يهودين جي اجتماعي نسل ڪشيءَ جي حقيقت

'مختلف موضوع' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 مارچ 2011۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    يهودين جي اجتماعي نسل ڪشيءَ جي حقيقت


    حبيب سنائي


    ويجھڙ ۾ ايراني صدر ٻه ٽي ڀيرا اهو ورجايو آهي ته يهودين جو هولوڪاسٽ Holocost نامي سانحي ۾ نسل ڪشي ۽ قتل عام وارو قصو جڙتو آهي.

    اسان جا يهودي ڀائر اهو باور ڪرائيندا آهن، ته هٽلر جي دور اقتدار ۾ لکين يهودي آسوچز Auswitchez جهڙين ڪئمپن ۾ واڙي، گئس چئمبرن ۾ ماريا ويا.

    آمريڪا ۾ هڪ ادارو انسٽيٽيوٽ آف هسٽوريڪل رويو www.ihr.org جي نالي سان آهي، جنهن جو مکيه مقصد اهو ثابت ڪرڻ پئي رهيوآهي ته يهودين کي گئس چئمبرن ۾ واڙي لکين تعداد ۾ مارڻ وارو قصو ڏند ڪٿا آهي. ان اداري جي ڊائريڪٽر ۽ اداري پاران نڪرندڙ رسالي جي ايڊيٽر مارڪ ويبر پنهنجي هڪ مضمون بعنوان ”آسوچز ڏندڪٿائون ۽ حقيقتون“ Auswichitz: Myths and Facts ۾ ٻڌايو آهي ته بيشڪ انهن ڪئمپن ۾ وڏي تعداد ۾ يهودي مئا هئا، پر انهن مان اڪثريت ٽائپس Typhus نامي بيماريءَ جي سبب اجل جو شڪار ٿي، نڪي گئس چئمبرن ۾ واڙي ماري ويئي. ٻي عالمي جنگ بعد نيوروبرگ واري عدالتي ٽريبيونل ۾ آمريڪي ۽ ٻين اتحادين (جن کي الائيز Allies جي نالي سان سڏيو ٿي ويو) الزام هنيو ته جرمنن نازي عذاب گھرن ۾ 40 لک يهودي ماريا آهن. اهو انگ ڪافي سالن تائين قبوليو ويو. سال 1989ع ڌاري هولوڪاسٽ جي اسرائيلي مورخ يهودا بوئر Yehuda Baur تسليم ڪيو ته 40 لکن وارو انگ جڙتو ڏند ڪٿا آهي. هولوڪاسٽ جي هڪ ٻئي مورخ جيرالڊ ريٽلنگر لکيو ته ست لک يهودي آسوچز ڪئمپن ۾ ماريا ويا. ان مضمون ۾ مارڪ ويبر اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته آسوچز ڪئمپن اندر گئس چئمبرن يا بجلي جي ڪرنٽ سان يهودين کي نه ماريو ويو آهي، پر اتي جا اڪثر ماڻهو بيمارين ۽ موسم وگھي ماريا ويا آهن.

    بهرحال اهو طيءِ آهي ته ٻي عالمي جنگ ۾ يهودين سان جرمني اندر ناروا سلوڪ اختيار ڪيو ويو ۽ کين ڪنسٽريشن ڪئمپن Concentration Camps ۾ واڙيو ويو. يقينن هر انصاف پسند ان عمل جي نندا ڪندو. اسان جي هن مضمون جو مقصد يهودين سان ٿيل ظلمن جو دفاع ڪرڻ نه آهي، پر اهو جائزو وٺڻو آهي، ته ڪيئن اسرائيلي لابي يا صيهيوني ڌريون انهن ظلمن جي قصن کي ورجائي پنهنجي زيادتن جو جواز بنائين ٿيون.

    اسرائيلن جي ويجھي تاريخ تي نظر وجھڻ کان اڳ ضروري آهي ته انهن جي ابتدائي تاريخ تي ڪجھه نگاه وجھجھي.

    علي عباس جلالپوري پنهنجي ڪتاب ”تاريخ تمدن اقوام“ جي هڪ باب ”بني اسرائيل“ ۾ لکيو آهي ته بني اسرائيل کي شروع ۾ عبراني چوندا هئا. لفظ عبراني جو جڙ عبر آهي، جنهن جي معنيٰ آهي پار ڪرڻ يا عبور ڪرڻ. حضرت ابراهيم يرون درياءَ کي پار ڪري فلسطين پهتو هو، ان ڪري هن قوم کي عبراني چيو ويو.

    حضرت ابراهيم جي هت آمد کان نو سؤ سال اڳ ڪريٽ جزيري جي گاديءَ واري هنڌ ڪنوسس کي جڏهن دشمنن تباه ڪري ڇڏيو، تڏهن ان جا رهواسي ڀڄي اچي بحيره روم جي ڪناري تي آباد ٿيا. مصري انهن کي فلسطائن سڏيندا هئا، تنهن ڪري انهن پنهنجي نئين وطن جو نالو فلسطيه رکيو، جو اڳتي هلي فلسطين سڏجڻ لڳو. ان ملڪ ۾ سالم نالي سان شهر آباد هو، جنهن کي بعد ۾ يروشلم جو نالو ڏنو ويو.

    حضرت ابراهيم عليه السلام جي ٻنهي گھروارين مان پٽ وارو يعني نرينه اولاد ٿيو. بيبي هاجره مان حضرت اسماعيل عليه السلام، ۽ بيبي ساره مان حضرت اسحاق عليه السلام پيدا ٿيو. حضرت اسحاق کي عيسو ۽ حضرت يعقوب عيله السلام نالي پٽ ٿيا. اسرائيل حضرت يعقوب جو لقب بنيو. ان جي ٻارهن پٽن جي اولاد اڳتي هلي بني اسرائيل طور مشهور ٿي.

    بني اسرائيل وارا جھڳڙالو ۽ هٺ ڌرم هئا ۽ هر وقت بغاوت ۽ شورش لاءِ تيار هوندا هئا. يهوا (خدا جو يهودي نالو) انهن کان ناراض ٿي کين چاليهه سالن تائين صحرائن ۾ ڀٽڪڻ جي سزا ڏني.

    يهودين جي مقدس ڪتابن موجب هو خدا تعاليٰ جي چونڊيل قوم آهن ۽ فلسطين وارو علائقو انهن کي خدا تعاليٰ جي طرفان عنايت ٿيل آهي.

    ”خداوند حضرت موسيٰ کي چيو ته جڏهن توهان يردن کي پار ڪري ڪنعان ملڪ ۾ داخل ٿيو ته توهان اتان جي رهواسين کي ڪڍي ڇڏجائو ... توهان ان ملڪ تي قبضو ڪري ان ۾ رهجائو، ڇو ته اهو ملڪ مون اوهان کي ڏنو آهي ته جيئن اوهان ان جا مالڪ بنجو.“ (گنتي)

    ”توهان خداوند لاءِ هڪ مقدس قوم آهيو. توهان جي خدا توهان کي روءِ زمين جي ٻين سڀني قومن ۾ چونڊيو آهي ته جيئن اوهان انجي خاص امت بنجو....“ (استثناء)

    صيهونيت ڇا آهي؟

    عيسائيت جڏهن حاڪمن جو مذهب ٿي ته يورپ جي ملڪن ۾ وسندڙ يهودين لاءِ ڏکيا ڏينهن شروع ٿيا. انهن مان ڪيترن ڀڄي اچي مسلمان حڪمرانن وٽ پناه ورتي. ڪافي يهودي ته دربار جي اهم عهدن تي به رهيا. اڄ ڪلهه عيسائي ۽ يهودي پاڻ ۾ ٻٽ نظر اچن ٿا، پر ماضيءَ ۾ ڪئٿلڪ عيسائين پاران نه رڳو پروٽيسٽنٽ عيسائين تي پر يهودين تي سخت ظلم ڪيو ويندو هو، ۽ ان جي ڀيٽ ۾ مسلمان حڪمرانن انهن کي عزت ۽ آبرو پئي ڏني آهي. پر هاڻي تاريخ جي ستم ظريفي اها آهي ته يهودي ۽ مسلمان هڪ ٻئي جا سخت ويري بنجي ويا آهن. انهيءَ باه کي وڌائڻ ۾ صيهوني تحريڪ جو وڏو رول رهيو آهي. تنهن ڪري اچو ته پهرئين ان تحريڪ متعلق ڄاڻ حاصل ڪريون. محترم رئوف نظاماڻي صاحب هڪ ڪتاب ”فلسطين ۽ سامراج“ ٻه ڏهاڪا اڳ لکيو هو، تنهن ۾ هن تحريڪ تي ڪجھه روشني وڌل آهي. ان ڪتاب جو اهو حصو پيش نظر آهي:

    ”سياسي تحريڪ جي حيثيت ۾ انهيءَ جو بنياد اُوڻهين صدي جي پوئين حصي ۾ اڀرندي ۽ وچ يورپ ۾ پيو. انهيءَ تحريڪ جو مقصد، يهودين جي مذهبي عقيدي کي، قوميت جو رنگ ڏيئي نوآباديات جي نئين هٿيار طور استعمال ڪرڻ هو.

    ”فلسطين موٽڻ جو تصور، مذهبي خيال کان يهودين لاءِ هميشه کان ڪشش رکندو آيو آهي. مختلف وقتن تي اهڙا مختلف ماڻهو سامهون ايندا رهيا، جن پاڻ کي مسيحا سڏائي يهودين سان اهو وچن ڪيو ته هو فلسطين هلڻ ۾ سندن رهنمائي ڪندا. انهن مسيحائن مان سورهين صدي جي پهرئين حصي ۾ ڊيوڊ ريوباني ۽ سندس شاگرد سولمون مالچو ۽ سترهين صديءَ ۾ سامهون ايندڙ ترڪيءَ جو هڪ رهاڪو سبباتائي زيبو، مسلمان ٿيڻ کان پوءِ به يهودين لاءِ قابل تقليد رهيو.

    ”ارڙهين صدي جي پوئين حصي ۾ يورپ ۽ آمريڪا ۾ روشن خيالي جي زور وٺڻ ڪري، يهودين کي به ٻين شهرين وانگر هڪجيترا شهري حق ڏنا ويا ۽ ساڻن ٿيندڙ ٻئي درجي جي شهري وارو اهو سلوڪ ختم ڪيو ويو، جيڪو انهي کان پهرين ساڻن روا رکيو ويو هو. حالتن جي بدلجڻ جو اثر اهو ٿيو، جو صيهونت کي شروعات ۾ يهودين جي وڏي اڪثريت پاران ڪا مؤثر موٽ ملي نه سگھي. ان وقت سندن خيال هو ته مذهبي عقيدن جي بنياد تي، قوم پرستيءَ کي زور وٺائڻ جي بدران بهتر آهي ته نون ترقي پسند نظرين ۽ خيالن کي پنهنجو ڪجي ۽ معاشري جي ٻين فردن سان گڏجي گڏيل سماجي انصاف لاءِ جاکوڙ ڪجي. اهوئي سبب هو جو موسس هيسل جي 1862 ۾ لکيل ڪتاب ”روم ۽ يروشلم“ کي، جنهن پهريون ڀيرو صيهونيت کي هڪ نظرئي طور پيش ڪيو هو ۽ جنهن کي اڳتي هلي ڪافي اهميت حاصل ٿي، ان وقت ڪا خاص موٽ نه ملي سگھي. انهي ڪري ئي آمريڪا ۾ 1961 ۾ رهندڙ اٽڪل ٽيهه لک يهودين ۾ صيهونيت لاءِ همدردي گھٽ هئي....

    ”اوڻهين صديءَ جي آخر کان ئي اڀرندي يورپ ۽ روس مان وڏي پيماني تي يهودي آبادي جي لڏپلاڻ شروع ٿي ويئي. سبب اهو ته انهن ملڪن جي حڪمرانن پاران عوامي تحريڪن جي زور کي ختم ڪرڻ لاءِ تضادن کي مذهبي رخ ڏيئي، باقاعده هڪ پاليسي طور يهودي آباديءَ کي نشانو بنايو ويو. ڇاڪاڻ ته يهودي مذهبي ٿورائي هئڻ سان گڏو گڏ پنهنجي صدين جي پيڙا ۽ مصيبتن جي ڪري معاشري جي ٻين حصن جي ڀيٽ ۾ نسبتاً وڌيڪ ترقي پسند هئا، ۽ ترقي پسند نظرين ڏانهن تمام جلد مائل ٿيندڙ هئا.

    ”انهي سڄي صورتحال کي يورپ ۽ آمريڪا جي يهودي ۽ غير يهودي سرمايه دار، يهودين جي نالي هڪ سياسي تحريڪ جي حيثيت ڏيئي پنهنجن مقصدن جي پورائي لاءِ استعمال ڪرڻ جي رٿابندي ڪرڻ شروع ڪئي. پراڻي بيت المقدس ۾ يهودين جي لاءِ مذهبي طور مقدس جبل Zion جي لفظ کي انهيءَ تحريڪ جي نالي لاءِ چونڊيو ويو. هڪ آسٽريائي صحافي ٿيوڊر هرزل کي ان سڄي ڪم کي منظم ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو. 1896ع ۾ هرزل انهيءَ مقصد لاءِ، ”يهودي رياست“ نالي هڪ ڪتاب لکيو. آگسٽ 1897ع ۾ سندس پاران سوئٽزرلئنڊ ۾ پهرئين صيهوني ڪانگريس ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو ويو، جنهن موجب:

    ’صيهونيت جو مقصد آهي ته فلسطين ۾ يهودين کي مستقل طور آباد ڪجي ۽ کين رياستي قانون ذريعي محفوظ پڻ ڪجي.

    انهي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هي طريقا استعمال ڪيا ويندا.

    1. يهودين کي مناسب نموني دستڪارن، زراعت پيشي ۽ واپارين جي حيثيت ۾ فلسطين ۾ آباد ڪيو وڃي.

    2. هر ملڪ جي قاعدن موجب مناسب مقامي ۽ غيرمقامي ادارا قائم ڪري دنيا جي سڀني يهودين جي تنظيم ۽ منجهه ايڪو پيدا ڪرڻ.

    3. يهودي هئڻ جي خيال ۽ انهيءَ بنياد تي قومي شعور کي هٿي وٺائڻ.

    4. شروعاتي قدم طور پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ سرڪاري اجازت حاصل ڪرڻ.

    پروگرام ۽ مقرر ڪيل مقصد مان اها ڳالهه چٽيءَ ريت سامهون آئي ته سامراجي قوتون صيهونيت کي فاشزم جي هڪ شڪل ۾ پيش ڪرڻ چاهين ٿيون.

    انهيءَ سڄي ڪم کي منظم ڪرڻ لاءِ ڪانگريس پاران عالمي صيهوني تنظيم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو. انهيءَ تنظيم جي عمل کي هرزل طرفان ائين بيان ڪيو ويو ته ”جن وٽ زمين نه آهي تن جي اهڙي زمين تي پرامن آبادڪاري، جتي آبادي ڪونهي.“ اها ڳالهه ٺهڪندڙ انهيءَ ڪري ڪونه هئي جو فلسطين ۾ هزارين سالن کان ماڻهو رهندا پيا اچن. انهيءَ ڪري هرزل اڳتي انهيءَ جي وضاحت ڪندي لکيو ته ”جڏهن اسان فلسطين تي قابض ٿينداسين، تڏهن اسان اتان جي زمين جا مڪمل مالڪ ٿي پونداسين. ڇاڪاڻ ته وڏا زميندار پاڻهي اسان وٽ هلي ايندا ۽ اسان کي ڏنل قيمتن عيوض پنهنجي رضا خوشيءَ سان، پنهنجي زمين وڪرو ڪري ڏيندا، ساڳي طرح غريب ماڻهن کي زوري سندن زمين تان تڙيو ويندو. باقي بچيل مقامي آبادي کي آهستي آهستي اهڙن علائقن ۾ موڪليو ويندو، جتي نانگ ۽ ٻيا جھنگلي جانور رهن ٿا، جتي بيمارين جا گھڻا امڪان آهن ۽ جتي زمين ٺوٺ ۽ ڌٻڻ واري اهي. انهيءَ طريقي سان عربن ۾ موت جو تناسب وڌي ويندو.“ هڪ انتهاپسند صيهوني اڳواڻ ولاديمر جيبوٽئسڪي انهيءَ ڳالهه کي وڌيڪ چٽو هن ريت ڪيو ته ”اسانجي نوآبادڪاري لازمي طور تي اتان جي اصولڪن رهاڪن جي مرضي خلاف هئڻ گھرجي. انهيءَ ڪم کي رڳو طاقت جي زور تي جاري ۽ اڳتي وڌائي سگھجي ٿو.“

    انهيءَ تحريڪ پاران فلسطين متعلق پنهنجي نوآبادياتي رٿا کي پوري ڪرڻ لاءِ هر حيلو هلايو ويو ۽ مختلف طاقتن سان مختلف نوعيت جا لاڳاپا قائم ڪيا ويا. هڪ پاسي ترڪي جي خليفي کي اها آڇ ڪئي ته هو اگر فلسطين هنن جي حوالي ڪري ته موٽ ۾ کيس ترڪي جي انتظام لاءِ گھربل رقم ڏني ويندي. ٻي پاسي جرمني جي قيصر کي پنهنجي حمايت جي پڪ ڏياري ويئي، ۽ روسي ۽ پولينڊ جي يهودين کي اها هدايت ڪئي ويئي ته هو حمله آور جرمن فوجن جو ساٿ ڏين. پهرئين عالمي جنگ بعد صورتحال واضح ٿي. برطانوي سرڪار انهي رٿا کي پوري ڪرڻ لاءِ پهرئين قدم طور، برطانوي صيهوني اڳواڻ هربرٽ سيموئل کي فلسطين جو هاءِ ڪمشنر مقرر ڪيو.

    آخرڪار اسرائيل قائم ٿيو پر عظيم اسرائيل وارو مرحلو مڪمل نه ٿيو آهي. صيهوني طاقتون ايتريون ته سگھاريون آهن جو سڄي دنيا لاءِ بنيل وڏيرو آمريڪا به ان جو غلام بنيل آهي. آمريڪا اندر صيهوني يا اسرائيلي ڌرين جو جيڪو اثر آهي. ان جي لاءِ اسان تازو شايع ٿيل مقالي بعنوان ”اسرائيلي لابي“ مان ڪجھه ٽڪرا پيش ڪريون ٿا. ياد رهي ته اهو مقالو آمريڪا جي ٻن يونيورسٽين جي پروفيسرن جو لکيل آهي. هڪ جو نالو آهي پروفيسر جان ميرشمير، جيڪو شڪاگو ۾ پوليٽڪل سائنس جو پروفيسر آهي، ۽ ٻيو اسٽيفن والٽ آهي، جيڪو هاورڊ يونيورسٽي ۾ انٽر نيشنل افيئرز جو پروفيسر آهي. هن مقالي جو ايڊيٽيڊ ورشن لنڊن بڪ رويو جي سائيٽ تي ۽ مڪمل ورشن http://papers.ssm.com/abstract=891198 تي پيل آهي.

    ”آڪٽوبر 1973ع واري جنگ کان وٺي آمريڪا اسرائيل کي ايتري امداد ڏني آهي، جو ٻي امداد ان جي ڀيٽ ۾ تڇ ٿي لڳي. ٻي عالمي جنگ کان وٺي 140 بلين ڊالر اسرائيل کي مليا آهن. ساليانو کيس 3 بلين ڊالر سڌي امداد طور ڏنا وڃن ٿا. يعني هرهڪ اسرائيلي لاءِ پنج سو ڊالر امداد طور ڏنا وڃن ٿا. جڏهن ته اسرائيل جي في ڪس آمدني اسپين ۽ سائوٿ ڪوريا جيتري آهي... ٻين ملڪن کي ٽماهي قسطن ۾ امداد ملندي آهي، پر اسرائيل کي سال جي شروع ۾ سڀ پئسا ڏنا ويندا آهن، جن تي هو وياج ڪمائي ٿو. ٻين ملڪن کي ملٽري امداد لاءِ مشروط ڪيو ويندو آهي ته اهي خريداري آمريڪا ۾ ڪندا پر اسرائيل کي اها اجازت آهي ته هو ان رقم جو 25 سيڪڙي تائين پنهنجي دفاعي صنعت جي سبسڊي طور خرچ ڪري. ٻي طرف نه رڳو ان کي جديد جنگي هٿيار ڏنا ويا آهن، پر 3 بلين ڊالر ڏنا ويا آهن ته جيئن هو پاڻ جنگي هٿيار ٺاهي.

    آمريڪا 1982 کان وٺي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ اسرائيل مخالف ٺهرائن کي ختم ڪرڻ لاءِ 32 ويٽو استعمال ڪيا اهن.

    آمريڪا جي آمريڪي يهودين ڪافي تنظيمن جي مدد اهڙو ماحول جوڙيو آهي، جو جيڪر ڪو ڪانگريس جو ميمبر يا ٻيوشخص اسرائيل جي پاليسين تي هلڪي به تنقيد ٿو ڪري ته ان تي ايڏي وٺ پڪڙ ٿي ٿئي، جو ٻيهر اهي چونڊجي نٿا سگھن. انهن تنظيمن ۾ هڪ تنظيم جو نالو آهي ”آمريڪن اسرائيل پبلڪ افيئرس ڪاميٽي“ American-Israel Public Affairs Committee (AIPAC). اسرائيل جي وزيراعظم ايرئيل شيرون چيو هو ته مون کان آمريڪي پڇندا آهن ته هو اسرائيل جي ڪيئن مدد ڪن ته آئون کين چوندو آهيان ته اهي AIPAC جي مدد ڪن.

    آمريڪي ڪانگريس جا ميمبر يا ان جي عملي وارا ڪنهن معلومات لاءِ پهرئين AIPAC ڏنهن رجوع ڪندا آهن، پوءِ ڪانگريس لائبرري يا ٻين ماهرن سان ملندا آهن. انهن تنظيمن جا ڪارندا سرڪاري آفيسن ۾ ڀرتي ٿيل آهن. ان کان علاوه اهي تنظيمون تقريرون لکڻ، قانونسازي وغيره ۾ مدد ڪنديون آهن.

    يهودي جيتوڻيڪ آبادي جو ٽي سيڪڙو آهن، پر اهي آمريڪا جي ٻنهي پارٽين جي اميدوارن کي سڀ کان وڌيڪ عطيات يا ڊونيشن ڏيندڙ آهن. واشنگٽن پوسٽ ڪنهن وقت رٿيو هو ته صدارت لاءِ ڊيموڪريٽڪ اميدوار کي گھربل اليڪشن رقم جو انحصار 60 سيڪڙو يهودين تي رهي ٿو. هڪ پاسي هو ووٽن ۾ ڀرپور حصو وٺن ٿا، ۽ ٻيو ته انهن جي ڪجھه رياستن جھڙوڪ ڪيليفورنيا، فلوريڊا، اليوس، نيو يارڪ ۽ پينسلوانيه ۾ ڳتيل آبادي آهي، سو ڪو به صدارتي اميدوار انهن کي ناراض نه ٿو ڪرڻ گھري ۽ ان لاءِ هر ڪم ڪرڻ لاءِ تيار هوندو آهي.

    ميڊيا ۾ انهن جي اثراندازي جو اندازو ان حقيقت مان لڳي ٿو ته 61 ڪالم نگار ۽ مبصر اسرائيل جا سخت حمايتي آهن، ان جي ڀيٽ ۾ رڳو 5 ڪالم نگار اسرائيل تي تنقيد ڪندڙ آهن. اسرائيلي لابي غير پسنديده رپورٽنگ کي گُھٽڻ لاءِ خطن جي مهم هلائي ٿي. سي اين اين جي هڪ عملدار ٻڌايو ته اهي ڪڏهن ڪڏهن 6000 اي ميلز روز موصول ڪندا آهن، جن ۾ ڪنهن اسٽوري خلاف شڪايت هوندي آهي.

    هڪ پاسي لابي پروفيسرن جي علمي سرگرمين تي نظر ٿي رکي ته ٻئي پاسي، يونيورسٽين ۾ پنهنجو اثر رسوخ وڌائڻ لاءِ به ڪيترا پروگرام شروع ڪرايا آهن.

    مذڪوره پروفيسرن ڪافي تفصيل سان ٻڌايو آهي ته عراق تي حملو تيل واسطي نه پر اسرائيل کي ان علائقي جو دادا بنائڻ لاءِ ڪيو ويو آهي. آمريڪا کي حملي لاءِ خط يا مضمون لکي تيار ڪندڙن ۾ هن وقت ورلڊ بئئڪ جو صدر وولفووٽز Wolfowitz، مشرقي علم جو ماهر عالم برنارڊ ليوس وغيره شامل آهن. وولفووٽز کي سخت گير اسرائيل جو حامي سمجھيو وڃي ٿو. يهودي تنظيمون کيس انهي ڪري ايوارڊ به ڏينديون رهيون آهن.

    هنن اهو به ٻڌايو آهي ته صيهوني ڌريون سامي وروڌي Anti-Semite جي الزام وارو هٿيار استعمال ڪري مخالفن کي هيسائين ٿيون. اڄ ڪلهه اسرائيل جي جائز مخالفت به سامي وروڌ ۾ ڳڻي وڃي ٿي. تازو آمريڪا جي سابق صدر جمي ڪارٽر جو ڪتاب Palestine: Peace not Apartheid مارڪيٽ ۾ آيو آهي، جنهن ۾ هن اسرائيل حڪمرانن جي ورتاءَ تي هلڪي سلڪي ڪاوڙ جو اظهار آهي. کيس به سامي وروڌي قراريو پيو وڃي. ياد رهي ته انهيءَ جمي ڪارٽر ڪئمپ ڊيوڊ جو معاهدو ڪرائي اسرائيل ۽ مصر ۾ تعلقات قائم ڪرايا هئا.

    عام تاثر ته اهو آهي ته آمريڪا ۽ برطانيه جا مڙيئي يهودي اسرائيل جي پاليسين جي غير مشروط حمايت ڪن ٿا. ان تاثر جي ردعمل ۾ برطانيه ۾ رهندڙ ڪافي اهم يهودي شخصيتن جن ۾ نوبل انعام يافته نامور قلمڪار هيرالڊ پنٽر ۽ ٻيا اهڙي پائي جا شخص شامل آهن، هڪ تنظيم ٺاهي آهي، جنهن جو چوڻ آهي ته اها اسرائيل جي غير جمهوري عملن جي نندا ڪري ٿي.

    پر سوال اهو آهي ته ڇا انهن ضمير پرستن يهودين جي نندا اسرائيلي حڪمرانن تي اثر انداز ٿيندي؟


    habibsanai@hotmail.com

    وائيس آف سنڌ جي ٿورن سان
     
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.
  2. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: يهودين جي اجتماعي نسل ڪشيءَ جي حقيقت

    ادا تمام بهترين معلوماتي موضوع ونڊ ڪيو اٿو۔۔۔​
     
  3. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    جواب: يهودين جي اجتماعي نسل ڪشيءَ جي حقيقت

    سائين بهترين معلوماتي ونڊ جي مهرباني، واقعا يهودين وٽ هيڏي ساري هولوڪاسٽ جهڙي واقعي لا ڪو سند نه آهي، اهي صرف بهاني جي پويان آهن۔
     
  4. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: يهودين جي اجتماعي نسل ڪشيءَ جي حقيقت

    سائين پسند ڪرڻ لا مهرباني اوهان جي!

    يهودي جئين ته هڪ چالاڪ قوم آهي ، اڄ سڄي دنيا تي قابض ٿي ويٺا آهن ۔ امريڪه جهڙو ملڪ به هنن جي هٿن ۾ يرغمال لڳيو پيو آهي۔

    هنن جي خبائثتون جيڪر معلوم ڪرڻيون هجن ته “ يهودي پروٽوڪول‌” نالي ڪتاب پڙهڻ وٽان آهي ، هنن لڳ ڀڳ سو سال اڳ خفيه ميٽنگون ڪري ڪجه دستاويزات مرتب ڪيا هئا جنهن ۾ آيندي لا اهڙي حڪمت عملي جوڙي وئي جنهن تي عمل پيرا ٿي اهي سجي دنيا تي دجالي حڪومت قائم ڪرڻ ٿا ڇاهين ۔

    هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو هي مسڪين ڪري رهيو آهي جنهن جون قسطون “الفاروق سنڌي ماهوار ” رسالي ۾ ڇپجي رهيون آهن ۔ انشاء الله جئين مضمون مڪمل ٿيندو هن کي ڪتابي صورت ڏئي منظر عام آڻبو !
     
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.
  5. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: يهودين جي اجتماعي نسل ڪشيءَ جي حقيقت

    جي ادا اوهان درست چيو اهي رڳو هنن جون ڊرامي بازيون آهي ۔ هنن جون چالاڪين کي هر ڪو سمجهي ٿو ، بس پيسي کي سلام آهي جيڪو هنن وٽ يرغمال آهي ، تڏهن ته امريڪه به هنن جي هٿن ۾ کيڏي رهيو آهي ۔
     
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: يهودين جي اجتماعي نسل ڪشيءَ جي حقيقت

    مهرباني سائين چوهاڻ صاحب

    مونکان هي ليک پڙهڻ کان رهجي ويو هو۔ اڄ ٻيهر نظر پئي ته پڙهي ورتم۔ سنڌ سلام تي ماشاء الله گهڻو مواد اچي رهيو آهي جنهن ڪري ڪڏهن ڪڏهن ڪي ليک نظر کان رهجي ٿا وڃن۔

    يهوديت تي هڪ ڄاڻ وارو مضمون آهي۔ امريڪا ۽ برطانيه هن وقت مڪمل طور يهوديت جي ڪنٽرول ۾ آهن، تنهنڪري سڀ فيصلا هنن جي منشا موجب ئي پيا ٿين۔ مون به ايراني صدر جي ساڳي تقرير ٻڌي هئي جنهن ۾ هن هولوڪاسٽ کي ڏند ڪٿا ڪوٺيو هو ۔

    بس دعا پيا ڪيون ته مسلمان اسلام جي صحيح روح کي سمجهن ۽ ايمان جي رسيء کي مضبوطيء سان پڪڙن ۽ ايڪو پيدا ڪن ۔۔۔۔۔۔۔۔آمين۔۔۔۔۔
     
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.
  7. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: يهودين جي اجتماعي نسل ڪشيءَ جي حقيقت

    جي ادا فورم ۾ ماشاءالله دوست تمام گهڻا فعال ٿي ويا آهن روز به روز ڏسندڙن جي تعداد پڻ وڌي رهي آهي جنهن ڪري ليک به گهڻا اچڻ شروع ٿي ويا آهن جيڪو هڪ سٺو سئوڻ آهي ،

    مون کان به هاڻي گهڻا مضمون پڙهڻ کان رهجي ٿا وڃن پر ڪوشش ڪري سڀني مضمونن تي نظر ڦيرايندو آهيان پو ڀلي مونکي مضمون لکڻ لا وقت نه به ملي ۔

    ضرورت آهي نون دوستن جي حوصلي افزائي جي جنهن کي مقدم رکندو آهيان وري ٽائم ملندو آهي ته مضمون به لکي وٺندو آهيان ،

    خير اهو سلسلو ته هلندو رهندو ، مهرباني ليک پڙهڻ ۽ ڪامينٽس ڏيڻ جي ،
     
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.
  8. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: يهودين جي اجتماعي نسل ڪشيءَ جي حقيقت

    ادا افتخار۔توهان جو ليک يهودين جي چالاڪين جي باري ۾ تمام گهڻي معلومات فراهم ڪري ٿو۔يهودي پنهنجي هڊين آبجيڪٽ ۽ سازشن جي ڪري آمريڪا جي معثيت تي قبضو ڪيو ويٺا آهن۔توهان کي ضرور ان ڳاله جي ڄاڻ هوندي ته هڪ اگريمنٽ تحت يهودي آمريڪن حڪومت کان بيورج پيپسي، ڪوڪاڪولا ۽ ٻين مشروبات ۽ ڪجه ٻين پروڊڪسٽ جي سيل جي منافعي مان 10 پرسنٽ قانوني طور حاصل ڪري اسرئيل کي گريٽر بنائڻ ۽ مسلمانن جي خلاف استعما ل ڪندا آهن۔شل آلله پاڪ اسان کي يهودين جي سازشن ۽ شر کان محفوظ رکي۔آمين۔تواهان جو ليک تعريف جي لائق آهي۔اسان جو آرٽيڪلس لينڊ مافيا ۽ غير قانوني حراست توهان جي نظر ۽ رهنمائي جو منتظر آهن۔
     
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.
  9. Ghulam Mustafa Charan

    Ghulam Mustafa Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: يهودين جي اجتماعي نسل ڪشيءَ جي حقيقت

    محترم توهان جو آرٽيڪل تمام گهڻي معلومات رکي ٿو۔الله سائين جو قران شريف ۾ فرمان آهي؛ترجمو"اي ايمان وارو! يهود ۽ نصارا کي دوست نه ٺاهيو۔اوهئ هڪ ٻئي جا دوست آهن۔۽ جيڪو شخص توهان مان هنن کي دوست بنائيندو اهو انهن مان هوندو۔بيشڪ الله ظالم ماڻهن کي هدايت نه ڏيندو آهي"(المائده 51،,,52سپاره5)
     
  10. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: يهودين جي اجتماعي نسل ڪشيءَ جي حقيقت

    ادا غلام مصطفى چارڻ صاحب مضمون پسند ڪرڻ لا اون جا ٿورا

    جي ادا بلڪل صحيح پيا فرمايو قرآن مجيد اسان کي اڳ م تنبيه ڪري ڇڏي آهي پر اسان جا اڳواڻن کي شايد اهي آنظر ڪون ٿيون اچن تڏهن ته هننن کي پنهجو دوست بنائي ويٽا آهن ۔!!!
     
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو