اقليتي معاملن جو وفاقي وزير قتل۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
پ پ سان تعلق رکندڙ اقليتي معاملن جي وفاقي وزير شهباز ڀٽي کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو آهي۔۔ اهو حادثو اسلام آباد ۾ روز پلازه تي پيش آيو آهي، شهباز ڀٽي اسلام آباد جي سيڪٽر آءِ ايٽ ٿري ۾ پنهنجي والده جي گهران نڪري آفيس وڃي رهيو هو ته روز پلازه وٽ نامعلوم هٿياربندن سندس گاڏي روڪي ڊرائيور ۽ هڪ خاتون کي لاهي گاڏيءَ‌جي مٿان فائرنگ ڪئي ۽ اُتي تحريڪِ طالبان ۽ گستاخِ رسول جي سزا موت جا پمفليٽ ڦٽا ڪري فرار ٿي ويا، ياد رهي ته ان کان پهرين پ پ سان تعلق رکندڙ پنجاب جو اڳوڻو گورنر پڻ‌ ان ئي الزام ۾ مارجي چڪو آهي۔۔۔
shahbaz-bhatti07-10.jpg

 
Back
Top