[JUSTIFY]ورلڊ ڪپ 2011 جي هڪ اهم ميچ ۾ اڄ ڪولمبو ۾ پاڪستان ڪئناڊا جي ڪمزور ٽيم اڳيان پهريان بئٽنگ ڪندي 184 رنسن تي ڍير ٿي وئي۔ ڪرڪيٽ جا ماهر اها اميد رکيو ويٺا هئا ته اڄ ٻيهر اپسيٽ ٿيندو ۽ پاڪستان کي شڪست ملندي۔ پاڪستاني ڪپتان شاهد آفريدي پنهنجي بهترين بالنگ ذريعي پاڪستان کي ٻيهر ڪاميابي ڏياري ۽ ڪئناڊا جي پوري ٽيم 138 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي۔ ڪپتان شاهد آفريدي هڪ دفعو ٻيهر ميچ ۾ 5 وڪيٽون ورتيون ۽ هن وقت هو ٽن مئچن ۾ 14 وڪيٽون وٺي ٽورنامينٽ جو ٽاپ بالر آهي۔ جيتوڻيڪ آفريدي جي بئٽنگ تي گهڻي تنقيد ٿي آهي پر هن بالنگ ذريعي ناقدين جا وات بند ڪري ڇڏيا آهن[/JUSTIFY] اڄوڪي ميچ جو هيرو پاڪستاني ڪپتان شاهد خان آفريدي
جواب: ورلڊ ڪپ 2011 جي هڪ ٻي اپ سيٽ جي اميدن تي پاڪستاني ٽيم پاڻي ڦيري ڇڏيو هن ورلڊ ڪپ ۾ جتي انڊيا 338 ۽ انگلينڊ 327 رنس ٺاهي به ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهي۔ اتي اڄوڪي ميچ ۾ پاڪستان اهو ثابت ڪيو آهي ته ننڍڙي اسڪور جو دفاع ڪيئن ڪبو آهي، ماهرن کي پهرين ئي اها اُميد هئي ڇو ته پاڪستان جي بالنگ اٽيڪ کي دنيا جو مضبوط بالنگ اٽيڪ ان ڪري ئي چيو وڃي ٿو جو هو ڪنهن مهل به راند جو پاسو مٽائي سگهن ٿا۔۔ سلام آهي لالا شاهد آفريدي کي جنهن هن ورلڊ ڪپ ۾ڪپتانيءَجو فرض سٺي نموني نڀايو آهي
جواب: ورلڊ ڪپ 2011 جي هڪ ٻي اپ سيٽ جي اميدن تي پاڪستاني ٽيم پاڻي ڦيري ڇڏيو آفريدي هن ميچ ۾ 23 رنسون ڏئي 5 وڪيٽون ورتيون۔۔۔ ان طرح ورلڊ ڪپ ۾ سندس وڪيٽن جو تعداد 14 ٿي ويو ۔۔۔ ان طرح اڃان تائين آفريدي بالرس ۾ ٽاپ تي آهي۔۔۔۔ http://www.youtube.com/watch?v=mDtGp3a1oMc
جواب: ورلڊ ڪپ 2011 جي هڪ ٻي اپ سيٽ جي اميدن تي پاڪستاني ٽيم پاڻي ڦيري ڇڏيو ادا سليمان اميد ته پاڪستان جي هر ميچ جو اوهان اهڙو خوشخبري وارو موضوع موڪليندا رهندا
جواب: ورلڊ ڪپ 2011 جي هڪ ٻي اپ سيٽ جي اميدن تي پاڪستاني ٽيم پاڻي ڦيري ڇڏيو ادا سليمان اسلام عليڪم۔پاڪستان ٽيم جو اهو رڪارڊ رهيو آهي ته وڏي اسڪور تي هرائي به سگهي ٿي ۽ ننڍي اسڪور تي کٽي سگهي ٿي۔پاڪستاني ٽيم سان هر پاڪستاني جون دعائون هونديون آهن۔جيڪڏهن توهان ڪينڊا جي ٽيم تي نظر وجهندا ته معلوم ٿيندو ته اها هن ورلڊ ڪپ جي ڪمزور ۾ ڪمزور ٽيم آهي۔ان جي بالرن جي هٿان پاڪستان جي بهترين بيٽنگ سائيڊ جو 200 کان به گهٽ اسڪور ڪرڻ يا پنجاه آور ڪمپليٽ نه کيڏڻ ۽ آڳ ۾ ئي آوٽ ٿيڻ لمحه فڪر آهي۔اڃان ته مضبوط ٽيمون سان آسانجي ٽيم کي ميچون کڏڻيون آهن۔جن وٽ دنيا جا بهترين بالر ۽ بيٽسمن آهن۔آڄ جهڙيطرح ڪينڊا جا آوپنر کيڏي رهيا هئا جيڪڏنهن ٿوري دير هو وڌيڪ پيچ تي رهن هان ته ميچ جو فيصلو شايد مختلف هجي هان۔الله سائين جا لک احسان آهن جو پاڪستان هيئ ميچ کٽي ۔نه ته ايندڙ ميچن ۾ پاڪستاني ٽيم انڊر پريشر هجي هان۔هي اسان جو نماڻو تجزيو آهي ۔
جواب: ورلڊ ڪپ 2011 جي هڪ ٻي اپ سيٽ جي اميدن تي پاڪستاني ٽيم پاڻي ڦيري ڇڏيو ادا واحد هڪ اهم نڪتي طرف اشارو ڪيو آهي۔۔۔ واقعي به جيڪڏهن ٽيم اهڙي طرح کيڏي ته ايندڙ اهم ميچز ۾ فرق واضح نظر اچي سگهي ٿو۔۔۔ بحرحال دوستن جي فرمائش تي هن ميچ جون مڪمل جهلڪيون حاضر آهن۔۔۔ http://www.youtube.com/watch?v=G1bVNaXJpr8
جواب: ورلڊ ڪپ 2011 جي هڪ ٻي اپ سيٽ جي اميدن تي پاڪستاني ٽيم پاڻي ڦيري ڇڏيو مهرباني ادا هڪ وقت ۾ ته بلڪل ايئن پئي لڳو ته پاڪستان هن ميچ ته هٿ ڌوئي ويٺو پر قوم جي دعائن کانپو آفريدي جي بالنگ ميچ کي هڪ نئون موڙ ڏنو۔۔ جنهن سان فتح پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي حوالي ٿي۔۔۔۔ دوستن کي دعا جي اپيل آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔