ڪڏهن ته آ اک جو ڪجل زندگي

جاويد نواز

سينيئر رڪن
غزل
ڪڏهن ته آ اک جو ڪجل زندگي
ڪڏهن ته آ ڪينجهر ڪنول زندگي

ڪڏهن ٿي هو موهن دڙي جان لڳي
ڪڏهن آ ته مومل محل زندگي

ڪڏهن جنوري رات جان هو ٿڌي
ڪڏهن شمس وانگي تتل زندگي

ڪڏهن ته هو ڀرندي ڀُري ٿي وڃي
ڪڏهن ته آ پختو جبل زندگي

ڪڏهن شرم ٻوٽي جان بند ٿي وڃي
ڪڏهن مکڙي وانگي کليل زندگي

ڪڏهن ته هو خارن جان ٿي لڳي
ڪڏهن آ گلاب جو گل زندگي

ڪڏهن ٽوهه جان هو زهر ٿي لڳي
ڪڏهن ته آ مٺڙي ڪتل زندگي

ڪڏهن ٿي هو ڀونئري جان ڦرندي وتي
ڪڏهن ته جاويد آ ستل زندگي

جاويد نواز
دعائن ۾ ياد
 
جواب: ڪڏهن ته آ اک جو ڪجل زندگي

ڪڏهن ٿي هو موهن دڙي جان لڳي
ڪڏهن آ ته مومل محل زندگي

ادا تمام بهترين۔۔۔
 
Back
Top