ادي وهاب کي توهان اهڙي ڪم تي لڳائي ڇڏيو آهي جو آخر مون کي هڪ ڳالهه ياد اچي وئي۔۔۔
هڪ همراه هوٽل ۾ آيو ۽ بيري کي اٺن ڏهن ماڻهن جي ماني جو آرڊر ڏنو۔۔۔۔ ٿوري دير ۾ ئي ان همراه بيري جي آندل سموري ماني کي کائي پليٽون صاف ڪري ڇڏيون ۔۔۔۔ اتي هوٽل ۾ ئي موجود هڪ سرڪس واري همراه کي غور سان پئي ڏٺو ۔۔۔ جنهن همراه کي ايترو کاڌو سرڪس ۾ کائڻ جي آڇ ڪئي جيڪا همراهه قبول ڪئي۔۔۔
اهڙي طرح همراه سرڪس ۾ به اٺن ڏهن ماڻهن جو کاڌو کائي حاضرين کان داد ورتي۔۔۔۔ سرڪس واري هن کي منٿ ڪري ٻئي ڏينهن اچڻ لاءِ به راضي ڪري ورتو۔۔۔ ٻئي ڏينهن جو شو ڪجهه وڌيڪ ڪامياب ڏسي سرڪس واري همراه کي آخري شو ۾ ڪرتب ڏيکارڻ لاءِ منٿ ڪئي جنهن تي همراه چيو۔۔۔۔ ”ادا هي توهان مونکي ڪهڙي ڌنڌي تي لڳائي ڇڏيو آهي آخر مون کي گهر وڃي ماني ٽڪي به کائڻي آهي۔۔۔۔۔“