اسلام عليڪم دوستو اميد ته توهان سڀ ٺيڪ هوندا دوستو اڄ مان توهان جي لاء دنيا جا عجيب و غريب بس اسٽاپ جون ڪجهه تصويرون شيئر ڪري رهيو آهيان اميد ٿو ڪريان ته توهان کي ضرور پسند اينديو. توهان جي راء جو انتظار رهندو. پنهنجي قيمتي راء کان ضرور آگاهه ڪندا ...
جواب: دنيا جا عجيب بس اسٽاپ. تمام خوبصورت بس اسٽاپ آهن ۔ بهترين پر يار گلال جي ٿوري ڪوشش ڪري هن کي سنڌي ترجمو ڪري پيش ڪيو ها ته اصل چار چنڊ لڳي وڃن ها
جواب: دنيا جا عجيب بس اسٽاپ. اسلام عليڪم ادا توهان جي مهرباني جو توهان منهنجي ٿريڊ کي پسند ڪيو مان ڪوشش ڪندس ته ان جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيان
جواب: دنيا جا عجيب بس اسٽاپ. تمام بهترين ونڊ آهي اهو دبئي وارو اسٽاپ ته واه جو پسند آيو بهترين ڪوشش اهي انهن حڪومتن جي عوام لا۽ ۽ هتي ان جي برعڪس آهي اونهاري جي تيز گرمي ۾ صرف چار ديوارون اهي به ٽٽل ........... جاري رکجو سدائين گڏ
جواب: دنيا جا عجيب بس اسٽاپ. بهترين ڪوشش اهي انهن حڪومتن جي عوام لا۽ ۽ هتي ان جي برعڪس آهي جيڪڏهن هتي ائين هجي ته ماڻهو سيٽون به ڪڍي کڻي وڃن ها۔
جواب: دنيا جا عجيب بس اسٽاپ. واه سائين واه، لارين جي بيهڻ جون جايون ٺاهوڪيون آهن، اهڙا اڏا اسان وٽ هجن ته ڇا ڳالهه آهي، پر ترقي پذير ملڪن جا ماڻهون آسمان جي مخلوق آهن، پنهنجي ملڪ جا ماڻهون زمين جا رهواسي ۔۔۔ اهڙا لاري اڏا تڏهن ٺهندا آهن جڏهن قومي سوچ جو معيار اعلا ٿيندو آهي، ڇا پاڻ وٽ ممڪن آهن؟ سٺو ونڊ آهي
جواب: دنيا جا عجيب بس اسٽاپ. واھ سائين واھ۔۔۔اسان وٽ اسٽاپ تي بيهڻ سان نڪ تي هٿ ڏئڻو پوندو آهي۔۔۔۽ اسان وٺ هلندڙ گاڏين جي ڇا ڳالھ ڪجي۔۔۔هل۔۔۔سائين۔۔اڃان چون ٿا۔۔ڇونه ٿا اوهان پاڪستان جو نارو هڻووووو۔۔۔نارو به۔۔۔ڇا هڻجي۔