ماحولياتي گدلاڻ دل جي لاءِ خطرناڪ قرار

'صحت سرير جي' فورم ۾ جواد رضا طرفان آندل موضوعَ ‏2 مارچ 2011۔

  1. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    ماحولياتي گدلاڻ دل جي لاءِ خطرناڪ قرار

    عنبرين فاطمه​


    هڪ تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته ماحولياتي گدلاڻ جي ڪري دل جو دورو پوڻ جو خطرو هوندو آهي، نشي جي استعمال جي ڪري دل جي دوري جي خطري کان به وڌيڪ گدلاڻ آهي، ان تحقيق ۾ اهو چيو ويو آهي ته ماحولياتي گدلاڻ شراب ۽ ڪافي جي استعمال کان سواءِ جسماني پورهئي جي ڪري به دل جي دوري جو سبب ٿيندڙ نشانين ۾ شمار ڪيو ويندو آهي، انهيءَ تحقيق ۾ محققن جو چوڻ آهي، ته سيڪس، ڪاوڙ، ڀنگ جو استعمال، سيني ۽ جسم جي هڪ حصن تي انفيڪشن دل جي دوري جو سبب بڻجندو آهي، جڏهن ته ماحولياتي گدلاڻ خاص طور تي ٽرئفڪ جي ڪري پيدا ٿيندڙ گدلاڻ دل جي دوري پيدا ڪرڻ جو اهم سبب آهي، ان تحقيق بابت سائنس دانن جو چوڻ آهي ته ماحولياتي گدلاڻ جي ڪري دل لاءِ پيدا ٿيندڙ خطري کي سنجيدگيءَ سان ڏٺو وڃي، بيلجيم جي هيسلٽ يونيورسٽي سان تعلق رکندڙ محقق سائنس دان ڊاڪٽرن جو ڌيان انهيءَ ڏانهن ڇڪرايو آهي ته اهي عوامي آبادي جي سطح تي انهيءَ خطري کي گهٽ ڪرڻ جي باري ۾ سوچين، هن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر هميشه مريضن جو انفرادي سطح تي معائنو ڪندا آهن، انهيءَ دوران ظاهري طور تي گهٽ خطرن وارين شين ڏانهن ڌيان ئي نه ڏنو ويندو آهي. جڏهن ته ماحولياتي گدلاڻ نشي کان خطرناڪ قرار ڏني وئي آهي، گڏيل قومن جي صحت جي اداري ماحولياتي گدلاڻ کي صحت لاءِ خطرو قرار ڏنو آهي. هڪ اندازي موجب ماحولياتي گدلاڻ سبب هر سال سڄي دنيا ۾ 20 لک ماڻهو موت ڏانهن ڌڪجي ويندا آهن، ماحولياتي گدلاڻ ۾ ٽرئفڪ جو دونهون سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته پورهئي جي ڪري جسماني ٿڪ ٿيڻ، شراب پيئڻ، ڪافي پيئڻ، ماحولياتي گدلاڻ، سيڪس، ڪاوڙ، ڀنگ جي استعمال سان به دل جو دورو پئجي سگهي ٿو.​
     
  2. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    جواب: ماحولياتي گدلاڻ دل جي لاءِ خطرناڪ قرار

    ادا عمران هاڻ ته دل جو دورو به تمام سستو ٿي پيو آهي!!! مهرباني اوهان جي ونڊ جي۔
     
  3. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: ماحولياتي گدلاڻ دل جي لاءِ خطرناڪ قرار

    سائين انهي ڪري ته اهو ٻڌايو ويو آهي ته صفائي نصف ايمان آهي اسان اگر صفائي ڪريون ته اهڙن دورن کان بچي وڃون ڇو جو صفائي جو سبق اسان کي اسان جي پياري رسول (ص) ئي ڏنو آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو