ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
ڊاڪٽر شمس عباسي جي شخصيت
![2wokl5i.jpg](http://oi51.tinypic.com/2wokl5i.jpg)
۔ ڊاڪٽر شمس عباسي پاڪستان جي نالي واري شخصيت آهي ۽ سنڌ ۾ عورتن جي تعليم ۾ پنهنجون ڪوششون وٺڻ تي کيس عالمي سطح تي به سڃاتو وڃي ٿو. محترمه شمس عباسي سنڌ جي قاضي خاندان سان لاڳاپو رکي ٿي.
سندس والد قاضي عبدالقيوم ۽ چاچي فتح محمد سيوهاڻي پاڪستان جي قيام واري جدوجهد ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو. آپا شمس عباسي جي والد جي لاڏاڻي کانپوءِ کيس امڙ سنڀاليو ۽ اعليٰ تعليم ڏياري، قاضي عبدالقيوم جا 4 پٽ ۽ 2 نياڻيون هيون. جن ۾ قاضي محمد اڪبر، قاضي عبدالمجيد عابد، قاضي اڪرم، قاضي محمد اعظم، آپا شمس ۽ هڪ ٻي ڀيڻ شامل آهن. جنهن کي سندن ماءُ پاليو ۽ تعليم ڏياري، ماءُ پنهنجن پٽن ۽ نياڻين کي هڪجهڙي تعليم ڏياري ۽ انهي ۾ ڪوبه فرق نه رکيو.
ڊاڪٽر شمس عباسي پهرين جنوري 1924ع ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتو.، آپا شمس عباسي ميٽرڪ ۽ بي اي مبمئي يونيورسٽي مان پاس ڪئي.
هن بي ٽي ۽ ايم اي سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي. سنڌي لٽريچر ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. آپا شمس عباسي پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 1944ع ۾ اسڪول ٽيچر طور ڪئي ۽ 1947ع تائين مدرست النبات ۾ ماسترياڻي رهي.
1948ع ۾ گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول هيرآباد ۾ هيڊمسٽريس جون خدمتون سنڀاليون ۽ انهي پوسٽ تي 1955ع تائين پنهنجا فرض سرانجام ڏنا.
کيس 1955ع کان 70 تائين گورنمينٽ ڪاليج جي پرنسپال جي اضافي ذميواري به ڏني وئي. 1972ع کان 1973ع تائين ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪاليجز جون ذميواريون به سنڀاليون. 1973ع کان 1984ع تائين ڊائريڪٽر ايجوڪيشن
سرفراز وسطڙو ايڪٽينشن اينڊ بيورو آف ڪرڪيولم جون ذميواريون به نڀايون ۽ بعد ۾ رٽائرمينٽ حاصل ڪئي.
آپا شمس عباس 1993ع ۾ محسن ميموريل سوسائٽي قائم ڪئي ۽ هوءَ پنهنجي نگراني ۾ 2 نجي اسڪول به هلائي رهي آهي.
آپا شمس عباسي سماجي ڪمن ۾ به تمام گهڻو سرگرم رهي آهي.
هن مختلف تنظيمن جي پليٽ فارم تي عورتن کي بااختيار بنائڻ ۽ ٻارن جي حقن ۾ به وڏي جاکوڙ ڪئي.
آپا شمس عباسي تعليم ۽ عورتن جي معاملن تي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سيمينارن ۾ شرڪت ڪئي. آپا شمس عباسي 2 ڪتاب به لکيا آهنجن ۾ هڪ سندس آتم ڪهاڻي آهي. جڏهن ته مختلف اشوز تي کوڙ سارا آرٽيڪل به لکيا آهن. آپا شمس عباسي کي عوامي حقن لاءِ جاکوڙ ڪرڻ، شعور اجاگر ڪرڻ ۽ عورتن لاءِ پاڻ پتوڙڻ تي ڪيترائي ايوارڊ به ماڻيا،
آپا شمس عباسي سڄي زندگي عوامي جدوجهد واري جاکوڙ ۾ وقف ڪئي. پنهنجي مرحوم پٽ عقيل احمد عباسي جي نالي تي قائم عقيل برائيٽس اڪيڊمي به هلائي رهي آهي. جتي نياڻين ۽ نوجوانن کي معياري تعليم ڏني وڃي ٿي. آپا شمس ڪيترين ئي غريب نياڻين کي پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري تعليم ڏياري ۽ بعد ۾ سندن گهر آباد ڪرايا. هوءَ هن وقت به سنڌ جي نياڻين لاءِ ڇپر ڇانوءَ وانگر آهي. سال سدائين سندن شفقت.
بشڪريه عوامي آواز
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: