سنڌي ٻولي تحريڪ جا مختلف پاسا عبدالخالق جوڻيجو [JUSTIFY]سنڌي ادبي سنگت اڄ ڪلهه پاڪستان ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ مهم هلائي رهي آهي. سنڌ ۾ ڪم ڪندر مختلف ادبي، سماجي تنظيمون، سياسي پارٽيون ۽ انفرادي طور ليکڪ، دانشور، وڪيل، پارليامينٽرين ۽ ٻيا ان جي حمايت ڪري رهيا آهن، ان ڏس ۾ هڪڙو بل به پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو ويو آهي. سنڌي ادبي سنگت سنڌي ٻُليءَ جي حوالي سان ئي ڪم ڪندڙ تنظيم آهي، تنهن ڪري ان تي فرض ٿو ٿئي ته سنڌي ٻوليءَ جي تحفظ ۽ ترقيءَ لاءِ جاکوڙ ڪري. موجوده مهم هلائي اها پنهنجو فرض پورو ڪري رهي آهي، اها سٺي ڳالهه آهي، جيئي سنڌ محاذوانگر سنڌ جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ سياسي پارٽيون ان جي حمايت ڪري رهيون آهن، اهو به صحيح آهي انهن جو به اهو فرض آهي. هاڻي ادبي سنگت سياسي پارٽيون ۽ ڪي فرد پنهنجو فرض سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اهو ته ٺيڪ آهي پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اسان پنهنجو فرض پورو ڪرڻ ٿا چاهيون يا واقعي به سنڌي ٻُوليءَ کي قومي ٻولي بڻائڻ واري پنهنجي جدوجهد کي نتيجه خيز ڏسڻ ٿا چاهيون ۽ ڪنهن به قسم جي جدوجهد ۾ پڪ مقصد هجڻ ۽ فرض پورو ڪرڻ يقيني طور اهم ڳالهيون هونديون آهن پر ان جدوجهد جي ڪاميابيءَ لاءِ اهي ڳالهيون ڪافي ناهن هونديون. ڪاميابيءَ لاءِ درست حڪمت عملي به ضروري هوندي آهي ۽ ڪامياب حڪمت عملي لاءِ سڀ کان اولين ۽ اهم ڳالهه اها هوندي آهي ته توهان پنهنجو هدف مقرر ڪيو يا هدف جي باري ۾ پنهنجي سوچ چٽي ۽ واضح ڪريو ان هدف جي حاصلات ۽ ٿيندڙ جدوجهد ۾ پنهنجي حامي ۽ مخالف قوتن جو تعين ڪريو ان تعين جي بنياد تي انهن ڏانهن پنهنجي روين جو تعين ڪريو، سنڌي ادبي سنگت جي هن وقت هلايل مهم جو هڪڙو حوالو ٻولين جو عالمي ڏهاڙو به هيو، جيڪو 21 فيبروري تي گذري چڪو آهي، جيئن اسان ڄاڻون ٿا ته اهو اصل ۾ بنگالين جو ڏينهن آهي، انهن جو پنهنجي ٻوليءَ کي قومي ٻولي مڃرائڻ لاءِ ڪيل جدوجهد جو اهم ترين سنگ ميل آهي، جنهن کي ڪجهه سال اڳ ۾ اقوام متحده مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن طور تسليم ڪيو آهي، ان ڪري بهتر ٿيندو ته اسان سنڌي ٻولي قومي ٻولي ۾ بنگالين جي جدوجهد مان سبق ۽ اتساهه وٺون، اهو ان ڪري به درست ۽ ضروري آهي ته بنگالين جي اها عالمگير مڃتا ماڻيندڙ جدوجهد به ان ئي پاڪستان جي رياست جي خلاف هئي، جنهن کان اسان گهُر ڪري رهيا آهيون ته سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي نه رڳو ٻوليءَ جو مسئلو پر مجموعي طور قومن جي حقن جو معاملو هجي يا رياست جمهوري ۽ سيڪيولر بڻائڻ جو سوال يا فوج ۽ جاگيردارن جي بالادستي ختم ڪرڻ جي جدوجهد انهن سڀني ميدانن ۾ بنگالين اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو، جيستائين اهي پاڪستان ۾ اسان سان گڏ هئا. سو اچو ته ڏسو ته بنگالين جي ٻوليءَ جي مسئلي تي حڪمت عملي ڪڙي هئي ۽ ان حوالي سان مختلف ڌرين ڏانهن انهن جو رويو ڪهڙو هو. اهو ته اسان ڄاڻو ٿا ته محمد علي جناح جي اڳواڻيءَ ۾ مسلم ليگ جي پاڪستان لاءِ ڪوشش ۾ سڀ کان وڏو ۽ سڀ کان اهم ڪردار بنگالين جو هو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ 1948ع جي شروع ۾ پاڪستان جي گورنر جنرل جي حيثيت ۾ جڏهن محمد علي جناح ڍاڪا ويو ته هن هڪ عام جلسي ۾ اعلان ڪيو ته ”پاڪستان جي قومي ٻولي صرف اردو هوندي“ اتي ئي جلسي ۾ موجود نوجوانن جي هڪ وڏي گروپ شيخ مجيب الرحمان جي قيادت ۾ ان اعلان تي سخت احتجاج ڪيو ۽ بنگالي ٻوليءَ کي قومي ٻولي بڻائڻ جو اعلان ڪيو. اتان ئي بنگالي ٻوليءَ جي تحريڪ شروع ٿي ۽ پوءِ بنگالين ڪڏهن پوئتي نه نهاريو ۽ نه ئي هڪ قدم پوئتي هٽيا. انهن هر شئي تي پنهنجي مادري ٻوليءَ کي ترجيح ڏني هر تعلق، هر واسطي کي ان ئي ڪسوٽيءَ تي پرکيو ۽ هر پارٽي، هر ليڊر جو تعين ان مسئلي ڏانهن ان جي ڪردار جي حوالي سان ڪيو. جنهن محمد علي جناح جي اڳواڻيءَ ۾ انهن پاڪستان لاءِ جاکوڙ ڪئي ان جي ئي خلا ف احتجاج ڪيو ۽ جنهن مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان انهن اها پاڪستان لاءِ جاکوڙ ڪئي هئي ان کي رد ڪيو ۽ پنهنجي ٻوليءَ لاءِ جدوجهد جاري رکي، جنهن دوران 1952ع ۾ 21 فيبروريءَ تي ڍاڪا يونيورسٽي ۾ پاڪستان جي رياستي ادارن جي فائرنگ ۾ چار نوجوان شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، ٻوليءَ جي شهيدن جو قائم ڪيل يادگار بنگلاديش جي مقدس ترين جاين مان هڪ آهي، اتي هر سال جيڪو ميلو مچندو آهي، اهو بنگالي قوم جي سجاڳي، حب الوطني، همت ۽ حوصلي جو شاندار مثال آهي، ان ۾ شريڪ ٿيندڙن لاءِ خوشقسمتيءَ جو موقعو ۽ اتساهه جو ڪارڻ هوندو آهي. مون کي جڏهن سن 2000ع عيسوي ۾ خوش قسمتيءَ سان اهو موقعو فراهم ٿيو ته مون سنڌ جي قومي تحريڪ دوران ٻڌل ۽ پڙهيل بنگالين جي جوش ۽ هوش، ڏاهپ ۽ بهادريءَ جي قصن جي جهلڪ اکين سان ڏٺي، ڍاڪا يونيورسٽي جا وسيع ميدان پرجوش ۽ چمڪندڙ چهرن وارن ماڻهن سان ايئن ته ڀريل هئا جو ڪلها گسائڻ کان سواءِ اڳتي وڌڻ ممڪن نه هئو، انهن ۾ ٻڍا، ٻار، جوان، مرد، عورتون ۽ چيچ کان ورتل يا ڪلهي تي ٻار کنيل خاندان سڀ شامل هئا، هڪ وقت منهنجي اندازي مطابق ٻه اڍائي لک ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ جي جدوجهد کي ياد ڪرڻ ۽ ان جي شهيدن کي سلام پيش ڪرڻ لاءِ ڍاڪا يونيورسٽيءَ ۾ موجود هئا ۽ اتان جي ماڻهن کان ورتل معلومات مطابق وڏي اُسر کان ماڻهو اچڻ شروع ڪندا آهن ۽ سانجهيءَ تائين سلسلو جاري رهندو آهي، اهڙيءَ طرح 15 کان 20 لک ماڻهو 21 فيبروري تي اُتي ايندا آهن. ان پس منظر ۾ هاڻي اچو ته ٻوليءَ جي حوالي سان سنڌ جي صورت حال تي نظر وجهون، اڄ سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي پوزيشن لڳ ڀڳ اهڙي آهي، جهڙي بنگالين جي ٻوليءَ لاءِ جدوجهد شروع ٿيڻ وقت مسلم ليگ جي هئي، مسلم ليگ ته ٺهي به بنگال ۾ هئي ۽ پاڪستان ٺهڻ تائين اها بنگالين جي مقبول جماعت هئي ۽ پوءِ مسلم ليگ ئي هئي جنهن بنگالين جي مادري زبان جي مٿان هڪ اوپري ٻولي اردوءَ کي مڙهڻ جو اعلان ڪيو. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي گذريل چئن ڏهاڪن کان سنڌين جي مقبول جماعت آهي، هن وقت جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي حق ۾ مهم هلائي پئي وڃي تڏهن به اها ئي جماعت اقتدار ۾ آهي. سنڌ ۾ به مرڪز ۾ به ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان انهن ڪيو ڇا آهي؟ مسلم ليگ جي ليڊر اعلان ڪيو هئو ته ”صرف اردو پاڪستان جي قومي ٻولي هوندي“ جڏهن ته پيپلز پارٽي جي ليڊر عملي طور صرف اردوءَ کي پاڪستان جي قومي ٻولي قرار ڏئي ڇڏيو ۽ اهو عمل 1973ع واري آئين ذريعي ڪيو ويو، جنهن کي سنڌين لاءِ ايڏو مقدس ڪري پيش ڪيو ويو آهي ۽ جنهن جي تحفظ لاءِ سنڌي ماڻهن کان وري قربانيون ورتيون وينديون آهن. بنگالين ته بنگالي بجاءِ اردوءَ کي قومي ٻولي قرار ڏيندڙ جماعت مسلم ليگ ۽ ان جي ليڊر کي رد ڪيو پر اسان اڃا به سنڌيءَ جي بجاءِ اردوءَ کي قومي ٻولي بڻائيندڙن جي پويان لڳا ٿا وتون. ٻيو ته ٺهيو پر سنڌيءَ کي قومي ٻولي بڻائڻ لاءِ درخواستون به انهن کي ئي ٿا ڪريون، نه رڳو ايترو پر ڪنهن حالتن ۾ اسان سنڌي ٻوليءَ لاءِ احتجاج ۽ ڪوششون پيپلز پارٽيءَ جي ليڊرن ۽ وزيرن جي اڳواڻيءَ ۾ ٿا ڪريون، اهو ته ايئن ٿيو جيئن چوڻي آهي ته ”ڀينگ به جهان خان ڪئي فيصلو به جهان خان وٽ آيو“ ٻئي پاسي پيپلز پارٽي جا ليڊر ۽ وزير ڏسو، هڪ طرف اهي سنڌين مٿان اردوءَ کي مڙهيندڙ 1973ع جي آئين کي پنهنجي پارٽيءَ جو ”عظيم ڪارنامو“ قرار ٿا ڏين ته ٻئي طرف سنڌي ٻوليءَ جي تحريڪ جا چيمپئن ٿيڻ جي ڪوشش ٿا ڪن. هاڻي اسان تجزيو ڪريون ۽ پنهنجو پاڻ کان سوال ڪريون ته اسان سان گڏ سڄي دنيا لاءِ مثالي بڻيل بنگالين جي ٻولي تحريڪ کي اسان ڪيترو ويجهو آهيون. ٻوليءَ جي تحريڪ ۽ پوءِ مڪمل قومي حقن (آزاديءَ سميت) جي تحريڪ ۾ بنگالين جي ڪاميابيءَ جو هڪ اهم سبب اهو هئو ته اهي ليکو چوکو ڪندا هئا ۽ ان ليکي چوکي جو بنياد بنگالي قوم جا قومي حق هوندا هئا. جيڪڏهن ڪي بنگالي ٻولي ڳالهائيندڙ به انهن جي قومي حقن جي خلاف موقف اختيار ڪندا هئا يا ڪردار ادا ڪندا هئا ته انهن کي به اهي پنهنجي قومي تحريڪ جو دشمن سمجهندا هئا. پر افسوس ته اسان وٽ سنڌ ۾ صورت حال مختلف آهي، بلڪه ڪڏهن ڪڏهن ته اسان بلڪل متضاد رستو اختيار ٿا ڪريون، بنگالين سچ ۽ ڪوڙ، صحيح ۽ غلط، دوست ۽ دشمن ۾ فرق ڪيو، اسان وري چئون ٿا ته ڪنهن سان به ليکو چوکو نه ڪريو، ڪنهن کي به غلط نه چئو، جيڪو به سنڌ جو نالو وٺي ٿو ان کي ڀاڪر پايو ۽ پوءِ ڀلي کڻي اهو قومي حقن جو سودو ڪندڙ ئي ڇو نه هجي. اهڙي طرز عمل سبب اسان نه رڳو پاڻ کي ڌوڪو ٿا ڏيون پر قوم کي به ناقابل تلافي نقصان ٿا ڏيون. اهڙي ئي صورت حال سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان آهي، جن ماڻهن 1973ع جي آئين ذريعي اردوءَ کي قومي ٻولي قرار ڏنو ۽ حقيقي قومي ٻولين کي انهن جي حق کان محروم ڪيو، هاڻي وري اهي ئي همراهه بدليل حالتن ۽ نئين ماحول کي ڏسندي سنڌي ٻوليءَ جا به گهڻ گهرا ثابت ٿيڻ ٿاچاهين، يعني اهي ٻئي پاسا وهڻ ٿا چاهين ۽ ايئن ڪندي اهي قومي سوال ۽ قومي حقن جي حوالي سان نهايت خطرناڪ راند کيڏي رهيا آهن ۽ مستقبل جي حوالي سان خطرناڪ رجحانن کي جنم ڏئي رهيا آهن. انهن جيڪو بل تيار ڪيو آهي، ان ۾ چيو ويو آهي ته اردو، سنڌي، پنجابي، پشتو ۽ بلوچيءَ کي قومي ٻولي قرار ڏنو وڃي، ظاهر آهي ته ان مان سندن مقصد ۽ ڪوشش اها آهي ته اردوءَ جي حامي مستقل مفاد رکندڙ قوتن سان به وفاداريءَ جو ثبوت ڏجي ۽ قومي ٻولين جي حامين کي به خوش ڪجي پر سوال اهو آهي ته اردوءَ کي ۽ حقيقي قومي ٻولين (سنڌي، بلوچي، پنجابي، پشتو) کي ڪيئن ۽ ڪهڙي بنياد تي هڪ جهڙي حيثيت ڏني ٿي وڃي، اردوءَ کي قومي ٻولي ان بنياد تي قرار ڏنو ويو هو ته پاڪستاني هڪڙي قوم آهن، تنهن ڪري صرف اردوانهن جي قومي ٻولي هجي جڏهن ته اسان جو استدلال اهو آهي ته پاڪستان هڪ گهڻ قومي ملڪ آهي، جنهن ۾ سنڌي، بلوچي، پشتون ۽ پنجابي قومون رهن ٿيون، تنهن ڪري انهن قومن جي مادري زمانن کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي. هاڻي جيڪڏهن چئن قومن جي زبانن سان گڏ اردوءَ کي به قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو ٿو وڃي ته سڀاڻي اها ٻولي ڳالهائيندڙ به دعوا ڪري ٿا سگهن ته اهي هڪ قوم آهن ۽ ظاهر آهي ته ان جا سڀ کان وڌيڪ خراب اثر سنڌ تي پوندا، ڇاڪاڻ ته اردو ڳالهائيندڙن جو گهڻو تعداد سنڌ ۾ ٿو رهي ۽ انهن جي نمائندگي جي دعوى ڪندڙ جماعت اڳ ئي سنڌ کي شهري ۽ ديهي ۽ سنڌ جي باشندن کي سنڌي ڳالهائيندڙ ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي خانن ۾ ورهائي ٿي، صورت حال کي ان حد تائين پهچائڻ ۾ به پيپلز پارٽي جي پاليسين جو هٿ آهي. 1970ع ۾ ون يونٽ جنهن جدوجهد جي نتيجي ۾ ٽٽو هئو ان ۾ سنڌيءَ سميت قومي ٻولين جو سوال اهم هئو، ان ڪري بحال ٿيل سنڌ جي صوبائي اسيمبليءَ جيڪي پهريان بل پاس ڪيا، انهن ۾ سنڌيءَ کي سنڌ جي سرڪاري زبان جو درجو ڏنل هئو، جيڪو ان کي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۾ انگريزن جي دور ۾ به حاصل هئو. ان تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ رهندڙ ڪجهه ”مهاجرن“ گوڙ ڪيو، ان تي ان وقت جي ملڪي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ اسلام آباد ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ ۽ اردو ڳالهائيندڙ اديبن ۽ دانشورن جو اجلاس گهرايو، جنهن کان پوءِ مرڪزي حڪومت طرفان جاري ڪيل هڪ آرڊيننس تحت سنڌ کي ٻه لساني صوبو تسليم ڪيو ويو ۽ مفاهمت اها طئي ٿي ته سنڌ جي گورنر ۽ وزير اعلى جي عهدن مان هڪ تي سنڌي ڳالهائيندڙ ته ٻئي تي اردو ڳالهائيندڙ مقرر ٿيندو، ان مفاهمتي پاليسيءَ تي عمل ڪندي مير رسول بخش جي جاءِ تي رعنا لياقت علي خان کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. اهڙي طرح سنڌ ۾ اردو ڳالهائيندڙن جي عليحده حيثيت ۽ سڃاڻپ کي مڃيو ويو ۽ سنڌ کي ٻه ڌريو خطو قرار ڏنو ويو. سنڌ ۾ آيل مهاجرن ۽ اڳ ئي موجود جدا سڃاڻپ ۽ احساس برتري کي ان پاليسيءَ وڌيڪ هٿي ڏني ۽ اها وڌندي وڌندي اڄ اتي پهتي آهي، پاڻ کي شهري سنڌ جي نمائنده چورائيندڙ جماعت عملي طور هڪ متوازي حڪومت قائم ڪيو ويٺي آهي، هتي ان حقيقت جو ذڪر نه ڪرڻ نا انصافي ٿيندي ته سنڌ جا ڪجهه قوم پرست به ان جماعت کي خوش ڪرڻ ۽ ان جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي باشندن کي سنڌي ڳالهائيندڙ سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ سنڌي جي خانن ۾ ورهائيندا آهن. اردو ڳالهائيندڙ سنڌ ۾ رهندڙ گجراتي، بلوچي، ڍاٽڪي وغيره ڳالهائيندڙ وانگر هڪ برادري آهن ۽ اهي (جيڪڏهن چاهين ته) ٻين برادرين وانگر سنڌي قوم جو حصو ٿي سگهن ٿا پر جڏهن اهي دوست سنڌي ڳالهائيندڙ سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ سنڌي جا اصطلاح استعمال ڪن ٿا تڏهن اهي هڪ طرف اردو ڳالهائيندڙن کي هميشه لاءِ سنڌ ۾ هڪ عليحده حيثيت ٿا ڏين ته ٻئي طرف ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙن ۽ صدين کان سنڌ ۾ رهندڙ برادرين جي حيثيت تي سواليه نشان ٿا لڳائين ۽ وري ٽئين طرف اهي سنڌين کي هڪ قوم جي درجي کان گهٽائي هڪ برادريءَ جي حيثيت ۾ آڻي ٿا بيهارين. اها الائي ڪهڙي قوم پرستي ۽ ڪهڙي سنڌ سان محبت آهي؟ ان پس منظر ۾ اسان کي سڄي صورت حال جو جائزو وٺڻ کپي، سنڌي ادبي سنگت ۽ ان جي حمايت ڪندڙ اڪثر تنظيمون ۽ فرد يقيني طور سنڌي ٻولي قومي ٻولي مهم نيڪ نيتيءَ سان هلائي رهيا آهن. ڪنهن به اجتماعي ڀلي جي ڪم ۾ ڪاميابيءَ لاءِ نيڪ نيتي بنيادي ڳالهه آهي پر ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ نيڪ نيتي ڪافي ناهي ان لاءِ صحيح حڪمت عمليءَ جو هجڻ به ضروري آهي، ڪيترائي نيڪ نيتيءَ سان شرو ڪيل ڪم گهربل نتيجا نه ڏئي سگهندا آهن، بلڪه ڪڏهن ڪڏهن ته نتيجا ارادن جي ابتڙ به اچي ويندا آهن ۽ صحيح حڪمت عملي اختيار ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته هدف بلڪل چٽو هجي، رستي جو تعين واضح نموني ڪيو وڃي ۽ پنهنجي حامي ۽ مخالف قوتن کي چڱي نموني سڃاڻجي ۽ انهن جي نشاندهي ڪجي ۽ حامي ۽ مخالف قوتن جي نشاندهي ۽ تعين ڪرڻ جي ڪسوٽي اسان جي خواهشن نه پر زميني حقيقتون هجڻ کپن، ان تي انحصار نه ڪجي ته ڪير چوي ڇا ٿو پر تجزيو ڪجي ته ڪير ڪري ڇا ٿو.[/JUSTIFY] روزانه عوامي آواز 1 مارچ 2011
جواب: سنڌي ٻولي تحريڪ جا مختلف پاسا ۔۔ عبدالخالق جوڻيجو بيشڪ آ جوڻيجي صاحب سان متفق ٿيندي ائين چوندس ته سنڌ جي ڏاهن کي هڪ موثر حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي صرف نيڪ نيتي سان فرض نڀائڻ ڪافي ناهي هوندو ۔۔۔ مون جڏهن ڪراچي ۾ سنڌي ادب سنگت جو ميڙاڪو ڏٺو ته خوشي سان گڏ مايوسي ٿي ڇاڪاڻ ته صرف چند اديب ۽ هڏ ڏوکي ۽ بشير قريشي به پنهنجن ڪجهه ساٿين سان آيل نظر آيو ۔۔۔ جڏهن ته بشير قريشي چاهي ها ته تمام گهڻو عوام ڪٺو ڪري سگهيو ٿي، ٻيو ته سنڌ جا سمورا اديب چاهن ها ته سڀني سنڌ سڄڻن کي ڪٺو ڪري موثر آواز اٿاري سگهيا ٿي ۔۔۔ پر ڪجهه اخباري بيانن کان علاوهه ڪو کڙ تيل نه نڪتو ۽ اهو ڏينهن به آيو ۽ ويو ۔۔۔ جنهن مان ظاهر ٿيو ته سچائي ته موجود هئي پر حڪمت عملي يا منظم سڏ نه ڏنو ويو هو ۔۔۔ انڪري اسين سنڌ سلامت پاران سنڌ جي سڀني سنڌ دوست ڌرين کي هٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪنداسون ته پنهنجا اختلاف وساري گڏ ٿين ۽ سنڌي ٻولي کي جائز مقام ڏيارڻ ۾ ڪردار ادا ڪن۔ لک ٿورا سائين وساڻ صاحب جو سنڌ ۽ سنڌيت سان لاڳاپيل ليک اسان سان ونڊ ڪريو ٿا ۽ اسانجي ڄاڻ ۽ ايمان کي تازو ڪندا رهوٿا ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: سنڌي ٻولي تحريڪ جا مختلف پاسا ۔۔ عبدالخالق جوڻيجو ادا بهترين مضمون آهي ۔ ٿورا اوهان جا ۔ سائين جوڻيجي صاحب تمام سٺي روشني وڌي آهي پنهنجي ٻولي تي