شبانه امتياز سمون
سينيئر رڪن
پيارا ساٿيو جيئي سنڌ، ڪالهه ادا نثار ناز هي هڪڙو آزاد نظم ليکو هو پاڻ لکندي لکندي اهو شاعري وارو ڪاغذ جو ٽڪرو غلطي سان منهنجي آفيس جي ٽيبل تي ڇڏي ويو ، تمام گهڻو پريشان نظر پئي آيو ، مان ڪنهنجي ڪنهن به شي جي چوري ڪري ڪونه ڄاڻان پر الائي ڇو ادا نثار ناز جي هر شي کي پنهنجي ، توهان جي ۽ ساري سنڌي قوم جي امانت سمجهي توهان سان شيئر پئي ڪريان۔
آزاد نظم
نثاراحمد ناز
ڀلي اسان سان
وفا جي ناتن،
اکين جي ناتن،
دلين جي ناتن،
روئڻ جي ناتن،
کلڻ جي ناتن،
جِي وِڙهي ڪريو،
سڀ پُڄاڻيون سائين،
اسان توهان جي
جوڙ جيڏا،
نه ڪلهه هُئاسين،
نه اڄ به آهيون ،
نه سڀاڻي سائين،
اسان وقت ويريءَ
جي ظالم
هٿن ۾
کلي سدائين دلبريون وڃايون
عاشقيون وڃايون،
سڀني اسانجي
سچائين کي جانان
بزدلي ڄاتي،
آ ڪوڙ ڄاتو،
ڀلي ڪريو
ڪنارا سان کان،
اسان سدائين
ٽنگيل ٽياسن
اسان سدائين
چٽيل نشانن،
اسان جي اوقات
ڪڏهن اڌروري
ڪڏهن
ته ڳولهي
لڀي نه سائين
ڀلي ڪريو
اسان کان دُوري
ڀلي ڪريو
رُساما سائين،
اسان توهان جي
جوڙ جيڏا،
نه ڪلهه هُئاسين،
نه اڄ به آهيون ،
نه سڀاڻي سائين ،،،، !
نه سُڀاڻي سائين ....... !
نه سُڀاڻي سائين ....... !
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
آزاد نظم
نثاراحمد ناز
ڀلي اسان سان
وفا جي ناتن،
اکين جي ناتن،
دلين جي ناتن،
روئڻ جي ناتن،
کلڻ جي ناتن،
جِي وِڙهي ڪريو،
سڀ پُڄاڻيون سائين،
اسان توهان جي
جوڙ جيڏا،
نه ڪلهه هُئاسين،
نه اڄ به آهيون ،
نه سڀاڻي سائين،
اسان وقت ويريءَ
جي ظالم
هٿن ۾
کلي سدائين دلبريون وڃايون
عاشقيون وڃايون،
سڀني اسانجي
سچائين کي جانان
بزدلي ڄاتي،
آ ڪوڙ ڄاتو،
ڀلي ڪريو
ڪنارا سان کان،
اسان سدائين
ٽنگيل ٽياسن
اسان سدائين
چٽيل نشانن،
اسان جي اوقات
ڪڏهن اڌروري
ڪڏهن
ته ڳولهي
لڀي نه سائين
ڀلي ڪريو
اسان کان دُوري
ڀلي ڪريو
رُساما سائين،
اسان توهان جي
جوڙ جيڏا،
نه ڪلهه هُئاسين،
نه اڄ به آهيون ،
نه سڀاڻي سائين ،،،، !
نه سُڀاڻي سائين ....... !
نه سُڀاڻي سائين ....... !
سنڌ سلامت ساٿ سلامت