
ڪنساس اسٽيٽ يونيورسٽي جي ماهرن پٽاٽي جي هڪ اهڙي قسم تيار ڪئي آهي جنهن ۾ ڪينسر جي مرض جي خاتمي لاءِ خاص جزا شامل آهن۔۔۔ هن پٽاٽي جي تياري ۾ هيومن نيوٽريشن ڊپارٽمينٽ جي شاگرد سويانگ ليم خاص طور تي ڪردار نڀايو آهي۔۔۔
هن پٽاٽي جي تيار ڪرڻ ۾ ڳاڙهي، نيري ۽ واڱڻائي رنگ جا پولن ٻج ۾ شامل ڪيا ويا جنهن کان پوءِ پيدا ٿيندڙ پٽاٽي کي جڏهن ليبارٽي ۾ ٽيسٽ ڪيو ويو ته هن ۾ ڪينسر مرض جي خلاف هڪ خاص طاقت ڏٺي وئي۔۔۔۔ هن پٽاٽي تي وڌيڪ تجربن کان پوءِ هن کي مارڪيٽ ۾ ڪينسر جي مريضن لاءِ آندو ويندو۔۔۔۔