ورلڊ ڪپ 2011 جي هڪ اهم ميچ ۾ اڄ ڪولمبو ۾ پاڪستان ڪئناڊا جي ڪمزور ٽيم اڳيان پهريان بئٽنگ ڪندي 184 رنسن تي ڍير ٿي وئي۔ ڪرڪيٽ جا ماهر اها اميد رکيو ويٺا هئا ته اڄ ٻيهر اپسيٽ ٿيندو ۽ پاڪستان کي شڪست ملندي۔
پاڪستاني ڪپتان شاهد آفريدي پنهنجي بهترين بالنگ ذريعي پاڪستان کي ٻيهر ڪاميابي ڏياري ۽ ڪئناڊا جي پوري ٽيم 138 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي۔ ڪپتان شاهد آفريدي هڪ دفعو ٻيهر ميچ ۾ 5 وڪيٽون ورتيون ۽ هن وقت هو ٽن مئچن ۾ 14 وڪيٽون وٺي ٽورنامينٽ جو ٽاپ بالر آهي۔ جيتوڻيڪ آفريدي جي بئٽنگ تي گهڻي تنقيد ٿي آهي پر هن بالنگ ذريعي ناقدين جا وات بند ڪري ڇڏيا آهن

اڄوڪي ميچ جو هيرو پاڪستاني ڪپتان شاهد خان آفريدي