سنڌي ادبي سنگت جو باني دادا گوبند مالهي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏3 مارچ 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌي ادبي سنگت جو باني دادا گوبند مالهي​


    شاهد چنه
    جتي سنڌ جي عظيم هستين جو ذڪر اچي ٿو اتي ڏات جا ڏيئا ٻاريندڙ گوبند مالهي ٻه هڪ اهڙي عظيم شخصيت آهي جنهن علم، ادب، سياست ۽ پورهيت سماج لاءِ اهڙي جدوجهد ڪئي جو صدي گذرڻ باوجود به ان جو نانءُ سڀني مورچن تي سپهه سالار جي حيثيت ۾ اڄ به موجود آهي.
    گوبند مالهي ساهتي جي شهر ٺارو شاهه ۾ 8 آگسٽ 1921ع ۾ جنم ورتو، جنهن علمي ادبي حوالي سان ايڏو ته مان ماڻيو جو اڄ به هو ادبي کيتر ۾ نمايان نظر اچي ٿو.
    هن سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو ۽ سنڌي ادب، سياست، ناٽڪ، ڊراما، ڪهاڻيون ۽ تنقيدي ادب تي 36 ڪتاب لکيا، جنهن ۾ ”ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون“، ”شرم ٻوٽي“، ان کان علاوه ”سنڌوءَ ڪناري“ فلم به جوڙيائين پر وقت جي بيرحم وهڪري جڏهن کيس ماتر ڀومي کان ڇني ڌار ڪيو ته وطن سرحد ڳوڙها ڳاڙيندي پار ڪري ڀارت پهتو ته اتي به سنڌ ۽ سنڌي ادب لاءِ تمام گهڻو جاکوڙيو ۽ سنڌي ٻولي لاءِ ان ٽه مورتي ڪيرت، اتم ۽ مالهي ايتري ته جدوجهد ڪئي جو ان نتيجي ۾ هندستان اندر سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو ويو، مالهي جڏهن پنهنجي ماتر ڀومي سنڌ گهمڻ لاءِ 1984ع ۾ هتي آيو ته ڪراچي جي آرٽ ڪائونسل ۾ سگا پاران ڏنل آجياڻي دوران سنڌ جي ڏات ڌڻين سان مخاطب ٿيندي نيڻن مان نير وهائيندي چيو ته ”جنهن مالهي 13 آڪٽوبر 1946ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ننڍڙو ٻوٽو پوکيو هجي ۽ اهو ٻوٽو جڏهن وڏو ٿي خوشبو جو دس ڦهلائي ۽ ان وقت ان مالهي کي ان وڻ کان ڌار ڪيو وڃي اوهان ٻڌايو ته ان وقت ان مالهي جي ڪهڙي حالت ٿي هوندي؟“
    واقعي به مالهي سنڌي ادب جي حوالي سان جيڪو ٻوٽو پوکيو ان جي خوشبو جڏهن ڦهلجڻ لڳي ته کيس ڌڪي ڌار ڪيو ويو. مالهي ممتا جي هنج ڇڏڻ بعد به الهاس ننگر جي اداس گهٽين ۾ خاموش ٿي نه ويٺو. لطيف جي ان سٽ وانگي ” جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي“
    واقعي به مالهي پنهنجي زندگي جي آخري گهڙين تائين خاموش ٿي نه ويٺو.
    هن سڄي زندگي سنڌي ادب ۽ پورهيت جدوجهد لاءِ ڪم ڪيو. انهي جاکوڙ ۾ 10 فيبروري 90 واري ڏهاڪي ۾ وڇڙي ويو، جنهن کي اڄ به داد گوبند مالهي جي حوالي سان سنڌ توڙي هند ۾ ياد ڪيو وڃي ٿو۽ جيستائين سنڌي ٻوليءَ ۽ ان کي چاهيندڙ رهندا گوبند مالهي جو نانءُ امر رهندو.
    بشڪريه عوامي آواز
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي ادبي سنگت جو باني دادا گوبند مالهي

    سنڌي ادبي سنگت جي بانيء کي ياد ڪرڻ ۽ اهڙي قيمتي ڄاڻ ڏيڻ تي محترم شاهد چنه کيرون لهڻيون

    ادا ممتاز مهرباني جو اوهان هي سهڻو ليک سنڌ سلامت جي دوستن سان ونڊ ڪيو آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    گوبند مالهي
    تحرير: محمد عثمان ميمڻ

    گوبند مالهي سنڌي ادب جو اهو محسن آهي، جنهن ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ ۽ ورهاڱي کانپوءِ هند ۾ ترقي پسند ادب ۽ ترقي پسند تحريڪ جي آبياريءَ ۾ نمايان حصو ورتو. هُو هندستان ۾ سنڌيت جي هلچل جي بانين منجهان هو ۽ ترقي پسند ادبي ٽمورتي ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ اي. جي اتم جو هڪ حصو هو. گوبند مالهي هڪ ئي وقت ناول، ڪهاڻي، ناٽڪ، ترجمي ۽ مضمون نويسيءَ جي صنفن ۾ پاڻ موهيو. سندس جنم 5 آگسٽ 1921ع تي ضلعي نوشهروفيروز جي هڪ ننڍڙي شهر ٺارو شاهه ۾ ٿيو. شروعاتي تعليم پنهنجيڳوٺ ٺارو شاهه مان ۽ مئٽرڪ 1939ع ۾ پاس ڪيائين. سياست جي شروعات 1940ع کان ڊي. جي ڪاليج ڪراچيءَ ۾ فين وڌائڻ جي تحريڪ ۾ حشو ڪيولراماڻي جي صحبت ۾ اچي ڪيائين ۽ شاگرد يونين ۾ سرگرم ٿيو. سياسي سرگرمين جي دوران 1942ع ۾ جيل ياترا به ڪيائين. 1944ع ۾ ايل. ايل. بي پاس ڪيائين ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ڪراچيءَ لاءِ جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو. 45-1944ع ۾ گوبند مالهي سياسي ۽ ادبي ميدان ۾ نهايت سرگرم رهيو ۽ سنڌي ترقي پسند ليکڪن جي تنظيم جو بنياد وڌائين. جنهن جو پاڻ جنرل سيڪريٽري ٿيو.
    گوبند مالهي سنڌي ادب ۾ پڇڙ تاري جيئن آيو ۽ ايندي ئي هو سنڌي ادب تي ڇانئجي ويو. هن جي اچڻ کان اڳ سنڌي ناول خاموش، بي جان ۽ شور و غل کان خالي هو پر مالهي جي ايندي ئي ناول ۾ وڏو انقلاب آيو. سندس نالو سنڌي ناول نگارن ۾ جذبات نگاريءَ ۽ ڪردارن جي اپٽار بابت مشهور آهي. گوبند ناول نويسيءَ ۾ تمام گهڻو نالو ڪمايو. سندس ناولن جا خاص موضوع ڏيتي ليتي، پيار جي شادي، خانداني شاديون، گڏيل شانتي وغيره آهن. هن ٻين به ڪيترن ئي سماجي مسئلن کي پنهنجن ناولن جو مرڪز بڻايو، ان کانسواءِ هن جي ناولن ۾ سنڌ جي سڪ، سنڌ جو ماحول، سنڌي جذبا، سنڌي ڪردار ۽ سنڌ جو وايو منڊل گهڻي حد تائين نظر اچي ٿو.
    گوبند مالهي سنڌي ناول جو تمام وڏو نالو آهي. گوبند مالهيءَ جو پهريون اصلوڪو ناول ”آنسو“ 1952ع ۾ ڇپيو. ان وقت سنڌي ۾ اصلوڪا ناول آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هئا. سندس هيءُ ناول سنڌي ناول جي پيڙهه بڻيو. 1946ع ڌاري ڊي. جي سنڌ ڪاليج ۾ گربخشاڻيءَ جي رهنمائي هيٺ ”سنڌي ادبي سرڪل“ جو بنياد رکيو. هيءُ به ان تنظيم جي باني ڪارن ۾ شامل هو. ان سرڪل جي سرگرمين ۾ نارائڻ شيام، شيخ اياز، شيخ رزاق، روشن آرا مغل ۽ ٻيا حصو وٺندا رهيا. 1947ع ڌاري ان تنظيم کي ڪاليج جي حدن کان ٻاهر ڪڍيو ويو ۽ هم خيال اديبن جن ۾ شيخ اياز، احسان بدوي، ڪيرت ٻاٻاڻي، سوڀو گيانچنداڻي، گوبند مالهي، گوبند پنجابي ۽ روشن مغل جا نالا قابل ذڪر آهن، هيءَ سرڪل اڳتي هلي غير فعال ٿي وئي. جنهن بعد گوبند مالهي، شيخ اياز ۽ ٻين سان گڏجي سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو جنهن جو پهريون سيڪريٽري جنرل به پاڻ ٿيو اڄ سنڌي ادبي سنگت، ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم آهي. ان جو بنياد پڻ گوبند مالهي دوستن سان گڏجي وڌو هو.
    گوبند مالهيءَ ڪيترائي ناول لکيا، ورهاڱي کان اڳ سندس لکيل ناولن ۾: انقلابي سپاهي ۽ انقلابي شاهراهه قابل ذڪر آهن. جڏهن ته ڀارت ۾ لکيل سندس ناولن ۾: آنسو (1952ع)، زندگيءَ جي راهه تي 1952ع)، جيون ساٿي (1952ع)، من جو ميت (1953ع)، پکيئڙا ولر کان وڇڙيا (1953ع)، للڪار (1954ع)، چنچل نگاهون (1954ع)، عشق ناهي راند (1955ع)، شرم ٻوٽي (1956ع)، لوڪ آهي ٻوڪ (1957ع)، ديسي سيڻ ڪجن (1958ع)، ڏيهي پرڏيهي ٿيا (1961ع)، پيار جي شڪست (1961ع)، سنڌو جي ڪناري (1961ع)، هڪ انسان سو طوفان (1965ع)، محبت جي راهه ۾ (1975ع)، پريتم ويو پرديس، سوداگر جي سونهن ۽ ٽي ترجمو ڪيل ناول ساٿي، سيما ۽ ماءُ قابل ذڪر آهن. ان کانسواءِ ڪهاڻين تي مشتمل اها به آکاڻي آهي. اڳتي قدم، يا گليرين تي مشتمل پهريون پيار، آتم ڪهاڻين ۾ ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون، ادب ۽ اديب، سنڌڙي منهنجي جندڙي (چار ڀاڱا) قابل ذڪر آهن. سنڌ هند جي هن برک اديب 10 فيبروري 2001ع تي ديهانت ڪئي. کيس سنڌ کان عليحدگيءَ جو سور هميشه جهوريندو رهيو.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    سنڌي ناول ۾ اعليٰ مرتبو رکندڙ ليکڪ گوبند مالهي

    رکيل مورائي

    هند ۽ سنڌ جو هاڪارو اديب، دانشور ۽ ٻين ڪيترين خوبين جو مالڪ گوبند مالهي، 5 آگسٽ 1921ع تي ساهتي پرڳڻي جي نهايت اهم، پران وقت جي ننڍي شهر ٺاروشاهه ۾ جنم ورتو. هن سنڌ ۾ رهڻ دوران ئي ادبي ۽ سياسي حوالي سان لکڻ شروع ڪيو ۽ هند ۾ وڃي آخري عمر تائين لکندو رهيو. ” ناول سمراٽ“ جو خطاب ماڻيندڙ گوبند مالهي، هند ۾ رهندڙ سنڌي جاتي ۽ سنڌي اديبن جي مستقبل کي ٺاهيندڙ شخصيتن مان هڪ اهم شخصيت آهي، هن ڪيترا ناول لکيا، ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ مختلف موضوعن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ ڪيترائي نوجوان اديب، ادب جي ميدان ۾ پنهنجي رهبريءَ هيٺ آندا.

    گوبند مالهيءَ سنڌي ” آوازي ڪلچر“ کي هند ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ ڪيترن هنڌن جا چڪر لڳايا ۽ ڀارت ۾ وسندڙ سنڌين کي وسائڻ ۽ سنڌي ٻولي ۽ ڪلچر کي قائم ڪرڻ لاءِ سڄي زندگي ارپي ڇڏي ۽ ساڳئي وقت تخليقي ڪم به ڪندو رهيو.

    گوبند مالهي هند جي سنڌين جي وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم ” اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا“ جو اڏيندڙ به آهي ته وڏو ناٽڪ نگار ۽ ناٽڪ ڊائريڪٽر به رهيو آهي. کيس سندس ناول ” پيار جي پياس“ تي هند سرڪار جي وڏي ۾ وڏي ادبي اداري مرڪزي ساهتيه اڪيڊميءَ 1973ع سال لاءِ انعام سان نوازيو ويو. هن ڪيترين ڪهاڻين، ناولن ناٽڪن ۽ ٻين موضوعن کان سواءِ پنهنجي، آتم ڪٿا به پنجن جلدن ۾ لکي آهي. جيڪا وڏي مڃتا ماڻي چڪي آهي ۽ ٻيهر سنڌ ۾ پڻ شايع ٿي آهي.

    گوبند مالهي شايد پهريون سنڌي اديب آهي، جنهن تي ” ڪونج“ ۽ ” سپون“ رسالن، خاص نمبر ڪڍيا. ان کان سواءِ سندس شخصيت ۽ ادبي ڪارج تي ممبئيءَ جي هڪ اديب، هولارام هنس هڪ ڪتاب ” گوبند مالهيءَ جي سنڌي ناول ۾ يگاني دين“ نالي ليکو آهي. شايد هيءُ ئي اڪيلو اديب آهي، جنهن تي ممبئي يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري ورتي وئي آهي ۽ ان ڪتاب کي ممبئي يونيورسٽيءَ پاران 2002ع ۾ ڇپايو ويو آهي، جنهن جو نالو آهي : ” گوبند مالهي، شخص ۽ اديب“. هن ڪتاب جو ليکڪ آهي، ڊاڪٽر منوهر مٽلاڻي. اهو ممڪن آهي ته مون جهڙي ٿوري علم رکڻ واري پاٺڪ کان گوبند مالهيءَ جا ڪي ڪتاب ذڪر ڪرڻ کان رهجي ويا هجن، تنهن هوندي به سندس جيڪي ڪتاب مون کي ميسر ٿي سگهيا آهن، انهن جو تعداد 51 آهي.

    هن سنڌي ٻوليءَ ۾ الڳ الڳ ٻولين جا ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ جي جهولي ڀري آهي. ورهاڱي کان اڳ هو پنهنجي ڳوٺ ٺارو شاهه مان پڙهڻ لاءِ ڪراچي آيو جتي سندس ملاقات گوبند پنجابيءَ سان ٿي، جيڪو ان وقت ترقي پسند ادب کي ڇاپڻ لاءِ پريس قائم ڪري چڪو هو ۽ اتان ئي ”نئين دنيا“ نالي پبليڪيشن جاري ڪري چڪو هو، جنهن پاران سنڌيءَ ۾ ڪي اصلوڪا ڪتاب ۽ ڪي ترجمو ڪري ڇاپي چڪو هو، ڪراچي ۾ گوبند مالهيءَ جي دوستن ۾ شيخ اياز، نارايڻ شيام، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، اي ڪي هينگل، موهن پنجاپي، ڪيرت ٻاٻاڻي، اي جي اتم ۽ ٻيا ڪيترائي ترقي پسند شامل آهن، جيتوڻيڪ حشو ڪيولراماڻي کائنس عمر ۾ وڏو هئو تڏهن به سندن دوست ڪوٺي سگهجي ٿو. هي سڀ اهي شخص هئا جن سنڌي ٻوليءَ ۾ ترقي پسند ادب جي آبياري ڪئي. ورهاڱي کان پوءِ حشو ڪيولراماڻي، گوبند مالهي، ڪيرت ٻاٻاڻي، اي جي اتم ۽ ٻيا ڪيترائي ترقي پسند سنڌي اديب هند لڏي ويا، پر ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ سنڌ نه ڇڏي ۽ هتي ئي رهي پيو، هند ۾ وڃي گوبند مالهي، اي جي اتم ۽ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي ٽمورتيءَ ” نئين دنيا “ جاري ڪئي جيڪا آخر تائين اي جي اتم جي سمپادڪيءَ هيٺ ڪتاب ڇاپيندي رهي، نئين دنيا پبليڪيشن جا ڪيترائي ڪتاب ترقي پسند ادب جا شاهڪار ڪتاب آهن، جيڪي وري وري ڇپائڻ جهڙا آهن.

    گوبند مالهيءَ لکڻ کان سواءِ هند ۾ جيڪا سنڌي ادب جي واڌ ويجهه لاءِ ڪوشش ڪئي اها پڻ ساراهڻ جوڳي آهي پر هن جيڪي پنهنجون لکڻيون ايڪونجاهه ڪتابن ۾ ڏنيون آهن اهي سنڌي ادب جو اهڙو حصو آهن، جنهن کي سدائين ياد رکيو ويندو. گوبند مالهيءَ هند ۾ آوازي ڪلچر کي ڦهلائڻ لاءِ ڪيترائي فورم جوڙيا، جن سڀني کي هو ڪاميابيءَ سان هلائي سگهيو. هڪ طرف تخليقي ڪم ڪرڻ ۽ ٻئي طرف سنڌيت جي ڦهلاءَ لاءِ جيڪا هن تبليغ ڪئي، اها خود هڪ تاريخ ۾ لکڻ جهڙي آهي. ڪوئل جهڙي مٺڙي آواز واري ڀڳونتي ناواڻي، مالهي صاحب جي دريافت هئي، جنهن پنهنجي مٺڙي آواز سان هند جهڙي وڏي ملڪ ۾ ڇڙ وڇڙ ٿي رهندڙ سنڌين کي ته پاڻ ۾ جوڙيو پر سنڌ جي سنڌين کي به هند جي سنڌين سان ڳنڍيو.

    گوبند مالهيءَ هند ۾ سنڌي ناٽڪ کي جيڪو اوڄ ڏياريو اهو پڻ مثالي اهميت رکي ٿو. ان سڀ جي باوجود گوبند مالهي، هڪ عظيم سنڌي ناول نويس طور سنڌي ادب ۾ هڪ خاص مقام تي رهندو، ان مقام لاءِ سرحدي حد بنديون ڪا به معني نه رکنديون، جڏهن به سندس ذڪر نڪرندو ته سندس نالو احترام سان کنيو ويندو اهڙي پڪ آهي، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي لکڻين وسيلي پنهنجو اهڙو مقام ٺاهي ويو آهي. هو اول ۽ آخر سنڌي ناول جو اهڙو ليکڪ آهي جنهن جو مثال سنڌي ٻوليءَ جي ادب ۾ ٻيو ڪو به نه آهي.

    گوبند مالهي سڄي زندگي سنڌ پرست ڪميونسٽ رهيو پر آخري عمر ۾ هو سڀني ترقي پسند دوستن کي چوندو هئو ته ” هاڻ مون ڪميونزم کي تصوف ۾ وهنجاريو آهي“ ان ڳالهه مان ڀلي ڀت سمجهي سگهجي ٿو ته هو آخري عمر ۾ تصوف ڏانهن لاڙو رکندو هئو. ٻئي طرح سندس ڪهاڻين توڻي گهڻن ئي ناولن مان اهڙو اشارو ملي ٿو، جنهن مان سندس لاڙو يا مزاج تصوف يا ويدانت ڏانهن محسوس ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ اهو به سچ آهي ته جيڪي شخص/اديب/شاعر ساڻس مليا آهن انهن سڀني هن کي صوفي طبعيت رکندڙ ڪوٺيو آهي. هو پنهنجي طبعيت ۾ بنهه سادو سودو، کاڌيءَ جي پهراڻ ۽ پاجامي ۾ هڪ ساڌو يا سنت وڌيڪ لڳندو هئو هڪ ليکڪ يا دانشور گهٽ.

    گوبند مالهيءَ جي زندگيءَ ۾ هڪ خوش نصيبي اها آئي جو هو پنهنجي عمر جي آخري حصي ۾ 1989ع ۾ هڪ ڀيرو سنڌ ڏسي سگهيو، جيڪا ورهاڱي کان پوءِ سندس زندگيءَ جي آخري رهجي ويل خواهش هئي. ساڻس سنڌ اچڻ واري وفد ۾ ڊاڪٽر مرلي ڌر جيٽلي، ڪرشن کٽواڻي، قيمت هريسنگهاڻي، ڊاڪٽر نارايڻ ڀارتي ۽ وينا شرنگي گڏ آيل هئا، پر وفد ۾ جيڪا آجيان گوبند مالهيءَ جي ٿي اها مثالي هئي. هو سنڌ ڏسي ويو سنڌ جي سفر بابت هڪ ڏکوئيندڙ سفر نامو لکيائين، جنهن هند ۽ سنڌ ۾ ڪافي پذيرائي ماڻي. پنهنجي آتم ڪٿا جا پنج جلد لکيائين ۽ ڏهين فيبروري 2001ع تي ممبئيءَ ۾ دهانت ڪيائين. سندس وڇوڙي جو ڏک هند توڻي سنڌ ۾ هڪ جيترو محسوس ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته سندس وڇوڙو ٻنهي ملڪن جي سنڌين لاءِ هڪ جهڙو ڏکوئيندڙ هيو سندس وڇوڙي سان سنڌي ادب کان هڪ عظيم سنڌي ناول نويس موڪلائي ويو، جنهن جو پوراءُ هند توڻي سنڌ اڄ جي تاريخ تائين نه ڪري سگهي آهي ۽ بس.


     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هند ۽ سنڌ جي نامياري اديب، سنڌي ادبي سنگت جي باني دادا گوبند مالهي جي ورسيءَ تي سندس ياد
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هند ۽ سنڌ جي نامياري اديب، سنڌي ادبي سنگت جي باني دادا گوبند مالهيءَ جي ورسيءَ تي سندس ياد


    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. محمد ع سومرو

    محمد ع سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    232
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    پورهيو
    ماڳ:
    سنڌ
    گوبند مالھئ جي سنڌي ادبي سنگت ٺاھڻ واري ڪنٽريبيوشن انتھائي ڀلي آھي ۽ سڄي سنڌ سندس ٿورائتي آھي پر انھئ ڳالھ سان مونکي اختلاف آھي ته سنڌ جي ھندن کي ڌڪي ڌار ڪيو ويو يا کين سنڌ مئون ڪڍيو ويو۰ تاريخ شاھد آھي ته سنڌ ۾ ھندو امن سان پئي رهيا مسلمان سياستدانن جي طرفان سندن حفاظت جي پڪ ڏيارڻ باوجود سنڌ کي ڇڏي ھندوستان لڏڻ جو فيصلو سندن پنھنجو ھيو۰ ھٿيون ھندن جي مجموئي لڏ پلاڻ جي ڪري سنڌ کي سماجي طور بيحد نقصان رسيو۰
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو