جيئو سنڌي

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏3 مارچ 2011۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    ڪڏهن ڪـــڏهـــن سنڌ ۽ سنڌين سان ٿيندڙ..نا انصافين تي دل ئي دل ۾ ڏُک ۽ پنهنجي ئي سنڌين تي ڪاوڙ به ايندي آهي، ڇوته سنڌي قوم جو وجود دنيا تي جيترو پراڻو آهي، اوترو ئي سنڌي قوم قدم بقدم پنهنجي ئي افعالن جي ڪري پوئتي پئي وڃي، اسان جيڪڏهن سوچيون ٿا ۽ چاهيون به ٿا ته سنڌ آزاد ٿئي ته ڇا هي سنڌي جيڪي اڄ هڪ ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿا وٺن ته ڇا اهي سنڌ آزاد ٿيڻ کان بعد ۾ گڏجي هلندا...اڄ اسان ننڍن ننڍن ڳالهين تي وڙهي هڪ ٻئي جا خاندانن جا خاندان تباھ ڪري ڇڏيا آهن، ڇا اُهي سڀاڻي پاڻ ۾ ايڪو ۽ ٻڌي ڪري هلندا، اڄ جيڪي سنڌي هوٽل تي ويٺي ويٺي اڌ چانھ تي هڪ ٻئي جي مٿي مان رت ٿا ڪڍن ڇا اُهي سنڌي سڀاڻي گڏ ٿي هلندا..؟؟
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جيئو سنڌي

    عاشق توهان جي اڻ تڻ بلڪل صحيح آهي پر هي سڀ ڪجھ پاڻ ڪونه بدلبو۔ دوست ان لاء ڪي قدم کڻڻا پوندا ، ڪي قربانيون ڏيڻيون پونديون ، ڪي پنڌ ڪرڻا پوندا، ڪي راتيون جاڳڻو پوندو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ نا اميدي به ڪفر آهي ۽ ڇو ته اياز چيو آهي :

    اڃان رڃ مان رڙ اچي پئي اچي پئي
    متان ايئن سمجهو مئا مور سارا


    ٻيو ته دوست اسان ڪنهنجي آسري تي آهيون۔ ڇا ڪي ڌاريا يا ٻاهريان اچي هي سڀ ڪجه تبديل ڪندا ؟؟ نه ڪڏهن به نه ۔۔۔ اسان کي ئي ڪجه ڪرڻو پوندو ۽ علم جي لاٽ سان ئي هي سڀ ممڪن ٿي سگهي ٿو ۔ عملي قدم وڌائيندي اڳتي وڌو ته الله پاڪ به سڻائي ڪندو

    پاڻ ئي ايندم هوت ، ڪجھ آء به اڳڀري ٿيان


    اوهان جي سهڻن خيالن جو قدر آهي اي دوست ۔۔۔۔ انشاء الله هڪ ڏينهن هي خواب سجايا ٿيندا ۔۔۔ اڄ نه ته سڀاڻي ۔۔۔ اسان نه ته اسان جي ايندڙ نسل آزادي ماڻيندي۔۔
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: جيئو سنڌي

    سائين سليمان وساڻ۔۔۔مهرباني
    پر ڪڏهن ڪڏهن ائين به لڳندو آهي ته سنڌ تي جيڪي ڌاڙا لڳن ٿا ان ۾ پنهنجن جوئي هٿ آهي۔
    وڏي ڳالھ ته اسان سنڌي قبيلن ۽ مختلف مذهبي گروھن ۾ وراهجي ويا آهيون۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جيئو سنڌي

    پيارا عاشق اوهان جي ڳالهين سان سئو في صد متفق آهيان

    پر منهنجا ڀاء اهي تبديليون به اسان ئي آڻينداسين ، ڪو ٻاهريون ته ڪونه ايندو ، مايوسي ضرور آهي پر صفا اونداه به ناهي۔ پنهنجا ئي ته ڌاڙن م هوندا آهن۔ منشي ابراهيم چيو آهي :

    مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا هي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾
    ٿي واٽ ڏسيائون ويرين کي ويهي وانگيئڙن جي واڙي ۾
     
  5. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: جيئو سنڌي

    ادا ساڳي پوسٽ تي دوستن فيس بوڪ تي بحث ڪيو۔۔۔۔سچ ته مان پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي جڏهن ڏسندو آهيان ته۔۔۔الائي ڇو شرم ايندو آهي۔۔۔۔خير ڪجي ته ڪجي ڇا وڃي ته وڃي ڪاڏي۔۔۔۔محترم۔۔۔سائين سنڌي ڪير۔۔۔تون ۽ مان۔۔۔هاڻي تون ۽ مان سنڌي پر فرق۔۔۔۔؟؟؟ مولا خوش رکي سڀني سنڌين کي۔۔۔ڪجھ ته اسان جا اهڙا به سنڌي آهن۔۔جن کان پنهنجي ٻولي به وسري وئي آهي۔۔۔۔مون جڏهن کان نيٽ جي دنيا ۾ پير رکيو آهي۔۔تڏهن کان اوهان جهڙن وڏڙن کان سکڻ جي ڪوشش‌ڪندو آهيان۔۔۔سائين بس مٿان ڪا ڀلائي ٿئي۔۔۔باقي ڳالھ ڪاٽي کان چڙهندي ٿي وڃي۔
     
  6. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: جيئو سنڌي

    ادا عاشق سولنگي تو هان جي ويچارن کان ڪنهن به سنڌي کي انحرف نه هوندو۔اسان جيستائين ذات پات جي ڪوڙي ڊونگ مان نه نڪرنداسين ايئن مايوسين ۾ گهرايا رهنداسين۔آسان جيستائين تعليمي ميدان ۾ آڳتي آچي ڪاميابيون نه ماڻينداسين ته قوم ۽ سنڌ کي ڪا ترقي نه ڏياري سگهنداسين۔ڪنهن ٻئي جي طرف ڏسڻ کان بهتر ٿيندو ته آسان پاڻ ڪاميابين جي طرف قدم وڌايون ۔توهان جي سوچ تمام گهري آهي۔اها سوچ هر سنڌي ۾ هئڻ گهرجي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو