پ پ پ ۽ سنڌ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏1 مارچ 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [justify]پ پ پ ۽ سنڌ: ان کان پهرين جو دير ٿي وڃي
    سنڌو يوسف
    ليکڪه
    سنڌ ۽ پيپلزپارٽيء جو رشتو ايترو ئي پراڻو آھي جيترو پيپلز پارٽيء جو وجود۔ ذوالفقار علي ڀٽي جي با ڪمال شخصيت ۽ “روٽي، ڪپڙا اور مڪان” جي نعري کان وڌيڪ جنھن ڳالھ سنڌي ماڻھن کي ھن ڏانھن ڇڪيو اھو ھو ھن جو سنڌي ھجڻ۔ اھو رشتو اڄ به سنڌ ۽ سنڌي ما ڻھن کي پ پ پ سان ڳنڍيو ويٺوآھي۔ ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي اڄ تائين پ پ پ ڪيترا ئي ڀيرا حڪومت ۾ ا چي چڪي آھي ۽ مخالف ڌر ۾ رھي به پ پ پ سنڌ ۾ پنھنجي حڪومت ٺاھي آھي۔ مطلب ته سنڌي ماڻھن ھر دور ۾ پ پ پ جو ساٿ ڏنو آهي۔

    پر ڇا پ پ پ به سنڌ سان ائين ساٿ نڀايو آهي؟ ڇا پ پ پ ماضيء ۾ ڪڏھن سنڌ جي حقن لاء آواز اٿاريو؟ يا پوءِ حڪومت ۾ اچي سنڌ جي بنيادي مسئلن حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي؟ يا وري مستقبل ۾ اھڙو ڪو ارادو رکي ٿي؟

    انهن سوالن جو جواب ماضيء ۾ توڙي هاڻي جي پ پ پ جي ڪارڪردگيء مان واضح آھي۔ سوال آھي ته پ پ پ ائين ڇو نه ڪيو؟ ۽ ان جو جواب به سولو سڌو آھي ته پ پ پ قوم پرست جماعت نه آ ھي جيڪا سنڌ جي حقن لاءِ آساني سان آواز اٿاري سگھي۔ اها ملڪي سطح جي جماعت آهي جيڪا پاڪستان ۽ ڪشمير جي مسئلن تي ته ڳالھائي سگھي ٿي پر سنڌ جي اشوز تي نه۔ جيڪڏھن پ پ پ ائين ڪري ھا ته ھن تي قوم پرستيء جو الزام لڳي وڃي ھا ۽ ھو پاڪستان جي وڏي صوبي، پنجاب مان پنھنجو ووٽ بينڪ وڃائي ويھي ھا ۽ سنڌ تايئن محدود ٿي وڃي ھا

    هتي منھنجو مقصد پ پ پ تي تنقيد ڪرڻ ناھي بلڪه سنڌ جي ڪجھ بنيادي ۽ پيچيده مسلن تي ڌيان ڏيارڻ آھي جن تي پ پ پ حڪومت ۾ رھي به ڪم ڪو نه ڪري سگھي آھي ۽ اسان سنڌين سان وري اها ويڌن آهي ته اسان ڪڏهن پ پ کان سواءِ ٻي ڪنھن جماعت کي ان قابل ئي ڪو نه سمجھيو آهي جو اھا اسيمبلي ۾ وڃي سنڌ جي ڳالھ ڪري۔ پ پ پ اڄ تائين حڪومت ۾ رھي اھڙي ڪا قراداد يا بل منظور ڪونه ڪرايو جيڪو سنڌ۽ سنڌي ماڻھن لاءِ گهڻي مدي لاء ڪارآمد ۽ مفيد ثابت ٿئي۔ جڏھن ڪالا باغ ڊيم جي اشوء تي پاڪستان جي ٽن صوبن جي عوام گڏ ٿي احتجاج ڪيو تڏھن به پ پ ان احتجاج ۾ شامل ٿيڻ کان لنوايو پئي۔ آخر جڏهن تحريڪ گهڻو زور پڪڙيو ته محترمه آخري وقت ۾ اوٻاوڙي جي جلسي ۾ شامل ٿيڻ جي حامي ڀري

    خير اھي ٿيون پراڻيون ڳالھيون۔ پ پ جي حڪومت هاڻي خير سان ٽي سال پورا ڪندي۔ ھنن ٽن سالن ۾ حڪومت ڪھڙا ا قدم کنيا يا ايندڙ ڪجھ ڏينهن ۾ ڪهڙن قدمن کڻڻ جو ارادو رکي ٿي جن سان سنڌي ماڻھن جي حقن جو ڪجھ بچاء ٿي سگھي؟

    پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ، سنڌ مھاجرن جي آباد ڪاريء جو مرڪز رھي آھي پوءِ اھي مھاجر انڊيا مان آيا ھجن، بنگلاديش مان ھجن يا پوءِ افغانستان مان۔ 1952 کان پوء به انڊيا مان انھن جي آمد جاري رھي ۽ انھن جي روڪ ٿام لاءِ ڪي به سخت قدم نه کنيا ويا۔ افغانستان ۽ بنگلاديش مان به غير قانوني آمد جاري رھي۔ نتيجو اهو نڪتو آهي جو اڄ سنڌ جي وڏي شھر ڪراچيء ۾ سنڌي ماڻھو اقليت ۾اچي ويا آھن۔ سنڌ اسيمبليء مان اھي مھاجر قراداد پاس ڪرائين ٿا ته ڪراچيء کان ٻاهر جا سنڌي، ڪراچيء جي تعليمي ادارن ۾ داخلا نه ٿا وٺي سگهن پر اسان جا چونڊيل نماندا سنڌي ماڻھن جي بچاءُ ۾ ڪجھ به نٿا ڪن۔ ابتو ھلندڙ حڪومت ۾ گورنر انھن جو ھجڻ ڪري ڪراچيء کان ٻاهر سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ به انھن جو انگ چئوڻو ٿي ويو آهي

    ڪراچيء جي شھرتي اڄ مھاجرن ۽ پٺاڻن جو مڪمل قبضو آھي۔ افغاني مھاجر، ڪيمپن ۾ رھڻ بجاءِ، ڪراچيء جي ڪاروبار تي پنھنجو قبضو ڄمايو ويٺا آھن۔ انھن مان گھڻن وٽ ڪوڙا پاڪستاني پاسپورٽ ۽ شناختي ڪارڊ آھن۔ جنھنڪري ڪراچيء ۾ ھاڻ ٻه ڌريون ٿي ويون آھن، پٺاڻ ۽ مھاجر۔ انھن جو پاڻ ۾ به ٽڪراءُ آهي۔ ڪراچيء ۾ دھشتگردي ۽ قتل غارت جو سبب به اھي ٻه ڌريون ئي آھن جنھنڪري ڪراچيء ۾ سنڌي ماڻھو بلڪل غيرمحفوظ ٿي ويو آھي۔ جڏھن 2009 ۾ جيئي سنڌ پارٽيء ڪراچيء ۾ پنھنجي آفيس کولي، پنھنجو جھنڊو ھنيو ته ان جي ڪجھ ڪارڪنن کي پٺاڻن ۽ ايم ڪيو ايم وارن صرف ان لاءِ قتل ڪيو ۽ انهن تي حملا ڪيا ته اھي، سندن خيال موجب، “هنن” جي علائقي تي قبضو ڪري ويندا

    مشرف جي حڪومت ۾ ڪراچيء ۾ آباد سنڌين جا ڳوٺ ڊاھيا ويا۔ پ پ جي حڪومت مان اھا اميد ڪئي پئي وئي ته اھا انھن بي گھر ٿيل سنڌين کي وري آباد ڪندي۔ پر مان نٿي سمجهان ته ان ڏس ۾ حڪومت ڪي عملي قدم کنيا آھن۔ ھن پوري رام ڪھاڻيء جي بيان ڪرڻ جو اصل مقصد صرف اھو اھي ته جيڪڏھن اڃا به پ پ پنھنجي دور ۾ سنڌين جي بچاءُ لاءِ قدم نه کنيا ته پوءِ ڪڏھن کڻندي؟ سنڌ حڪومت ڪڏهن اھڙيون پاليسيون ٺاھيندي جن سان سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ کان بچائي سگھجي؟ ڇا پ پ پ اڃا ڀٽي جي ۽ سنڌيت جي نالي تي ووٽ وٺندي رھندي ۽ سنڌ جي حقن جي ڳالھ ڪرڻ کان لنواندي رھندي؟
    ڪڏھن شايد اھو وقت اچي جو اسان جو ايندڙ نسلُ اسان کي پ پ کي ووٽ ڏيڻ لاءِ ڏوھاري قرار ڏئي۔ چوڻ جو مقصد ته اڄ پ پ حڪومت ۾ آھي ته ڪجھ اھڙا قدم کڻي جيڪي سنڌ جي مستقبل کي تاريڪ ٿيڻ کان بچائي سگھن ۽ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ نه ڏين۔ مان ھتي ڪجھ صلاحون ڏيڻ ضروري ٿي سمجھان۔ جيڪڏھن حڪومت ان ڏ س ۾ عملي قدم کنيا ته ٿي سگهي ٿو اسان جو ڪجھ بچاءُ ٿي وڃي

    ۔ اميگريشن رولز ۾ سختي ڪئي وڃي ته جينئن ماڻھن جي غير قانوني آمدرفت بندٿي۔ جيڪي ماڻھو ڪوڙا پاڪستاني شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسايل ٺاھرائي ھتي رهن پيا انھن جا شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل رد ڪري، انھن کي قانون مطابق سزا ڏني وڃي

    ۔ افغان مھاجرن جي شھريت جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وڃي۔ جنگ جي نتيجي ۾ آباد ٿيل افغانين کي عارضي رهائش ڏني وڃي ۽ انھن کي اسائلم جي رولز ۽ ريگيوليشن تحت ڊيل ڪيو وڃي۔ غير ملڪين جي بغير ورڪ پرمٽ جي ڪراچيء ۾ دوڪان کو لي واپار ڪرڻ تي پابندي لڳائئ وڃي

    ۔ نادره ۽ ٻين لڳاپيل ادارن تي ڪڙي نظر رکي وڃي ته جينئن غير قانوني شناختي ڪارڊ، ڊوميسايل ۽ پاسپورٽ ٺھڻ بند ٿين۔ نيون اميگرشن پاليسيون ٺاھيون وڃن ته جينئن ھر ڪو ئي پاڪستان جو پاسپورٽ آسانيء سان نه ٺھرائي سگھي

    ۔ سنڌ ۾ نوڪري وٺڻ لاء، 1972 جي ٻوليء واري ايڪٽ مطابق، سنڌي ٻوليء جي امتحان کي لازمي ڪيو وڃي ته جينئن غير قانوني آباد ٿيل ماڻھو اصل رھاڪن جي حقن تي ڌاڙو نه ھڻي سگھن۔ ھن امتحان جو اھو به فائدو ٿيندو ته ڳوٺن مان دوا دارونء لاءِ ايندڙ مريضن کي ڊاڪٽر کي پنھنجو سور ڌاري زبان ۾ ٻڌائڻو نه پوندو ۽ ڊاڪٽر به ھن جي زبان سمجھندو سو صحيح طر ح علاج ڪندو۔ سنڌ ۾ جتي سنڌين جي اڪثريت آھي اتي شاگردن کي استاد سان پھنجي ٻوليء ۾ رابطي ڪرڻ سان آساني ٿيندي ۽ سنڌ ۾ پراڻا آباد ٿيل مھاجر سنڌين ۾ جذب ٿي سگھندا۔ انھن ماڻھن کي به سنڌي سکڻ سان ڪو مسئلو نه پيش اچڻ گھرجي ڇو ته اھي ھتي ٽيهٺ سالن کان آباد آھن ۽ ايترو عرصو ڪنھن ملڪ جي ٻولي سکڻ لاءِ ٿورو ڪونھي

    ۔ ڪراچيء ۾ سنڌي شاگردن جي داخلائن کي کوليو وڃي ته جينئن سنڌي شاگرد سٺن ۽ جديد سهوليتن وارن تعليمي ادارن مان لاڀ وٺي سگهن ۽ سنڌي ماڻھن جي شھرن ۾ آباد ڪاري به وڌي ۽ ڪراچيء کي غير سنڌي ۽ سنڌ دشمن عناصرن جي حوالي ٿيڻ کان بچاءِ سگھجي

    ۔ اسپيشل پوليس فورس جي مدد سان آپريشن ڪري ڪرا چيء کي ھٿيارن کان پاڪ ڪيو وڃي

    ۔ ٻوڏ جي سبب بي گھر ٿيل ماڻھن کي ڪراچيء ۾ آباد ڪيو وڃي ته جينئن اھي ڪراچي ۾ رهي سگهن ۽ اتي روزگار ڪن ۽ واپار ۾ به حصو وٺي سگھن
    ۔ مشرف جي دور ۾ جن ماڻھن جا ڳوٺ ڊاھيا ويا، انھن کي وري آباد ڪيو وڃي

    اھي قدم کڻڻ مشڪل ضرور آھن پر ناممڪن نه ۽ سنڌ اسان جي ڌرتي آھي؛ پنھجي ڌ رتيء کي بچائڻ لاءِ اھو نه ڪري سگھون ۽ پنهنجي حقن جي حفاظت به نه ڪري سگھون ته پوء ان کان وڌيڪ خراب ڇا ھوندو؟

    جيڪڏھن سنڌ ۾ رھندڙ ڪنھن قوم يا ماڻھوء کي سنڌ جي بقاءُ ۾ پنھنجو نقصان ٿو نظر اچي ته پو اھي پڪ سان سنڌ دشمن عنصر ئي ھوندا ۽ سنڌ ۾ ڪنھن به سنڌ دشمن کي رھڻ جو ڪو به حق نه آھي۔ جيڪڏھن پاڪستان جو بقاءُ ۽ سنڌ جو بقاءُ ٻه الڳ شيون آهن ته پوءِ اسان کي سنڌ جو بقاءُ وڌيڪ عزيز آھي۔ سنڌ، پاڪستان کان پھرين به ھئي ۽ پوء به رھندي پر جيڪي پاڪستان جي نالي تي سنڌ جي اصل رھاڪن جا حق غصب ڪن پيا ۽ ڪرڻ چاھن ٿا اھي پوءِ پاڪستان جي ڪا ٻي ڪنڊ ڳولين۔ سنڌ ۾ سنڌ دشمنن لاءِ ڪا به جڳھه نه آھي ۽ پ پ جي چونڊيل نمائندن کي به ھاڻ اھا گذارش آھي ته شھيدن جي نالي تي ووٽ وٺي سنڌ کي ئي شھيد نه ڪيو۔ سنڌ جي پيٽ ۾ اِھي ڌارين جون ڪاتيون نه هڻو۔ سنڌ جي حقن لاءِ وڙھي سگھو ته وڙھو نه ته پوءِ اسيمبلين جي انھن سيٽن تان ھٿ کڻو

    انڊس هيرالڊ تان ورتل
    [/justify]
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: پ پ پ ۽ سنڌ

    سائين۔۔۔۔ محترمه سنڌو يوسف جون سڀ لکيل ڳالهيون سچ۔۔۔۔۔سائين ڪراچي ۾ ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آهي۔۔۔ڄڻ ته هي مهاجرن پنجابين پٺاڻن جو ديس آهي۔۔ڪابه اهڙي ڳالھ۔۔نظر نه پئي اچي جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ته ڪو هي شهر سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي۔۔۔ پ پ پ سنڌين کي ووٽ وٺڻ کان بعد اڳ جيان هن سال به نه سڃاتو۔۔۔۔ڪراچي جيڪڏهن پاڪستان جي حساب سان سوچجي ته پاڪستان جو واحد شهر آهي جتي اوهانکي هر قوم ملندي۔۔۔ ڇاڪجي سائين۔۔؟؟
     
  3. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: پ پ پ ۽ سنڌ

    تمام بهترين ادا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پ پ پ ۽ سنڌ

    اهو بلڪل صحيح آهي ته پ پ اسان سان ڪونه نڀايو آهي ۽ سنڌ سان اهو انصاف ڪري نه سگهي آهي جنهن لاء کيس ووٽ ملن ٿا پر سوال اهو به پيدا ٿو ٿئي ته پ پ سنڌ مان ايترا گهڻا ووٽ ڇو ٿي کڻي ؟؟؟ ماڻهو پ پ ئي کي ئي ووٽ ڇو ٿا ڏين ؟؟؟

    محترمه جي سڀني ڳالهين سان متفق آهيان پر اڄ تائين نه اسان جي قومپرست ڌرين نه وري مفڪرن ۽ ڏاهن ان ڳاله تي سوچيو آهي۔ ان جو مقصد اهو به ناهي ته هاڻي اسان پ پ جي حڪومت ڪيرايون جيئن هميشه اسان جون قومپرست پارٽيون استعمال ٿينديون رهيون آهن ۔ ڇو ته نواز ليگ يا ق ليگ جي حڪومت اسان لاء وڌيڪ نقصانڪار رهندي آئي آهي.

    مان هڪ ڳاله واضح ڪندو هلان ته پ پ ان ڪري به کٽي جو اسان وٽ سنڌ ۾ ڪا ٻي متبادل پارٽي يا قوت ڪانهي۔ ان جو وڏو سبب سنڌ ۾ موجود قبيلائي سسٽم ۽ سنڌين جو الڳ الڳ هجڻ آهي۔ ڇو اسان جون سياسي پارٽيون خاص ڪري قوپرست ڌريون گڌ نه ٿيو ٿين ؟؟ سڀ پنهنجي انا سبب يا اسٽيبلشمينٽ جو هٿيار آهن جيڪي سنڌين کي گڏ ٿيڻ ڪونه ٿيون ڏين۔ هڪ ٻيو سبب اسان جي قومپرست پارٽين جو عوام کان پري هئڻ به آهي . اسان کي هر ڏکيي سا سکيي وقت ۾ عام ماڻهون وٽ هجڻ کپي نه ڪي صرف احتجاج ڪجي.

    مان ته گهڻو پريشان ٿي ويندو آهيان جڏهن هر روز سنڌ ۾ هڪ نئين پارٽيء جو قيام ڏسندو آهيان ۔۔۔ سنڌي قومپرست پارٽين جو هڪ نه کُٽندڙ سلسلو ۔۔۔ هڪ پارٽيء مان ڏه ڏه ڌڙا۔۔۔۔۔۔۔۔

    جيستائين سڀ سنڌي هڪ پليٽ فارم تي گڏ نه ٿا ٿين تيستائين ڪنهن بهتريء جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تيستائين پيپلز پارٽي به اسان جي ووٽن کي پنهنجي ذاتي فائدن لاء استعمال ڪندي رهندي۔
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: پ پ پ ۽ سنڌ

    [justify]
    محترم وساڻ صاحب جو تجزو بلڪل هڪ ڏاهي ۽ پختي سياستدان وارو آهي ۔۔۔ آ محترم دوست جي ڳالهين سان سهمت ٿيندي اهو ئي چوندس ته پاڻ کي ڀاڳيا چوندڙ ڌريون ڌريون ۔۔۔ چور ڙي چور ۔۔۔ جا نعرا ته هڻن ٿيون پر چورن جي پيرن کڻڻ جي وقت يا ته پاڻ ۾ وڙهي پون ٿيون يا وري مورڳو چورن هٿان ٿورڙن مفادن تي وڪامجي وڃن ٿيون ۔۔۔

    سنڌ جي خوشحالي ۽ خودمختياري سنڌي جي اتحاد ۽ ايڪي ۾ آهي نه ڪي واٽون ويهه ڪري سنڌ کي وڌيڪ ڪمزور ڪري دشمن جي ٻيگهي مچائجي ۔۔۔

    محترم وساڻ صاحب، منهنجو هٿ به اوهان جي هٿ سان مٿي آهي۔۔۔ لک ٿورا
    [/justify]
     
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: پ پ پ ۽ سنڌ

    جي ادا بلڪلسائين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو