• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پنهنجي تصويرن جي مووي يا سلائيڊ شو بڻايو هڪ پروفيشنل سافٽويئر ذريعي۔۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
دوستو ڪجهه ڏينهن اڳ سائين نثار جن کي هڪ وڊيو جو سنڌي ترجمون ڪرڻ لاءِ درخواست ڪئي هئي۔۔۔ سائين نثار ابڙو جن نه صرف اها وڊيو ترجمون ڪئي پر ان جي سلائيڊس جون تصويرون پڻ سنڌي ۾ ترجمي سان مون ڏانهن موڪليون جن کي پنهنجي طرفان هڪ وڊيو جي شڪل ڏيڻ جو ننڍڙي ڪوشش ڪيم ته دوستن کي ڀلي لڳي۔۔۔۔
هوئن ته ان سلسلي ۾ کوڙ سارا سافٽويئر اڳ ئي موجود آهي ۽ ايڪس پي ۾ بلٽ ان مووي ميڪر پڻ آهي پر اڄ توهان کي Ashampoo وارن جو Slideshow Studio Elements نالي سافٽويئر بابت ٻڌائبو۔۔۔

13zq3au.jpg

هن سافٽويئر جي ذريعي توهان آساني سان پنهنجي ڊجيٽل تصويرن کي ڊيزائين ڪري سگهو ٿا۔۔۔ 19 مختلف ٽرانزيڪشن ايفيڪٽ ڏيندڙ هي سافٽويئر بيڪ گرائونڊ ۾ ميوزڪ کي شامل ڪرڻ جي پڻ سهولت ڏئي ٿو۔۔۔۔ ان کانسواءِ بلٽ ان ٽيڪسٽ ايڊيٽر ۽ سب ٽائٽل، لوگوز جهڙي ڊيزاننگ جي اضافي خوبيون به شامل اٿس۔۔۔
هي انتهائي ڪار آمد سافٽويئر هوئن ته 20 ڊالرس جو آهي پر حسبِ روايت هتي توهان لاءِ مفت ۾ پيش ڪجي ٿو۔۔۔۔
سڀ کان پهريان هتي ڪلڪ ڪري ڪمپني جي پروموشن پيج جو ڦيرو ڀريو ۽ سيريل ڪي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي اي ميل لکي سينڊ بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔۔

2uf7ypi.jpg

ڪجهه ئي گهڙين ۾ توهان جي اي ميل ايڊريس تي MrReg@ashampoo.com طرفان هڪ لنڪ اي ميل ڪيو ويندو جنهن تي ڪلڪ ڪري توهان واپس ڪمپني جي پيج تي ويندو جتي رجسٽريشن ڪمپليٽ ڪري توهان هن بهترين سافٽويئر جي سيريل ڪي حاصل ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔۔
جنهن کان پوءِ هتي ڪلڪ ڪري سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪريو ۽ انسٽاليشن کان پوءِ حاصل ڪيل سيريل ڪوڊ لڳائي سافٽويئر کي ايڪٽوِ ڪريو۔۔۔

هن سافٽويئر کي بهتر انداز سان سمجهڻ لاءِ هي وڊيو ڏسو۔۔۔

http://www.youtube.com/watch?v=MxIGmZwb5YE

هن سافٽويئر جي ذريعي تيار ڪيل هڪ وڊيو۔۔۔

http://www.youtube.com/watch?v=A0PNa61IIYE
 
جواب: پنهنجي تصويرن جي مووي يا سلائيڊ شو بڻايو هڪ پروفيشنل سافٽويئر ذريعي۔۔۔۔

ادا تمام بهترين سافٽ ويئر آهي ان جا فيچر س به بهترين آهن
پاڻ ان کي ڊائونلوڊنگ تي لڳائي ڇڏيو آهي

بهترين فيچرس سان بهترين سافٽ ويئر سو به مفت ۾

ڇا ڳالهه ڪجي ادا رشيد

جاري رکجو

سدائين گڏ

 
جواب: پنهنجي تصويرن جي مووي يا سلائيڊ شو بڻايو هڪ پروفيشنل سافٽويئر ذريعي۔۔۔۔

مهربانيون ادا رشيد۔۔۔
اوهان جا ٿورا لاهڻ جيترا ڪونه آهن۔۔۔
 
جواب: پنهنجي تصويرن جي مووي يا سلائيڊ شو بڻايو هڪ پروفيشنل سافٽويئر ذريعي۔۔۔۔

سائين ڪمپني پروموشن پيج لنڪ مون کي نظر ڪونه ٿو اچي يا اوهان واقعي نه ڏنو آهي.


اگر اوهان کان وسري ويو آهي ته ڪٿي هي ته نه آهي ؟







هتي ڪلڪ ڪري سافٽويئر ڪمپني جي پروموشن پيج تي وڃو

جنهن کان پوءِ رجسٽريشن جو فارم ڀريو وري ميل موصل ٿيڻ بعد هڪ لنڪ تي ڪلڪ ڪرڻ سان هڪ ٻيو فارم ڀرڻ بعد اوهان کي ڪي ملي ويندي.
 
جواب: پنهنجي تصويرن جي مووي يا سلائيڊ شو بڻايو هڪ پروفيشنل سافٽويئر ذريعي۔۔۔۔

معاف ڪجو سائين اصل ۾ رات ننڊ جو حملو ڪجهه وڌيڪ هو ۔۔۔۔ بحرحال لنڪ کي درست ڪيو ويو آهي۔۔۔ توهان جي ڏسيل لنڪ ۾ ايرر نظر آيو۔۔۔
 
جواب: پنهنجي تصويرن جي مووي يا سلائيڊ شو بڻايو هڪ پروفيشنل سافٽويئر ذريعي۔۔۔۔

سائين اوهان جي مهرباني جو وري ان کي اوهان درست ڪيو ورنه دوستن کي پريشاني ٿئي ها.
 
Back
Top