هنن کي مارڻ کان خوف ۽ نه اسان کي مرڻ کان خوف

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏3 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هنن کي مارڻ کان خوف ۽ نه اسان کي مرڻ کان خوف

    امداد سومرو

    [JUSTIFY]موت يا ڪنهن به ڏک جي خبر تي منهنجو پهريون ردعمل انتهائي سرد هوندو آهي. پر جيئن جيئن پل گذرندا ويندا، هيانءُ ۾ بڙڇي تيزيءَ سان چڀڻ لڳندي، اندر وڍيندي ويندي. محترمه بينظير ڀٽو واري سانحي جي خبر هئي يا گورنر سلمان تاثير واري قتل جي خبر هئي (يا ذاتي رشتن جي موت واقع ٿيڻ وارا اطلاع هجن) منهنجو پهريون ردعمل اهڙو سرد هو.

    ساڳئي طرح جڏهن مون کي ڪنهن دوست اقليتن جي مذهبي مامرن جي مسيحي وزير شهباز ڀٽيءَ جي قتل جي خبر ٻڌائي، ته به مون کي سمجهه ۾ نه آيو ته ان تي فورن ردعمل ڇا هجڻ گهرجي. پر جڏهن اخبار جي ڊيسڪ تي پهتس ۽ ڪنول مون کي مقتول وزير جي موت تي ٻاهرين ميڊيا ۾ ردعمل جا پرنٽس فارورڊ ڪري ڌيان ڇڪايو ۽ جڏهن مون مقتول جي دوست رابنسن اصغر جا اهي لفظ پڙهيا: ”مون هن کي چيو هو ته هو ملڪ ڇڏي وڃي ڇو ته گورنر سلمان تاثير جي قتل کانپوءِ هن کي مسلسل ڌمڪيون ملي رهيون هيون. پر هن ملڪ ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو“، ته مون کي انهيءَ افسوسناڪ واقعي جي شدت سيني ۾ ڇيت وانگر چڀندي محسوس ٿي.

    هن مهل مون کي اهي قومپرست ياد ٿا اچن جن جو ٽارگيٽ ملو نه پر پيپلزپارٽي آهي. مون کي ايم ڪيو ايم ياد اچي ٿي جنهن جو سربراهه عظيم برطانيا جي قدرن واري سرزمين کي استعمال ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستاني جنريلن کي عوامي انقلاب جي سرواڻي ڪرڻ جون سينڍون ۽ نينڍون ڏئي رهيو آهي. مون کي سيڪيولر ۽ روشن خيال سول سوسائٽي جي وڪيلن واري تحريڪ ياد اچي رهي آهي جيڪي پنهنجي پوري هيئت ۾ اينٽي پيپلزپارٽي ثابت ٿيا ۽ جيڪي رائيٽ ونگ ميڊيا ۽ سياسي ڌرين جي ويجهو آهن ۽ جڏهن مجموعي تناظر ۾ جوڊيشري به ساڄي ڌر مائل محسوس ٿئي. مون کي ملڪ ۾ ٻيو نمبر وڏي جماعت ۽ اول نمبر سمجهيو ويندڙ اڳواڻ ميان نواز شريف ياد اچي ٿو جنهن جي جماعت ضياءَ الحق جي فڪري وارث آهي. جماعت اسلامي، جي يو آءِ ۽ عمران خان جي تحريڪ انصاف تي هونئن به ميار نه آهي جو اهي پنهنجي نظريي ۽ بناوٽ ۾ غير عوامي ئي نه آهن پر اسٽبلشمينٽ جو رکيل اهو پتو آهن، جيڪي وقت اچڻ تي کيڏائي سگهجن ٿا.

    هڪ وڏي صوبي جو گورنر سندي محافظ هٿان ماريو وڃي ۽ اهو هجي به پيپلزپارٽي سان لاڳاپيل ۽ حڪومت به پيپلزپارٽيءَ جي هجي ۽ آڱريون به پ پ تي کنيون وڃن ته انهيءَ گهربل سيڪيورٽي فراهم نه ڪئي. شهباز ڀٽي جو به تعلق پيپلزپارٽيءَ سان هجي ۽ هجي به حڪومت پيپلز پارٽيءَ جي ۽ وري ان ڪيس ۾ به آڱريون پيپلزپارٽيءَ تي کنيون وڃن ته انهيءَ گهربل سيڪيورٽي فراهم نه ڪئي- ۽ جيڪا پارٽي ملڪ جي چئن ڪونن ۾ پنهنجو وجود برقرار رکندي اچي ۽ هڪ وڏي قرباني ۽ عوام جي ووٽ جي طاقت سان اقتداري سنگهاسن تي پهتي هجي، ان جو وزيراعظم بيڪل ۽ بيوس سندي وزير جي لاش تي بيٺو هجي- ڪير به اسان مان اهو سوال پڇڻ جي جرئت نه ٿو ڪري ته آخر حڪومت ۾ هوندي رياستي مشينري ڪيتري نه بيرحم طريقي سان هنن سان گڏ نه آهي ۽ هو جيڪي سدائين وڏي ٻليدان ڏيڻ کانپوءِ اقتدار ماڻين ٿا پر بي اختيار هجن ٿا، آخر سموريون ڌريون- عسڪري توڻي نان عسڪري- هنن جي خلاف ڇو آهن؟

    هن ملڪ ۾ انتهاپسند دهشتگردن جي پرورش ڪرڻ جو کٽيو جن کاڌو انهن ئي وري جڏهن پنهنجي پاليل دهشتگردن خلاف قدم کڻڻ شروع ڪيو ۽ ان جو به کٽيو کائي رهيا آهن پر ٽارگيٽ ڪري ماريا به وري پيپلزپارٽي جا ماڻهو پيا وڃن؟ 11-9 کان اڳ واري جيڪا اسان جي پاليسي هئي ۽ جيڪا پوءِ هئي، ٻنهي صورتن ۾ پرائي رت تي پليا هڪڙا آهن ۽ ڀوڳيو ٻين آهي.

    11 سيپٽمبر کانپوءِ جن دهشتگرديءَ خلاف جنگ وڙهي، اهي سڀ جيڪي ساڍا 8 سال چپن تي رت لڪيندا رهيا زنده آهن، صحيح سلامت آهن ۽ سواءِ ڪنهن خطري جي زندگي گذاري رهيا آهن. انهن جو ڪمانڊو هاڻ لنڊن ۾ آهي. ان دؤر جو وزيراعظم لنڊن ۾ پرمسرت ۽ فرحت بخش زندگي گذاري رهيو آهي (اسان جا ليڊر ماريا ويندا آهن ۽ سٽي بئنڪ جا ملازم وزيراعظم ٿي ويندا آهن، مدو پورو ڪندا آهن ۽ زنده رهندا آهن يا غير فطري موت کان محفوظ رهجي ويندا آهن). لال مسجد جي آپريشن جي ظاهري بارگيننگ ۾ مصروف رهندڙ چوڌري شجاعت حسين، اعجاز الحق ۽ شيخ رشيد کي ڇا ٿيو آهي؟ محمد علي درانيءَ کي ڇا ٿيو آهي؟ سڄي ق ليگ جيڪا ان مجرم دؤر جي سرواڻ هئي ان مان ڪنهن کي ڇو امريڪا خلاف جهاد ڪندڙ انتهاپسند دهشتگردن رهڙ به نه ڏني آهي.

    دهشتگري خلاف جنگ اسان جي عسڪري اسٽبلشمينٽ شروع ڪئي. مشرف ان جو مهندار هو. ماري بينظير ڀٽوصاحبه وئي جيڪا اهو پورو دؤر ملڪ کان ٻاهر هئي. ڇا اها جنگ سلمان تاثير شروع ڪئي هئي جنهن جي سيني ۾ 22 گوليون لاٿيون ويون؟ ڇا شهباز ڀٽي ضياءَ الحق جي قانون خلاف ايترو چئلينج هو جو ان کي ائين سرِ راهه ماريو ويو؟ ۽ هو ڪيترا نه خطرناڪ آهن؛ پروپئگنڊا ۾ هٽلر جا وزير هنن جي ڀيٽ ۾ معصوم هئا. هاڻ هو چوندا، حڪومت پنهنجي منسٽرن کي به تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام وئي. پنهنجي گورنر کي بچائي نه سگهي ۽ نه مذهبي مامرن جي وزير کي.

    بلاسفيمي قانون ۾ ترميم جي حوالي کان هيءَ حڪومت ڪيترو سنجيده آهي اهو ته ايم اين اي شيري رحمان واري پيش ڪيل ترميمي بل مان ظاهر آهي. بلاسفيمي قانون ۾ ترميم جي حوالي کان مشرف حڪومت سنجيده هئي ۽ ان ڪافي پيشرفت به ڪئي هئي. پر ان وقت سواءِ نيم مرده دلين وارن بيانن جي اسان جي مذهبي برگيڊ ۾ ان قسم جي خوف جو ڦهلاءُ نه ڪيو ويو هو جيڪو تاثير ۽ ڀٽي جو قتل ڪري ڪيو ويو آهي.

    پيپلزپارٽي کي پنهنجي ئي ڄار ۾ ڦاسائي شڪار ڪرڻ جي روايت اڳ اسان 96-1993ع ۾ ڏسي چڪا آهيون جڏهن مير کي شهيد ڪري هن ملڪ جي خاص الخاص برادريءَ پنهنجي ئي پارٽي وفادار صدر کي غداريءَ جا پاڻي پياري بي بي صاحبه جي حڪومت گهر ڀيڙو ڪرائي هئي. مير کي سندي ڀيڻ جي حڪومت ۾ شهيد ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته بي بي پنهنجي ڀاءُ کي بچائي نه سگهي ۽ نه هن جي ڪيس سان انصاف ڪري سگهي. ڀاءُ جو ٻليدان ڏيڻ کانپوءِ هن جي حڪومت ختم ڪئي وئي. مڙس جيل ۾ ۽ پاڻ هڪ عدالت کان ٻي عدالت جا چڪر ڪاٽيندي رهي ۽ نيٺ اُفق تائين اوندهه ڏسي ٻاهر هلي وئي ۽ جڏهن واپس ٿي ته جتي لکن جي تعداد ۾ عام ماڻهن، ڪارڪنن هن جو آڌر ڀاءُ ڳوڙهن ۽ اُميد ڀريل دلين سان ڪيو، انهيءَ خاص الخاص برادريءَ هن جو آڌر ڀاءُ ٻن آپگهاتي حملن سان ڪيو جنهن ۾ 150 جانثار شهيد ٿي ويا.

    (۽ 36 نه سڃاڻپجي سگهندڙ جانثارن جي امانتي مڙهن کي تابوت ۾ وجهي پ پ سنڌ جي قيادت سندي ڪلهن تي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ دفنايو هو ۽ انهن جي تابوتن کي ”مين ڀٽو هون“ جو نالو ڏنو ويو. ڪوئي شاعر آهي جيڪو ان تي ڪو طويل رزميه لکي؟).

    جسمن تي ڏنڀ ڏيڻ ۽ ڪوڪا ٺوڪڻ، سرعام ڦٽڪا هڻڻ کان ڦاهيون ڏيڻ، آپگهاتي ڌماڪا ڪري مارڻ کان وٺي هر محلاتي سازش ڪرڻ باوجود به هو پيپلزپارٽيءَ کي ختم نه ڪري سگهيا. هو نه پيپلزپارٽيءَ کي ختم ڪري سگهيا ۽ نه پيپلزپارٽيءَ کان خوف کائڻ کي ختم ڪري سگهيا.

    نه يي غم نيا نه ستم نيا،
    ڪه تيري جفا ڪا گلا ڪرين،
    يي نظر ٿي پهلي ڀي مضطرب،
    يي ڪسڪ تو دل مين ڪڀو ڪي هي. (فيض)

    هنن کي مارڻ لاءِ خوف ۽ نه اسان کي مرڻ کان خوف آهي- ۽ پيپلزپارٽيءَ اهو شاعراڻو لائسنس حاصل ڪري ورتو آهي ۽ ائين ننڍي کنڊ ۾ ڇا پر ايشيا ۾ ڪهڙي جماعت جي تاريخ رهي آهي. ڇا مان وڌاءُ کان ڪم وٺي رهيو آهيان؟

    پر اصل ۾ نقطو اهو آهي ته انهيءَ ميدان جنگ ۾ ڪير ڪير شامل آهي؟ تماشائي ڪير آهي ۽ مرڻ وارو ڪير آهي. مارڻ وارو ڪير آهي؟ ۽ ڪير ڇا جي لاءِ مري رهيو آهي ۽ ڪير ڇا لاءِ ماري رهيو آهي، اهي سوال اهم نوعيت جا آهن.

    هن کي هو ته هٺيلا ۽ بي ادب سَر وڍجن،
    ۽ اسان کي هو ته متان عشق وارن تي ميار اچي.(حليم باغي)

    ۽ جيئن منهنجي دوست چيو: ”هو خوف جي ڦهلاؤ کي ان حد تائين وڌائڻ گهرن ٿا ته جيئن ڪير به هنن جي خلاف آواز اٿاري نه سگهي. هو اسان جي Space کي بند ڪرڻ چاهين ٿا.“

    هي بهار اڳ ئي خوف جي گهيري هيٺ آيل اقليتن (۽ خود اهو لفظ پنهنجي مفهوم ۾ امتيازي سلوڪ واري دائري ۾ اچي ٿو) لاءِ گلابن جي گلن ۾ شهباز ڀٽيءَ جي خون جي خوشبوءِکڻي آيو آهي جيئن اياز چيو هو: ’ڪوئي ڪيئن نه ڊوڙي مقتل ڏي/ آ رت ۾ خوشبوءِ مينديءَ جي‘.

    پاڪستان ۾ ضيائي فڪر پنهنجا ڪارا ۽ اداس حبشيءَ جهڙا چنبا کوڙڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ هاڻ پاڪستان ضياءَ واري دؤر کان به بدترين رخ ڏانهن وڃي رهيو آهي. هيءُ مڪمل ملٽريرائزڊ پاڪستان هوندو. هاڻ ن ليگ، جماعت اسلامي، ساڄي ڌر واري فڪر سان سلهاڙيل ميڊيائي اسٽبلشمينٽ ۽ ايم ڪيو ايم گڏجي عوام مخالف ۽ خاص اسٽبلشمينٽ جو نوازيل فرنٽ جوڙيندا. ان ۾ ووٽ جي طاقت سان اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيندڙ پيپلزپارٽي کي ٽڪرن ۾ ورهايو ويندو ۽ اها شاهه محمود قريشي، ناهيد، ڊاڪٽر صفدر عباسي، نواب يوسف ٽالپر ۽ مخدوم امين فهيم تي ٻڌل برانڊ واري پيپلزپارٽي هوندي.

    هڪ نئين قسم جي ضياءَ شاهي ۽ فرعونيت طرف هيءُ ملڪ وڌي رهيو آهي ۽ پوري سرد جنگ ۾ امريڪا کان جيڪي ڪجهه اسان سکيو، اهو ساڳيو هٿيار هاڻ اسان امريڪا کي سندي منهن ۾ هڻي رهيا آهيون ۽ ان لاءِ اسان پنهنجو ڍينگهو اڳ به ڍيري ڪيو هو ۽ هاڻ به ائين ڪرڻ طرف وڃي رهيا آهيون.

    هيءَ هڪڙي ’گهري رياست‘ آهي. رياست اندر ٻي رياست. ۽ جنهن ۾ خوفناڪ اونداهه آهي- جو ڪو به پکي پرڙا هڻي نه سگهي.
    [/JUSTIFY]

    روزانه عبرت 3 مارچ 2011 تان ورتل
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو