ملتان جو مخدوم، سنڌ ۽ پيپلز پارٽي

'مختلف موضوع' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏2 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ملتان جو مخدوم، سنڌ ۽ پيپلز پارٽي

    تحرير : عاجز جمالي

    [JUSTIFY]ملتان جي مشهور گادي غوث بهاول الدين ذڪريا جو گادي نشين ۽ جنرل ضياءُ دور جي گورنر مخدوم سجاد قريشي جو پٽ مخدوم شاهه محمود قريشي پاڪستان جي سياست ۾ پنهنجي نئين سُڃاڻپ ڪرائڻ لاءِ ”سنڌ ياترا“ تي آهي. اڄ مارئي جي ديس ٿر ۾ هُو هڪ جلسي کي خطاب ڪندو. ظاهري طور هُو سندس مريدن وٽ آيو آهي ۽ سندس خليفا سڀ جلسا ميڙاڪا ڪرائي رهيا آهن. پر حقيقت ۾ ملتاني مخدوم سياست جي ميدان ۾ پنهنجو قد ڪَڇي رهيو آهي يا اسٽيبلشمينٽ سندس قد ڪَڇڻ ٿي چاهي. سندس لاءِ ملتان سان واسطو رکندڙ سندس پراڻو دوست ڪالم نويس رئوف ڪلاسرا لکي چُڪو آهي ته ”ملتان جا مخدوم ۽ گيلاني ڀٽو نه ٿا ٿي سگهن.“ ۽ سنڌ جا ماڻهو چڱي ريت ڄاڻن ٿا ته ڀٽو ٿيڻ لاءِ گهڻو ڪجهه قربان ڪرڻو پوندو آهي. سنڌ ڀُٽن جي شهادت جي تاريخ لکي آهي. سنڌ مخدومن جي مريديءَ کان به ڄاڻ رکي ٿي. سنڌ جا مخدوم پيپلز پارٽيءَ جا باني آهن. هالا ڪنوينشن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو پيپلز پارٽيءَ جو بنياد وڌو هُئو. ان هالا حويليءَ جي ”گادي نشين“ مخدوم امين فهيم تي به محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ هڪ اهڙو وقت آيو جو اسٽيبلشمينٽ کيس پيپلز پارٽيءَ خلاف ميدان تي لاهڻ جي ڪوشش ڪئي هُئي ڇو ته امين فهيم وزارت عظمى جو مضبوط اميدوار هُئو. پر وزارت عظمى ملتان جي ٻئي مخدوم يوسف رضا گيلانيءَ حوالي ٿي. تڏهن مخدوم امين فهيم جا به پارٽيءَ جي باري ۾ اهڙا بيان آيا جو هڪ راءِ اِها هُئي ته مخدوم امين فهيم الڳ پارٽي ٺاهيندو. پر بعد ۾ مخدوم امين فهيم وڏي فهم جو مظاهرو ڪندي پارٽي جي نظم ۽ ضبط کي قبول ڪيو.

    سرڪار اندر تازي اٿل پٿل کان پوءِ مخدوم شاهه محمود قريشيءَ کان پرڏيهي وزارت جو قلمدان وٺي کيس ٻي ڪا وزارت ڏني پئي وئي، پر مخدوم سڳوري پنهنجي پارٽيءَ جي سربراهه ۽ مُلڪ جي صدر کي جواب ڏنو ته ٻي وزارت ڪونه وٺندو. اصولي طور هن پارٽي سربراهه جو فيصلو نه مڃي پارٽي ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي ته بهرحال ڪئي، پر ٻئي ڏينهن هُن ريمنڊ ڊيوس جي ٻرندڙ مسئلي تي سرڪار جي مؤقف بدران پنهنجو ذاتي مؤقف ڏنو، جيڪو بهرحال اهميت اختيار ڪري ويو، ڇو ته هُو مُلڪ جو پرڏيهي وزير هُئو. جنهن مُلڪي مؤقف جو دفاع ڪرڻ بدران پاڻ کي سياسي ميدان ۾ لاٿو. جنهن جو بهرحال پارٽيءَ کي نوٽيس وٺڻو هُئو.

    ذاتي طور منهنجو خيال آهي ته پيپلز پارٽي جي وزيرن کي مخدوم شاهه محمود قريشي خلاف ڪو بيان نه ڏيڻ گهربو هُئو. ڇو ته اهڙن بيانن مخدوم کي وڌيڪ چيڙايو. جيتوڻيڪ پيپلز پارٽي ڇڏيندڙ ماڻهوءَ کي ڪنهن به دور ۾ اها همٿ ڪانه ٿي جو هُو پارٽي خلاف ڳالهائي يا اِهو چوي ته هُو پارٽي ڇڏي رهيو آهي. پر پارٽيءَ اندر پاڻ کي هڪ پوزيشن تي آڻي، هُو الڳ رستو اختيار ڪندو آهي. جنرل پرويز مشرف جي دور کي ئي ياد ڪيو ته هڪ ٻيو مخدوم فيصل صالح حيات آخري ڏينهن تائين ٽي وي تي اچي اهو چئي رهيو هُئو ته بينظير ڀٽو سندس قائد آهي ۽ صبح جو جنرل مشرف جي چوڻ تي پارٽي جي اهم ماڻهن پيپلز پارٽي جو ساٿ ڇڏي الڳ گروپ ٺاهيو. جنهن ۾ مخدوم فيصل صالح حيات، رائو سڪندر اقبال، شير افگن نيازي، آفتاب شيرپائو ۽ ٻيا اڳواڻ پارٽي ڇڏي وزارتون وٺي ويهي رهيا. اڄ کانئن پڇيو وڃي ته اُهي ڪٿي بيٺا آهن. اڃا به تاريخ تي نگاهه ٿا وجهون ته ذوالفقار علي ڀٽو جي گرفتاري ۽ شهادت کان پوءِ ڪيترائي اهم ماڻهو پارٽي ڇڏي ويا يا ڀٽو جو ساٿ ڇڏي ويا. بعد ۾ انهن به پيپلز پارٽي يا ڀٽو جي نالي سان پارٽيءَ اندر پنهنجا گروپ ٺاهيا. غلام مصطفيٰ جتوئي (مرحوم) نيشنل پيپلز پارٽي ٺاهي اِهو ئي چيو هُئو ته سندس پارٽي ئي ذوالفقار علي ڀٽو جي نظريي تي اصل سياست ڪندي. اڄ اها پارٽي رڳو مرحوم جي خاندان جي پارٽي وڃي بچي آهي. پنجاب جي شير غلام مصطفى کر به پنهنجي الڳ پيپلز پارٽي ٺاهي هئي. پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو گروپ جو مثال پڻ موجود آهي. هي سڀ پارٽيون پنهنجي پنهنجي وقت تي ”ڀٽو سياست“ جي نالي تي ئي ٺهيون آهن ۽ هاڻي پيپلز پارٽيءَ مان نڪرندڙ نوان گروپ شايد شهيد بينظير ڀٽو جي سياست جي نالي تي سامهون اچن. هِن کان اڳ شهيد بينظير ڀٽو جي ويجهن ساٿين ناهيد خان ۽ صفدر عباسيءَ لاءِ اِهو ٻڌڻ ۾ پئي آيو ته هُو پيپلز پارٽي شهيد بينظير ڀٽو گروپ ٺاهڻ لاءِ سرگرم آهن. نئين صورتحال ۾ اها ساڳي خبر مخدوم شاهه محمود قريشيءَ لاءِ گردش ۾ آهي.

    بلڪه ملڪ جي وڏين اخبارن شايع ڪيو آهي ته مخدوم شاهه محمود قريشي پيپلز پارٽي شهيد بينظير ڀٽو گروپ ٺاهڻ لاءِ ميدان ۾ لٿل آهي ۽ سندس پارٽيءَ جي مختلف اڳواڻن ۽ وزيرن سان رابطا آهن. مخدوم صاحب شهيد بينظير ڀٽو جي مزار تي آچر ڏينهن حاضري ڏيئي سنڌ ۾ جهڙوڪر پنهنجي دوري جي شروعات ڪئي هجي. ايندڙ ٻه چار ڏهاڙا کيس سنڌ ۾ رهي سياست ڪرڻي آهي. جلسن ۽ ميڙاڪن کي خطاب ڪرڻو آهي. پيپلز پارٽيءَ اندر اُهي سڀ ماڻهو مخدوم شاهه محمود قريشيءَ سان رابطن ۾ آهن، جيڪي ناراض آهن يا سندن ڪم ڪار ڪونه ٿا ٿين.
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ ۾ مخدوم صاحب جا هزارين عقيدتمند آهن. سندس عقيدتمندن آڏو سندس سجاده نشين هُجڻ ڪافي آهي، نه ڪي سندس سياست يا سياسي نظريو اهم آهي. مخدوم شاهه محمود قريشي جنهن پارٽيءَ ۾ ويندو يا جيڪا پارٽي ٺاهيندو سندس مريد ته ساڻس گڏ هوندا، پر سياست ۽ عقيدت، مريدي ۽ ڪارڪن، پارٽي ۽ گادي الڳ الڳ شيون آهن. جيتوڻيڪ مخدوم صاحب کليل لفظن ۾ فرمائي پيو ته هُو پيپلز پارٽيءَ جو حصو آهي، پر پوءِ سوال ٿو اٿي ته جلسا ڪرڻ يا دورا ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ مريدن کي زيارت ڪرائڻ ته ”پير“ هميشه بنا جلسن جي ايندا آهن. هن ڀيري سائين جي سنڌ آمد کان اڳ لکين روپين جا اشتهار شايع ٿي رهيا آهن، جيڪي پڻ بظاهر سندس عقيدتمند شايع ڪرائي رهيا آهن. سندس استقبال ٿي رهيا آهن. جلسا ٿي رهيا آهن. حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته مخدوم سائين ٽن سالن تائين پرڏيهي وزير رهيو وٽس مريدن لاءِ بلڪل وقت ڪونه هُئو نه ڪو هُو دورا ڪري رهيو هُئو. اڄ جڏهن پارٽيءَ اندر اختلاف آهن ته هي سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي. سندس ويجها حلقا ته کيس مستقبل جو وزيراعظم قرار ڏيئي رهيا آهن. پير پاڳارو به کيس مبارڪون ڏيئي رهيو آهي. ميان نواز شريف به سندس خلاف ناهي. ميڊيا ۾ به کيس تمام گهڻي جڳهه ملي رهي آهي، ايتري جيتري مُلڪ جي پرڏيهي وزير کي ملندي آهي. ڄڻ ميڊيا لاءِ هُو اڄ به ”وزير خارجا“ هُجي. ميڊيا ۾ هرو ڀرو کيس ذوالفقار علي ڀٽو جي وزارت خارجا ۽ اقوام متحده ۾ تاريخي اختلاف سان تشبيهه ڏني وڃي پئي. حالانڪه ريمنڊ ڊيوس جي مسئلي تي مخدوم شاهه محمود قريشيءَ جو اهڙو بلڪل ڪو ڪردار ڪونه هُئو، جيڪو اڄ نظر اچي پيو هنن وزارت خارجه ڦرجڻ کان هڪ ڪلاڪ اڳ به ڊيوس جي مسئلي تي ڪو بيان ڪونه ڏنو ۽ ڇا جيڪڏهن اڄ مخدوم شاهه محمود قريشي فرض ڪريو وزير خارجا هُجي ها ته اِهو چئي سگهيا ها، جيڪو هِن وقت آمريڪا جي باري ۾ چئي رهيو آهي؟ پاڪستان جي پارليامينٽ ۾ 37 گادي نشين اهم عهدن تي موجود آهن، جيڪي هميشه چونڊجي ايندا آهن. مخدوم شاهه محمود قريشي به گادي نشين پارليامينٽريز ۾ شامل آهي. سندس لاءِ هن وقت به سڀ کان بهترين رستو پيپلز پارٽيءَ سان وفاداريون نڀائڻ تي آهي. ٻڌجي پيو ته کيس مارچ جي آخر تائين نئين پارٽي جو اعلان ڪرڻو آهي. جيڪڏهن ائين ناهي ته کيس واضح نموني سان عوام کي ٻڌائڻو پوندو، ٻي صورت ۾ پيپلز پارٽي ۾ ڪارڪنن کي ”مريدن“ جهڙو ڪردار ادا نه ڪرڻ گهرجي. ڇو ته پيپلز پارٽي جي ڪارڪن يا هِن ملڪ جي عوام لاءِ اِها بلڪل به نئين ڳالهه نه هوندي ته ڪو وڏو سگهارو ماڻهو پيپلز پارٽي ڇڏي ويو. مخدوم سائين ان حوالي سان نه ته پهريون ماڻهو آهي ۽ نه شايد آخريد ماڻهو.
    [/JUSTIFY]

    روزانه عبرت تان ورتل
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ملتان جو مخدوم، سنڌ ۽ پيپلز پارٽي

    مخدوم جي حوالي سان تمام دلچسپ معلومات آهي

    پڙهي ڪري علم ۾ اضافو ڪيو پر هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته هر ماڻهو پنهنجي سياست جي شروعات
    سنڌ کان ئي ڇو شروع ڪندو آهي ؟

    بهرحال نينگر به ننڍي ته جمع به گهڻا

    سدائين گڏ
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ملتان جو مخدوم، سنڌ ۽ پيپلز پارٽي

    جڏهن پيپلز پارٽي جي مخالفت ۾ سنڌ ۾ ڪا خاص پارٽي نه رهي آهي، سنڌ جا ماڻهون به پيپلز پارٽي جي خلاف ٿيڻ لڳا آهن خاص طور تي جڏهن انهن پنهنجي ئي پارٽي دور ۾ محترمهه بيبي جي قاتلن کي گرفتار ٿيندي نه ڏٺو هجي۔۔۔ مٿان وري پارٽي تي گرفت مضبوط رکڻ لاءِ پارٽي جا حڪمران ڪنهن به اهم ماڻهون جي قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار هجن ته اهڙي صورتحال هر ان ماڻهون کي جيڪو ٿورو گهٽو پوءِ پيري مريدي ڪري ئي سهي پر ووٽ بينڪ رکندو هجي اهو پڪل کاڌو کائنڻ جي ڪوشش ضرور ڪندو۔۔۔ خير اهو ته وقت ٻڌائيندو ته شاهه محمود قريشي ڪو ڌڙو ٺاهڻ ۾ ڪامياب به ويندو يا وري پيپلز پارٽي کي ٽوڙي لغاري وارو ڪردار به نڀائيندو يا نه پر جتي سنڌ ۾ مختلف بينر لڳائي مخدوم صاحب کي ويلڪم ڪيو پيو وڃي اتي سندس خلاف چاڪنگ پڻ نظر آئي آهي۔۔۔
    پيپلز پارٽي جي سڄڻن کي گهرجي ته هر دفعو اهو نه سوچين ته پيپلز پارٽي جا مخالف هميشه ناڪام ويا آهن پر انهن کي جيئن پنهنجي شديد مخالفن سان مفاهمت ڪرڻي پئجي رهي آهي تيئن پنهنجن کي به راضي ڪن ۽ پاڻ سان گڏ کڻي هلن نه ته ٻئي ڪنهن کي فائدو ٿئي يا نه پر پارٽي جي مخالفن کي فائدو بنا ڪجهه ڪرڻ جي پوندو رهندو۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو