نثارابڙو
نائب منتظم
دوستو! 4 مارچ سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ اهم انقلابي ڏينهن آهي، هن ڏينهن تي سنڌ جي سياسي پارٽين ۽ سنڌي جوڌن ايوب شاهي جي خلاف سنڌ کي سراپا احتجاج ڪري ڇڏيو هو ۽ ڄامشوري واري پل تي سنڌ يونيورسٽي جي جوڌن اهڙو ته رڪارڊ احتجاج ڪيو هو جو آخر ايوب شاهي کي وڃڻو پيو ۽ ايوب جي پاران لڳايل ون يونٽ ٽوڙيو ويو ۔۔۔
ون يونٽ جو مقصد هو ته پاڪستان م ڪا به قوم ناهي، ڪا به ٻولي ناهي، پاڪستان هڪ ملڪ آهي ۽ انجي قومي ٻولي اردو آهي ۔۔۔
ان ظالمانه روش جي خلاف بنگالي جوڌن آواز اٿاريو هو ۽ جدوجهد ڪئي هئي ۽ سنڌين پڻ پاڻ ملهايو هو ۔۔۔
اچو ته سنڌ جي انهن جوڌن کي سلام پيش ڪريون۔ جن ايوبي آمريت جا ظلم پنهنجن پٺاڙن تي برداشت ڪيا پر قومي حيثيت بحال ڪرائي۔
سلام سنڌ جي جوڌن کي