مصر جي 18 ڏينهن واري انقلابي تحريڪ جو ڪو به اڳواڻ نه هو ۽ نه ئي حڪومت خلاف گڏ ٿيندڙ ماڻهن ڪنهن هڪ وجود کي سرپرستي ڪرڻ جو موقعو ڏنو، 82 ورهين جي حسني مبارڪ جي 30 ورهين واري ڊگهي آمريت خلاف روڊن تي نڪري ايندڙ ماڻهن ڳوڙها آڻيندڙ گيس ۽ شيلنگ ڪندڙ گاڏين سميت حڪومتي ۽ فوجي ٽينڪن تي پٿراءُ ته ڪيو پر ڪنهن به ماڻهوءَ ڪو هڪ پٿر به ڪنهن راهه ويندڙ کي نه هنيو، انقلاب لاءِ مٿن تي ڪفن ٻڌي نڪرندڙ نوجوانن سرڪاري دفترن ۽ آفيسز کي ته ساڙيو پر ڪنهن به باغي ماڻهو ڪنهن نجي موٽر سائيڪل، ڪار ۽ گهر کي باهه نه ڏني، ماڻهن جي پيهه ۾ فائرنگ ۽ وڳوڙ ڪندڙن کي انقلاب جي حامين پڪڙي فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن حوالي ته ڪري ڇڏيو پر ڪنهن به وڳوڙي ڪنهن مٿان ڪو به تشدد نه ڪيو، انقلاب دوران گهٽين ۽ بازارن ۾ ڦرن ۽ ڌاڙن کي روڪڻ لاءِ انقلابي ماڻهن پاران ڪميٽيون ته ٺاهيون ويون پر ڪنهن به روڊ تي اچي ٽائرن کي باهه ڏئي ٽريفڪ کي بند نه ڪيو، سرڪاري گاڏين کي اڳتي وڌڻ کان روڪيندڙن 18 ڏينهن جي جدوجهد دوران هڪ لمحي لاءِ به ڪنهن ايمبولينس، ڪنهن پبلڪ ٽرانسپورٽ کي نه روڪيو ۽ نه ئي ڪڏهن ڪنهن ريلوي جي پٽڙين کي اکيڙي انقلاب آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پنهنجي ڌرتي تي تبديلي آڻڻ جو خواب ڏسندڙ لکين ماڻهن پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي رڳو حسني مبارڪ کانسواءِ ڪنهن خلاف به نعريبازي نه ڪئي ۽ نه ئي ڪنهن کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو، تبديلي پسندن جي سوچ کي تبديل ڪندڙ مصر جي لکين ماڻهن ملڪ ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ هڪ ڪلاڪ لاءِ به ڪو هٿيار ۽ ڪو ڏنڊو استعمال نه ڪيو ۽ رڳو 18 ڏينهن ۾ 4 سئو جي لڳ ڀڳ وجودن جي قرباني کانپوءِ 60 سالن کان آمريت جو منهن ڏسندڙ مصر ۾ هڪ اهڙي تبديلي آڻي ڏيکاري جنهن مصر جي 7 ڪروڙ 88 لک کان وڌيڪ ماڻهن جي چهرن تي مرڪون پکيڙي ڇڏيون ۽ پوري آفريڪا جي صحرا سميت عرب دنيا ۾ به خوشيءَ جي هڪ نئين لهر ڊوڙي وئي ۽ نيٺ حسني مبارڪ کي عوامي سمنڊ اڳيان هار مڃي 30 ورهين جي بادشاهي کي ڇڏي شرم الشيخ وڃڻو پيو، مصري عوام جي همت دنيا جي هزارين سالن جي تاريخ ۾ فرانس، جرمني ۽ ايراني انقلاب کانپوءِ هڪ نئين انقلاب جو واڌارو نه ئي سهي پر هڪ تبديلي جو واڌارو ضرور ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي اسان جهڙيون سست، نااهل، تبديلي پسند، انقلاب جا گيت چوندڙ ۽ تشدد ذريعي انقلاب آڻڻ جون اڳڪٿيون ڪندڙ قومون پنهنجي ايندڙ نسل کي مصري تبديلي جون آکاڻيون ٻڌائيندا پر ڇا اسين رڳو ڳاءِ انقلاب ڳاءِ کان اڳتي وڌي سگهنداسين، ڇا اسين سمورا تبديلي پسند ماڻهن واري لسٽ ۾ نالا لکرائڻ کان اڳتي وکون کڻي ملڪ ۾ تبديلي آڻي هڪ نئين دور جي شروعات ڪري سگهنداسين .................!!!!! مصر جي هاڻوڪي انقلاب نه رڳو آفريڪي صحرا ۾ موجود عرب ملڪن جي بکايل ۽ سالن کان ظلم ۽ آمريت جي چڪيءَ ۾ پيسجندڙ عوام کي جاڳايو آهي پر انهيءَ انقلاب جون اڳ ڪٿيون ڏکڻ ايشيا، اوڀر ايشيا، يورپ ۽ خود آمريڪا تائين ڪيون پيون وڃن، مصر تي 30 سالن تائين آمريت ڪندڙ حسني مبارڪ کانپوءِ آمريڪا جي اکين ۾ اکيون ملائيندڙ لبيا جي ڪرنل قذافي خلاف به هڪ نئين جدوجهد شروع ٿي چڪي آهي، 42 سالن تائين ڪرنل قذافي جي ليبل هيٺ آمريت ڏسندڙ ليبيائي ماڻهو به جاڳي پيا آهن ۽ هنن جي ڪاوڙ ايتري ته شديد ٿي وئي آهي جو هنن چڪرين دوران فوجين کي پڪڙي سرعام ڦاهيءَ تي لٽڪائي ڇڏيو، لبيا اندر ڪجهه ڏينهن جي مظاهرن ۾ 6 سئو کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا آهن جڏهن ته مڇريل ماڻهن ڪيترن ئي شهرن تي قبضو ڪري فوج ۽ پوليس کان ڪنٽرول کسي ورتو آهي، لبيائي عوام جي ڪاوڙ کي ڏسندي ڪرنل قذافي جهور پوڙهي جسم کي عرب لباس ۾ اوڍي سرڪاري ٽي وي تي هڪ ڀيرو ٻيهر انقلابي تقرير ڪري ماڻهن کي خاموش ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ته ڪئي پر سالن کان اگهور ننڊ ستل لبيائي ماڻهو ڪٿي ڪرنل قذافيءَ جي تقريرن سان خاموش ٿيڻا هئا، ڪرنل قذافي پنهنجي قربانين کي ياد ڏياريندي عوام کي چيو ته هو نه رڳو لبيا جو صدر آهي پر لبيا جو انقلابي قائد به آهي ۽ هن ڌرتي خاطر هن ڪيئي قربانيون ڏنيون آهن سندس چوڻ هو ته هو حڪومت خلاف اٿندڙ هر بغاوت کي ڪچلي هميشا هميشا لاءِ ختم ڪري ڇڏيندو ۽ مرندو مري ويندو پر هو ڏيهه ڇڏي جلا وطني اختيار نه ڪندو، ڪرنل قذافي ماڻهن کي ياد ڏياريندي چيو ته هو جنهن گهر ۾ رهي ٿو ان گهر مٿان دشمنن جي 40 جنگي جهازن حملو ڪيو هو پر هن مڙسيءَ سان مقابلو ڪيو، هن تبديلي ۽ انقلاب لاءِ مظاهرو ڪندڙن کي موت جي منهن ۾ اڇلائڻ لاءِ فوج کي حڪم ڏيندي چيو ته هو لبيا کي نئون افغانستان ۽ پاڪستان ٿيڻ نه ڏيندو ۽ نه ئي هو آمريڪا کي پنهنجن ارادن ۾ ڪامياب ٿيڻ ڏيندو ۽ هن عوام اڳيان انڪشاف ڪندي چيو ته هو ڄاڻي ٿو ته لبيا جون حالتون ڪجهه ارب اڳواڻ ڪري رهيا آهن جيڪي نه ٿا چاهين ته لبيا هڪ طاقتور ملڪ طور سڃاتو وڃي، انقلاب، تبديلي ۽ مظاهرن جو وائرس نه رڳو لبيا، يمن، الجزائر، بحرين، تيونس، سوڊان ۽ عمان تائين ڦهلجي ويو آهي پر انهيءَ وائرس سعودي عرب ۽ ايران جهڙن ملڪن ۾ به پير کوڙيا آهن ۽ نه ڄاڻ ڇو ۽ ڪيئن پاڻمرادو مسلم دنيا ۽ خاص طور تي عرب دنيا ۾ عوام گهري ننڊ مان سجاڳ ٿي هڪ نئين تاريخ سرجڻ وڃي رهيو آهي ۽ شايد ڪيترن ئي ملڪن ۾ هڪ نئين تاريخ لکجي به وڃي جيڪا نه رڳو اسان جهڙن ملڪن لاءِ مثال هوندي پر تاريخ جو به هڪ اهڙو باب هوندي جنهن کي وقت جا ورق ڪڏهن به تاريخ جي ڪتاب تان ميساري نه سگهندا ۽ يقينا ايران، فرانس ۽ جرمني جي انقلاب جيان عرب دنيا جو هاڻوڪو ٿورن ڏينهن تي مشتمل ڀڄ ڊاهه ۽ قتل و غارت کان پري وارو انقلاب به ايندڙ زماني ۽ تاريخ کان ڪڏهن به نه وسرندو.......................!!!!؟؟ هاڻوڪي دنيا جو جديد مصر 1,001,450 مربع ڪلو ميٽرز کان وڌيڪ رقبي تي ڦهليل 7 ڪروڙ 88 لک کان وڌيڪ آبادي وارو ملڪ آهي، مصر آفريڪا جو سوڊان کانپوءِ ٻيو نمبر وڏو ملڪ آهي جڏهن ته مصر دنيا جي 20 وڏن ملڪن ۾ شامل ٿئي ٿو، مصر جي آبادي ۾ اڪثريت جوانن جي آهي جيڪي مسلسل آمريت کان تنگ ٿي تحرير اسڪوائر تي جمع ٿيا هئا جتي هنن 18 ڏينهن تائين زندگيءَ جون حسين گهڙيون گذاريون، تحرير اسڪوائر تي تبديلي لاءِ گڏ ٿيل 10 لک کان وڌيڪ وجودن هٿن جي زنجيرن ۽ هڪ ٻئي جي ڀاڪرن ۾ رهي جدوجهد ذريعي هڪ اهڙي تبديلي آندي جنهن جو مثال 60 سالن ۾ نه ٿو ملي، انقلاب جي انهيءَ تحريڪ ۾ شامل ڪنهن به ماڻهوءَ اڄ ڏينهن تائين ائين ناهي چيو ته هو تحريڪ دوران مارجي ويل 4 سئو ماڻهن جي رت جو بدلو وٺندا، 10 لک کان وڌيڪ وجودن ۾ ڪو به اهڙو ماڻهو نه هو جنهن ڪنهن ٻئي شخص کي ٻئي ملڪ جو ايجنٽ يا غدار قرار ڏنو هجي، قاهره جي تحرير چوڪ تي گو مبارڪ گو جا نعرا هڻندڙ ماڻهو عيسائي ۽ مسلمان جي فرق بنا رڳو مصري هئا ۽ ڪنهن به ڪنهن کان ائين نه پڇيو ته تون عيسائي آهين يا مسلمان، صدارتي محل اڳيان لانگ بوٽن جي سامهون احتجاج ذريعي انقلاب آڻي ڏيکاريندڙ مصري ماڻهن جي هٿن ۾ سواءِ قومي جهنڊي جي ڪنهن به سياسي پارٽي جو جهنڊو نه هو، ڪنهن به ماڻهوءَ تحرير چوڪ يا صدارتي محل اڳيان احتجاج يا ڌرڻي ڏيڻ جو سڏ نه ڏنو ۽ نه ئي ڪنهن پنهنجي سياست ۽ پارٽي چمڪائڻ خاطر ڪي تجويزون پيش ڪيون ۽ نه ئي وري ڪنهن پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ ڏنو پر ان جي باوجود 30 سالن تائين مصر تي قبضو ڄمائي رکندڙ جهور پوڙهو حسني مبارڪ هليو ويو ۽ 10 لک ماڻهن هڪ ڀيرو ٻيهر ٻهاريون ۽ پاڻي کڻي قاهره جي گهٽين ۽ تحرير چوڪ کي صاف ڪري يوم فتح ملهايو ۽ دنيا کي حسني مبارڪ جي ملڪ ڇڏي وڃڻ کان وڌيڪ حيراني ان ڳالهه تي آهي ته آخر مصري عوام تحرير اسڪوائر سميت پوري شهر جي اهڙي نموني صفائي ڇو ڪئي جڏهن ته تبديلي آڻيندڙ انقلابي جوانن جو چوڻ آهي ته هو هر حال ۾ مصر کي تبديل ڪري ويهندا ۽ صفائي مهم حسني مبارڪ کان جند ڇڏائڻ کان وڌيڪ اهم آهي، ڪيڏي نه عجيب ۽ انقلابي ڳالهه آهي جو هاڻي قاهره ۾ هر روز جوان ڇوڪرا ۽ ناريون رڳو صفائي ڪرڻ لاءِ ئي گڏ ٿين ٿيون ۽ انهن محبتن جي اظهار وارو عالمي ڏهاڙو به وطن ۽ ڌرتيءَ ۾ تبديلي آڻڻ وارن ڏينهن ۾ ملڪ جي محبت ۾ گذاري ڇڏيو هو ....................!!!!!؟؟؟؟ مصر جي 10 لک ماڻهن رڳو هڪ چوڪ تي گڏ ٿي رڳو هڪ ئي شخص خلاف پرامن ۽ ڪنهن به اڳواڻ بنا 18 ڏينهن تائين احتجاج ڪيو ۽ تبديلي آڻي ڏيکاري پر اسان وٽ گذريل ٽن سالن کان رڳو 13 لک تبديلي پسند گڏ ڪرڻ واري ڳالهه تي بحث هلي رهيو آهي ۽ اڃان تائين اهو بحث هلي پيو ۽ نه ڄاڻ ڪيستائين اهو تبديلي وارو راڳ هر هڪ پنهنجي پنهنجي حساب ۽ جهنڊي سان ڳائيندو رهندو، اسان جي پياري امر جليل ڪٿي لکيو هو ته هن ملڪ ۾ سندس ڪتاب ته ڇا پر ايندڙ 5 سئو سالن تائين ڪو به ڪتاب تبديلي نه آڻي سگهندو پر ان جي برعڪس اسان جون ويهارو کن قومپرست، ٽيهارو کن سياسي ۽ چاليهارو کن مذهبي پارٽيون هر روز نئين جوش ۽ جذبي سان ڳاءِ انقلاب ڳاءِ وارو راڳ ڳائين پيون، اسان جي حڪومتي پارٽي جي دعويٰ آهي ته مفاهمتي پاليسي تحت ئي انقلاب ايندو، ن ليگ جي الڳ دعويٰ آهي ته جيڪڏهن سندس ايجنڊا تي عمل ٿي ويو ته تبديلي کي ڪير به نه روڪي سگهندو، ق ليگ انقلابي تيارين ۾ آهي، ايم ڪيو ايم جو ته ڄڻ نصب العين ئي تبديلي ۽ خوني انقلاب آهي، جماعت اسلامي جو مطالبو آهي ته آمريڪي غلامي کان نجات ۾ ئي آزادي ۽ انقلاب آهي، تحريڪ انصاف جو سڄو ڌيان تبديلي جي پلاننگ تي آهي، فنڪشنل ليگ، جمعت علماءِ اسلام ته ڄڻ هن رياست جون والي وارث ۽ تبديلي جون جانشين هجن ۽ قومپرست پارٽين جا انڪشاف ۽ اڳڪٿيون ئي پنهنجون ۽ اچرج ۾ وجهندڙ آهن اهڙي صورتحال ۾ اسين سڄي قوم کي ته ڇا پر واقعي به 13 لک تبديلي پسندن کي به گڏ نه ڪري سگهنداسين ۽ جيڪڏهن اتفاق سان ايترا تبديلي پسند ماڻهو گڏ به ٿي ويا ته اهي ڪير هوندا ؟ ڇو جو اسان وٽ وڏو الميو اهو آهي ته هت ڪو به پاڪستاني ناهي، اسين رڳو قومن، علائقن ۽ نسلن ۾ تقسيم ٿيل اهي ماڻهو آهيون جيڪي پنهنجي سڃاڻپ لاءِ پريشان آهن، تبديلي، انقلاب ۽ آزادي جي راڳ تي نچندڙ ماڻهن ۾ 5 ڪروڙ کان وڌيڪ سنڌي، 8 ڪروڙ کان وڌيڪ پنجابي، 4 ڪروڙ کان وڌيڪ پٺاڻ ۽ 4 ڪروڙ کان وڌيڪ بلوچ آهن ۽ وري جيڪڏهن بي خبريءَ ۾ 13 لک کن ماڻهو گڏ ڪرڻ ۾ ڪاميابي ملي به وئي ته انهن جي هٿن ۾ جهنڊو ڪهڙي پارٽي جو هوندو، انهن جي اڳواڻي ڪير ڪندو، انهن جي احتجاج جو مرڪز ڇا هوندو، اهي ڪهڙن ڪهڙن قومي ادارن کي تباهه وبرباد ڪندا، اهي ڪيترا روڊ بلاڪ ڪري ڪيتري پبلڪ ٽرانسپورٽ کي ساڙيندا، ڪيترن ڏينهن تائين خاموش احتجاج ۽ پوءِ تشدد ۽ وڳوڙن وارو ڌرڻو هڻندا ۽ ڪيترن ڏينهن تائين اسپتالون، اسڪول ۽ بازارون بند ڪري رهيل عوام کي به موت جي منهن ۾ اڇلائي انقلاب ۽ تبديلي جي جنگ وڙهي ويندي، ڇا آهي ڪوئي هن ملڪ ۾ اهڙو ماڻهو، ڪا اهڙي پارٽي، ڪو اهڙو گروهه ۽ ڪا اهڙي طاقت جيڪا تبديلي ۽ انقلاب لاءِ انهن سڀني ڳالهين کي پاسيرو رکي ملڪ ۾ پر امن ۽ مثبت تبديلي ۽ انقلاب آڻي.................!!!!!!؟؟؟؟ حوالو