ڀيڻ ساره جي نانءُ ڀيڻ ساره ڪافي ڏينهن کان اسان کي توهان جون نيون لکڻيون توهان جون نيون شيئرنگس توهان جون نڪور ڪهاڻيون نظر ڪونه پيون اچن ڀيڻ توهان پنهنجي مصروفيات جي بحر ۾ ايترا ته گُم آهيو جو سنڌ سلامت جا سڀيئي ڀائر توهان کي وسري ويا۔۔ ڀيڻ ساره توهان کي خبر آهي ته توهان سنڌ سلامت تي سنڌ جي لکين سنڌي نياڻين جو اڪيلو آواز آهيو واحد ڪردار آهيو جنهن سان سنڌي نياڻين کي سُجاڳيءَ جو سڏ ملي سگهي ٿو ڀيڻ توهان ۾ اها خُوبي آهي جو توهان جيجل بختاور بڻجي جيجل ٻاگهي بڻجي ۽ لطيف سائين جِي سُورمي مارُئي بڻجي سنڌ سلامت جي ڏسڻ ۾ ننڍڙي پر انٽر نيٽ جي حوالي سان سنڌ جي سڀني آوازن کان وڏي ۾ وڏي آواز سنڌ سلامت تان پنهنجو سنيهو سنڌي ڀيڻن تائين پهچائي سگهو ٿيون ۽ اُنهي سُجاڳي واري پيغام سان اسان سڀني سنڌي ڀائرن کي يقين آهي ته سنڌ جون نياڻيون پنهنجي خلاف هر ڏاڍ هر ظلم سان اکين ۾ اکيون وجهي ويڙهاند ڪري سگهن ٿيون ڀيڻ ساره اسان سنڌ سلامت جا سڀيئي ڀائر قسم سان توهان کي ڏاڍو ياد پيا ڪريون۔۔۔۔ توهان کي ڏاڍو مس پيا ڪريون۔۔۔۔
سائين نثار ناز صاحب... ! ادي ساره کي ته واقعي اسان به مس ڪريون پيا۔۔۔۔ پر توهان پنهنجي لکائي کي ادي ساره جي لکائي وانگر ۽ ڪي بورڊ تان سپيس جي بجاءِ انٽر ماري ياد ڪرڻ وارو انداز بلڪل دل کي وڻندڙ لڳو ۔۔۔۔ سچي به جڏهن ادي ساره هي تحرير پڙهندي ته هن جي چهري تي مسڪراهٽ ضرور ايندي ۽ جيڪڏهن اسان سان ڪا ناراضگي اٿن ته اها به هٽي ويندي۔۔۔ توهان جي مهرباني جو کين ياد ڪرڻ جو سنديسو موڪليو ۔۔۔۔ سچي ڳالهه ته اها آهي ته اسان جو سنڌياڻون پنهنجي کوڙ سارين مجبورين ڪري انٽرنيٽ جهڙي جديد ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪري نه سگهنديون آهن ۔۔۔۔ ادي نور سان به ساڳيا ئي مسئلا آهن اميد ته هي تحرير انهن کي به واپسي تي مجبور ڪندي۔۔۔
ادا وهاب اوهان کي به هاڻي سائين نثار جو شاگرد ٿيڻ کپندو۔۔۔۔ فقير سائين ته ٿي چڪو آهي۔۔۔ سائين نثار ناز صاحب اوهان جو هن سنڌ سلامت جي سٿ کي ياد ڪرڻ جو انداز ئي نرالو آ۔۔۔۔ باقي وڌيڪ ڀيڻ ساره ئي ٻڌائيندي ته ايترو وقت هن ساٿ تان ڇو غائب رهي۔۔۔۔ مهرباني سائين نثار ناز صاحب۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ادا رشيد لڳي ٿو اسان جي ڀيڻ ساره تمام گهڻي مصروف آهي۔ پر ادي ساره آخر ته اسان جي ڀيڻ ”سنڌياڻي“ آهي، اسان ڀائرن جا سڏ سمورا ورنائيندي۔ انشاءالله