• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تون سونهن ٿو پسائين احسان جي نموني

عرس پريو

سينيئر رڪن
تون سونهن ٿو پسائين احسان جي نموني،
مونکي نه پيار گهرجي ان دان جي نموني۔

مضمون حسن جو تو ڇيڙي ڇڏيو آ جاني،
مان ڇو نه عشق آڇيان عنوان جي نموني۔

برباد دل جي ڀونء کي مس مس ملي ٿو ڪاٿي،
ڀاڪر بهار، بو سو بستان جي نموني

زلفن ۾ يا زنجيرن ۾ ۔ قرب يا ڪڙن ۾،
هي زندگي ته ٿي پئي زندان جي نموني۔

خوشبو حبيب جي هئي، بدبو رقيب ڪئي مان،
ڪجهه هير جي طرح ڪجهه طوفان جي نموني۔

مسڪين اٿلي پٿلي هر رات پئي پچائي،
ڪنهن تانگهه جي تئي تي دل نان جي نموني۔

آدم ، حوا خطا ڪئي آخر ته آدمي هئا،
الله ڇو خفا ٿيو انسان جي نموني۔

مينار روشنيء جو او دوست عشق منهنجو،
گوندر گهڻائي آيا گهمسان جي نموني۔

آزاد ٿيندو ويندو استاد هي زمانو،
آواز ٿيندو ويندو اعلان جي نموني

(ا ستاد بخاري)
 
جواب: تون سونهن ٿو پسائين احسان جي نموني

واه ادا عرس واه اصل استاد جي شآعري پڙهي ڪري دل جوان ٿي ويندي آهي دل چوندي آهي ته بس سامهون محبوب هجي ۽ ما‌ڻهون ان کي سامهون ويهاري استاد جي شآعري پڙهندو رهي
 
جواب: تون سونهن ٿو پسائين احسان جي نموني

آزاد ٿيندو ويندو استاد هي زمانو،
آواز ٿيندو ويندو اعلان جي نموني

اسان ان ئي ڏينهن جي انتظار ۾ آهيون ۽ ان ئي ڏينهن لاء عملي ڪوششون پيا ڪيون۔

لک ٿورا استاد جي شاعري ونڊڻ جا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ خير آهي طاهر هونئن به ڳوٺ ويل آهي ۽ لوڪل فقير سان ملاقاتون پيو ڪري۔ تيستائين پنهنجو وارو وڄائي وٺ۔۔۔
 
جواب: تون سونهن ٿو پسائين احسان جي نموني

اسان ان ئي ڏينهن جي انتظار ۾ آهيون ۽ ان ئي ڏينهن لاء عملي ڪوششون پيا ڪيون۔

لک ٿورا استاد جي شاعري ونڊڻ جا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ خير آهي طاهر هونئن به ڳوٺ ويل آهي ۽ لوڪل فقير سان ملاقاتون پيو ڪري۔ تيستائين پنهنجو وارو وڄائي وٺ۔۔۔
موبائل زنده باد ادا_
 
Back
Top