دوستو! هاڻ خبر پئي ته اسين حقيقت ۾ پوڙها ٿي ويا اهيون، ڇاڪاڻ دوستن جي رفتار ۽ سگهه ڏسي لڳي ٿو ته جواني ڪيتري نه ڪارائتي هوندي آهي ۔۔۔۔ ادي سليمان کي اڃان سندس 2000 تحريرون (جواب) پوري ڪرڻ تي مبارڪون ڏئي واندا ٿياسون ته هاڻ 400 ليک پورا ڪيا اٿس۔
400 ليک ڪارائتا ۽ ڄاڻ سان ڀريل ، سنڌ جي ادب ۽ شاعري سان ٽمٽار ، سليمان وساڻ جا سڀ ليک جاندار ۽ ڄاڻ سان ڀريل هوندا اهن ۽ وقتائتا پڻ۔۔۔
ادا سليمان اوهانجي رفتار ۽ اوهانجي سگهه ڏسي ڪڏهن ڪڏهن ريس ٿيڻ لڳندي آهي پر پو سوچيندو آهيان ته يار نثار ڇو ٿو جوانن سان ريس ڪري، گهوڙن ۽ گهوٽن سان ڪهڙي ريس۔
ادي سليمان وساڻ تي فخر آهي ته هو سنڌ ۽ سنڌيت لا تمام گهڻي محنت ڪري رهيو آهي ۽ سنڌي ٻولي کي پنهنجي جائز مقام ڏيارڻ جي ڏس ۾ پاڻ پتوڙي رهيو آهي ۔۔۔
عملي انسان آهي ۽ سنڌ کي عملي انسانن جي سخت ضرورت آهي۔۔۔
سلام دوست