جاويد نواز
سينيئر رڪن
غزل
هن جون يادون وسارجن ڪيئين
راتيون هيکل گذارجن ڪيئين
هان هيڻو ۽ منهن تي مايوسي
منهن جون مرڪون ورائجن ڪيئين
اُجهامي جي ويون سڀئي آسون
وري ٻيهر سي ٻارجن ڪيئين
ويون وقتن جي وهڪرن ۾ ٻڏي
سي گهڙيون هاڻ تارجن ڪيئين
ويا چنبڙي جدائي جا ڏينڀو
اهي ڏينڀو اڏارجن ڪيئين
جيڪي جيئري ويا ڪٽي رستو
ڳالهيون تن جون پچارجن ڪيئين
هلي جي پاڻ بزم ۾ آيا
سي بزم مان اٿارجن ڪيئين
ويا وکري جٿي ڪٿي ذرڙا
دل جا ذرڙا ٻهارجن ڪيئين
جاويد نواز
دعائن ۾ ياد
هن جون يادون وسارجن ڪيئين
راتيون هيکل گذارجن ڪيئين
هان هيڻو ۽ منهن تي مايوسي
منهن جون مرڪون ورائجن ڪيئين
اُجهامي جي ويون سڀئي آسون
وري ٻيهر سي ٻارجن ڪيئين
ويون وقتن جي وهڪرن ۾ ٻڏي
سي گهڙيون هاڻ تارجن ڪيئين
ويا چنبڙي جدائي جا ڏينڀو
اهي ڏينڀو اڏارجن ڪيئين
جيڪي جيئري ويا ڪٽي رستو
ڳالهيون تن جون پچارجن ڪيئين
هلي جي پاڻ بزم ۾ آيا
سي بزم مان اٿارجن ڪيئين
ويا وکري جٿي ڪٿي ذرڙا
دل جا ذرڙا ٻهارجن ڪيئين
جاويد نواز
دعائن ۾ ياد