عرس پريو
سينيئر رڪن
محبوب موج تنهنجي مستي نه ٿي پوي،
سنجيدگي لکڻ جي سستي نه ٿي پوي۔
تون جام جام تي ٿو هٿ ساڻ پاڻ پيارين،
غلطان ٿي ڪٿي ڪا غلطي نه ٿي پوي۔
سنڌوء کان سِينڌ سُهڻي، ڌرتيء کان دل ڪشادي،
سنسار، سا ته منهنجي سرتي نه ٿي پوي،
ڀڙڪن هزار بجليون، تنبن لکين تباهيون،
برباد رنگ بو جي بستي نه ٿي پوي۔
استاد سان اُتوتي ايڏو نه ٿي زمانا!
اڳتي هلي هي تنهنجو سنگتي نه ٿي پوي!
سنجيدگي لکڻ جي سستي نه ٿي پوي۔
تون جام جام تي ٿو هٿ ساڻ پاڻ پيارين،
غلطان ٿي ڪٿي ڪا غلطي نه ٿي پوي۔
سنڌوء کان سِينڌ سُهڻي، ڌرتيء کان دل ڪشادي،
سنسار، سا ته منهنجي سرتي نه ٿي پوي،
ڀڙڪن هزار بجليون، تنبن لکين تباهيون،
برباد رنگ بو جي بستي نه ٿي پوي۔
استاد سان اُتوتي ايڏو نه ٿي زمانا!
اڳتي هلي هي تنهنجو سنگتي نه ٿي پوي!