملڪ آهي.
 
جواب: قارون صفت حڪمران

اها وڊيو ته هلي پئي پر سائين عربي سمجهي ڪير خير
هنن جيڪا دولت 30 سالن ۾ گڏ ڪئي پاڻ وارا ڀوتار ته ايتري 5 سالن ۾ ڪري ويندا رڳو موقعو ملڻ جي دير آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔ سائين

مونکي ته ائين لڳندو آهي ته اسان ان لاء ئي پيدا ٿيا آهيون اسان ۾ انقلاب جو جذبو ئي ڪونهي اسان زيادتن تي لفظي احتجاج ڪندا آهيون ان تي عمل ڪڏهن ڪنداسين ڪڏهن اهڙو روح ڦڪبو جو هنن ظالمن کي ڀڄائي ڪڍون

الله اسان جي غيب مان مدد ڪري

 
Back
Top