السلام عليڪم اڄ ڪله اين ڊي ٽي وي اميجن تي شاه رخ جو هڪ شو هلي رهيو آهي جنهن جو نالو آهي زور ڪا جهٽڪا ۔ ۽ اتفاق سان اهو پ روگرام جڏنهن به لڳندو آهي ته مان بزي هوندو آهيان ڪڏنهن به ناهيان ڏسي سگهيو ۔ ليڪن اڄ هي ويڊيو ڏسڻ کان پوء مون کي سمجه ۾ اچي ويو ته شاه رخ به شايد ان جهٽڪي واري پير کان دعا وٺڻ کان پوء ئي پهنجي پروگرام جو نالو ئي زور ڪا جهٽڪا رکيو هوندو ۔۔ هي ته هو مزاق پر دوستو هي ويڊيو مان ڪيتري دير تائين بار بارڏسندو رهيس مهنجي لاء هي هڪ نئي شي آهي ڇو ته مون مسلمانن جي اڪثر فرقن جا پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي آهي مون ڪڏنهن به اهڙي محفل نه ڏٺي آهي ۽ نه ٻڌي آهي دوستو هي آهي جهٽڪي وارو پير جيڪو نوري بادشاه جي نالي سان مشهور آهي ان جي اصل جڳه ڪٿي آهي ڪير آهي تفصيلي خبر مون کي به نه آهي ۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔ پر ان جي نظرن ۾ سحر آهي يا ڇا خبر نه ٿي پوي ته هي چڪر ڇا آهي ۽ انهن جو ان مان اهي ڪرڻ سان ڇا مقصد آهي ڪجه سمجه نٿي اچي مون به هر مسلڪ جا پروگرام ڏٺا آهين ۽ ۽ شرڪت ڪئي آهي پر اهڙي قسم جا ماڻهون مون نه ڍٺا آهين ۔ جي ڪنهن دوست کي ان بابت خبر هجي ته ضرور ٻڌائين ۔۔۔۔ پر يار مون کي پينٽ شرٽ ۾ بيٺل ان محفل ۾ پاڻ وارو مست))) به نظر آيو وڌيڪ هو ئي ٻڌائي سگهي ٿو http://www.youtube.com/watch?v=SEj1E0hayuU&feature=player_embedded http://www.youtube.com/watch?v=sTkbqnHjxh4&feature=related
جواب: جهٽڪي وارو پير ادا هي وڊيو ڏسي...۽ مولوين جا جهٽڪا ۽ مولوين جو عقيدو ڏسي...مونکي تمام گهڻي حيراني ٿي آهي...ڪٿي ائين ته نه آهي ته هي وڊيو فيڪ هجي...يا وري ڪجھ ٻيو قصو هجي..خير جيڪو به آهي..مونکي ته ڳالھ سمجهم ۾ ڪون آئي...۽ وڊيو ڏسي مٿي کي چڪر پڻ آيا...الله خير.
جواب: جهٽڪي وارو پير فقير سائين مڪمل ويڊيو ڏٺم ويڊيو ڏسڻ سان هڪ ڳالهه ته بلڪل صاف آهي ته جيڪي به همراه بيٺل آهن اهي وتن ٿا لوائيندا ته ڪٿي اسان نه وتو ليٿڙيون پائيندا) باقي سمجهه ۾ مون کي به نه آيو ته هي ڪهڙي مسلڪ سان واسطو رکن ٿا باقي جنهن کي به اهو فقير ڏسي پيو يا پڪڙي ڀاڪر ٿو پائي ته اصل همراه وتي ٿو ڪلٽيون کائيندو ويڊيو ڏسندي ڏسندي اهو خيال پڻ آيو ته ويڊيو اڌ ۾ ئي بند ڪريان ته ڪٿي اهو فقير مون کي نه ڏسي وٺي ائين نه ٿئي جو وتان مان به ليٿڙندو مست ويڊيو ڀري سنگت آڏو رکندي اصل دير ئي نه ڪري ها بهرحال ڳالهه اسان جي سمجهه کان چڙهيل آهي سدائين گڏ
جواب: جهٽڪي وارو پير ڪجھ سمجھ ۾ ڪونه آيو ته هي سڀ ڇا آهي ؟ هي ڪير آهن ۽ ڇا ٿا چاهن ؟؟ پر مان ڪيئي دفعا هي وڊيو ڏسي اهو پيو ڳوليان ته اسان وارو جهونو فقير يعني انٽرنيشنل فقير انهن ۾ ڪهڙو آهي۔ لوڪل فقير کي عرض ته ٿورو وڊيو کي جاچي ۽ پنهنجي ماهرانه راء ڏي ۔۔۔۔۔۔
جواب: جهٽڪي وارو پير جي سچ پڇو ته مون جو شڪ ان جهٽڪي واري بابا ۾ آهي ته اهو ئي جهونو آهي باقي مست جي سڄاڻپ تي پاڻ جهونو ڪري چڪو آهي ان جي باري ۾ هاڻي مان ڇا چوان \:d/\:d/\:d/ جهوني کي سڄاڻڻ سولو آهي بس صرف توهان ٻه دفعا غور سان ويڊيو کي ڏسو سدائين گڏ
جواب: جهٽڪي وارو پير فقير وڏا!۔۔۔ مان اها وڊيو فيسبوڪ تي پهرين ڏسي چڪو آهيان ۽ فيسبوڪ تي دوستن سان ونڊ ڪري چڪو آهي، توهان واري ڳالهه وانگر ته حيران اڃان تائين مان به آهيان ته هن وڊيو ۾ ڇا ٿي رهيو آهي۔۔ هي فقير جهٽڪي وارو آهي، جنهن جي ڏسڻ، ٽچ ڪرڻ يا ڀاڪر ۾ ڀرڻسان اڳيون همراهه اصل يا ته ڪُتي وانگر ليٿڙيون ٿو پائي يا وري نانگ وانگر سرڙاٽ ڪندي دانهون ٿو ڪري۔۔ بهرحال ڪجهه به هجي دين اسلام ۾ اها ڳالهه ته ڪنهن به طرح سان قبول نه آهي۔۔ شايد هي پاڻ کي انهيءَڪيفيت ۾ آڻي ڏيکارڻ ٿا چاهين ته اسان وجد جي ڪيفيت ۾ اچي ويا آهيون۔۔ ڇا انهيءَکي وجد چئبو آهي۔؟؟؟ اهڙي ڪيفيت کي رسول صه جي دين سان ڳنڍڻ ڪٿان جي حقيقت آهي؟؟؟ الله حافظ آهي اهڙي اُمت جو۔۔ توهان وانگر مون به ڪيترن ئي مُسلڪن جو مشاهدو ڪيو آهي پر ڪٿي به ايئن نه ڏٺو آهي۔۔ ادا طاهر سنڌي به اسلامڪ اسٽڊيز جا شاگرد رهي چڪا آهن ۽ انهن جو مشاهدو وڏو آهي، انهن کي گذارش آهي ته ان سلسلي ۾ اسان جي معلومات ۾ اضافو فرمائن۔۔
جواب: جهٽڪي وارو پير ابا سيلمان ٿورو جهٽڪو کائڻ اچ ان پير تي ته توکي مان ٿو پاڻ ٻڌايانء ته ان ۾ انٽر نيشنل فقير ڪهڙو آهي پر پهريان جهٽڪو کائڻ اچڻو پوندئي جي هجين تيار ته مان پاڻ واري شاهي سواري موڪلي ڏيانء؟؟؟ههه
جواب: جهٽڪي وارو پير ادا توبه نعوذباالله۔هي بدعت جو هڪ مثال آهي۔جيڪا شئ اسان جي پياري نبئ صلي عليه وسلم جي زماني ۾ نه ٿي هجي ۽ بعد ۾ ڪئي وڃي ته آها بدعت چورائيندي آهي۔هي ڪمزور عقيد واري ماڻهن کي دين کان گمراه ڪرڻ جو هڪ طريقو آهي ٻيو ڪجه نه الله سائين شل اسان سڀني کي نيڪ هدايت ڏئي ته اسان بدعت نه ڪريون۔آمين۔
جواب: جهٽڪي وارو پير هيءَ هڪ قسم جي جهالت آهي ۽ انکان علاوه هن عمل جي نه ڪا اهميت آهي ۽ نه ئي ان عمل جو تعلق دين سان آهي ۔۔۔ هي شعبده باز ماڻهون آهن، جيڪي پنهنجي عاقبت سان گڏوگڏ ٻين معصوم ماڻهن کي پڻ ڀٽڪائن ٿا ۔۔۔ مطلب هڪ قسم جو دڪان آهي ۔۔۔ ڪوڙن تي الله جي لعنت ۔۔۔ دوستن کي گذارش آهي ته اهڙي قسم جي ڪابه حرڪت کين اوس پاس نظر اچي ته انکي بند ڪرائن ۔۔۔ رب العالمين شيطان جي رنگن کان بچائي ۔۔۔ آمين
جواب: جهٽڪي وارو پير ادا بدعت ڇا کي چئبو آهي؟ ائين ته اوهان جو نيٽ تي ويهڻ به بدعت آهي، ڇو جو اها نيٽ رسول جي دور ۾ ڪونه هئي؟؟؟؟ منهنجي ّخيال ۾ هر نئين شي ان وقت بدعت آهي جڏهن ان کي دين جو حصو سمجهيو وڃي۔