ننڍي هوندي شرارتي هوندو هيم ۽ جڏهن وحيد بابا کان پئسا وٺي چاڪليٽ کائيندو هيو ته کانس کان کسي چوندو هيم ته چاڪليٽ کائڻ سان تنهنجا ڏند خراب ٿيندا ۽ پيٽ ۾ سور پوندو۔۔۔۔ شريف وحيد منهنجي چالاڪي ۽ شرارت کي سمجهي ئي نه سگهندو کيس اها به خبر نه پوندي هئي ته مان به چاڪليٽ کائڻ جو ڏاڍو شوقين آهيان..... اڄ جي دور ۾ طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته کير مان ٺهيل چاڪليٽ کائڻ سان دماغ جي سگهه ۾ اضافو ٿيندو آهي۔۔۔ چاڪليٽ ۾ شامل جزا دماغ کي حرڪت ۾ رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا۔۔۔۔ وليلنگ جسٽ يونيورسٽي اولهه ورجينا ۾ ٿيڻ واري هن تحقيق جي پروفيسر ڊاڪٽر برين روڊن بش جي مطابق چاڪليٽ جي استعمال سان دماغ وڌيڪ متحرڪ، هوشيار ۽ ڪنهن ڳالهه کي ياد رکڻ ۾ انتهائي مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو۔۔۔ هن تحقيق جي دوران مختلف قسمن جي چاڪليٽن کي استعمال ڪري مشينن جي مدد سان دماغ جي حرڪتن کي نوٽ ڪيو ويو جنهن سان ثابت ٿيو ته چاڪليٽ جو استعمال ياداشت کي بهتر بڻائي سگهي ٿو۔۔۔۔۔
ادا رشيد سمون صاحب يار پاڻ چاڪليٽ اصلي کائون ئي ڪونه۔۔۔ اسان جي دماغ کي صرف پان ۽ سگريٽ ئي متحرڪ رکي سگهن ٿا۔۔۔ باقي اهي سڀ ٻاراڻيون شيون آهن۔۔۔۔۔ مٺڙا مڙوئي مذاق پيو ڪريان جاني اوهان جي تحرير تمام پياري آهي۔۔ وڌيڪ خوشنصيب اهي دوست آهن جيڪي چاڪليٽ گهڻا کائيندا آهن۔۔۔۔ باقي يار پنهنجي سنگت پان سان گهڻي اٿئي۔۔۔۔۔ جيڪر کائين ته صلاح اٿئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ادا رشيد تمام سٺي ڄاڻ ڏني اٿو ان ڄاڻ ڏيڻ لا۽ مهرباني ادا مون لا۽ چاڪليٽن جا 10 ، 11 دٻا وٺي موڪلي ڇڏيو ته توهان جي مهرباني ٿيندي lajwab-sharing hall charihall charihall charihall chari sindhsalamatsaathsal
ادا رشيد تمام بهترين شيئرنگ آهي ، مٺا توهان جي اهڙين ناياب پر دل کي ڇرڪائيندڙ شيئرنگس جو بي چيني سان انتظار رهندو. ادا تون چئين ته سچ ٿو، پر.......؟
ادا وهاب ياد ڪر هڪڙي ڏينهن اوهان فقير کي دعا ڪئي هئي ته الله سائين 12 پٽيتو ڪندئي۔۔۔ هاڻي ڏي خبر ته فقير سائين ادا رشيد سمون کان 10 ، 11 دٻا چاڪليٽن جي صحيح ڊيمانڊ ڪئي آهي۔۔۔۔۔ جيڪڏهن ڪو اوهان کي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هجي ته پوءِ اوهان فقير سائين کي منٿ ڪجو۔۔۔
زبردست ادا رشيد، ادا چاڪليٽ رڳو دماغ جي توانائي به نه ٿو وڌائي بلڪي هڪ دل کي ٻي دل سان پڻ ملائي ٿو hall chari
ادي رنجيت جو دماغ ڀلي ڇونه پلاسٽڪ جو هجي پر چاڪليٽ جا ڪجه فائدا آهن ته کوڙ ساترا نقصان پڻ آهن ... جهڙوڪ، ڏندن جون بيماريون، دل جون بيماريون ۽ فشار خون يعني بلڊ پريشر جون بيماريون پڻ وڌائي ٿو ... انڪري ڏاها ٿيو ... هروڀرو سڄو ڏينهن چاڪليٽ نه کائجو نه ته چاڪليٽي ٿي ويندا ۽ اوهانجي هر ڪم ۾ چاڪليٽي اثر ٿي پوندا ... دل سان دل جي ملائڻ جا کوڙ ساترا طريقا آهن ... دل تو پاگل هي ... ۽ چرين کي ريجهائڻ ڪڏهن سولو ته ڪڏهن ڏکيو هوندو آهي ۽ چريا ڪڏهن چاڪليٽ تي ته ڪڏهن ڀڳڙن تي به ريجهجي ويندا آهن ... shal judy hujeen
ادا واقعي توهان جي ڳالھ ته صحيح آهي پر ادا رشيد جو چوڻ آهي ته چاڪليٽ دماغ جي توانائي وڌائي ٿو، ان ڪري ته اِهو چرين کي ڏنو پيو وڃي نه۔ asul matt