نه گناه آهيون نه ثواب آهيون اسين ڏينهن ڏٺي جا خواب آهيون اکيون بند ڪرين ته ڪنڊا ئي ڪنڊا جي کولين ته گلاب آهيون جي نه پڙهين ته آهيون ڪورا ڪاغذ جي پڙهين ته ڪيترا ڪتاب آهيون بس يار ڪريون ٿا توهان جي در جي غلامي نه ته ،استاد، اسين پاڻ وڏا نواب آهيون
جواب: نه گناه آهيون نه ثواب آهيون ادا علي علي مهرباني اوهان ڇا آهيو اهو اسان به ڄاڻون ٿا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڀلي اوهان پاسو ڏئي ڀڄي وڃو ۔۔۔۔۔ اوهان کي ديڳيون چاڙهيندي به ڏٺو آهي۔۔۔ آخر ته هڪ ڏينهن ايندي ڪڪڙ ڪاتيء هيٺان۔۔۔۔۔۔۔۔۔ استاد جي لاجواب شاعري ونڊ ڪرڻ جي مهرباني ادا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ شال سدائين نواب هجو ۔۔۔۔۔۔۔آمين ۔۔۔۔۔۔