جواب: فطرت۔۔۔! بهترين خيال۔۔ادا آرزو۔۔عادت کان انسان مجبور آهي۔ جيئن هُن جو ديدار ڪرڻ هُن سان ٻه چار ڳالهيون ڪرڻ وغيره اسان جي عادت آهي۔۔۔مثال اوهان جا خيال ڪڏهن ڪڏهن مونکي سوچ ۾ وجهي ڇڏيندا آهن۔ اڄ ته نه پر گهڻا ڏينهن اڳ مون ڪوشش ڪئي ته دلبر جو نالو مٽائجي دل تان۔۔پر نه ٿيو چاڙو۔
جواب: فطرت۔۔۔! )) يار ڇڏ ان وڊيو جي ڳالھ نه ڪر۔۔عجيب حرڪت پيا ڪن۔۔ادا ائين نه ٿيندو آهي۔۔خير هر ڪنهن جو پنهنجو پنهنجو عقيدو آهي۔۔۔۔با اسان جو ڪهڙو ڪم ڪنڊن ڪڍڻ سان ))
جواب: فطرت۔۔۔! ادا فطرت قدرت طرفان ھر مخلوق کي مليل اھو ورثو آھي ۔جنھن کي ڇڏڻ سان ھو پنھنجو قدرت طرفان مليل ڪم پورو ڪري نه سگھندو۔ ڇا اوھان ڪڏھن اھو سوچيو اھي ته، جيڪڏھن وڇون ڏنگڻ ڇڏي ڏي يا نانگ ڏنگڻ ڇڏي ڏي ته اھي پنھنجو بچاء ڪھڙي طرح ڪري سگھندا يا پنھنجي لاء خوراڪ ڪھڙي طرح حاصل ڪري سگھندا ۔
جواب: فطرت۔۔۔! فطرت ۽ عادت ۾ زمين آسمان جو فرق آهي فطرت قدرتي هوندي آهي جڏهن ته عادت پنهنجي آسپاس جي ماحول کان سکبي آهي۔ انڪري عادتون ته بدلائي سگهجن ٿيون فطرتون نه۔ سنڌيء ۾ چوندا آهن ته ڪارو ٻڌ ڪٻري سان ، رنگ نه مٽائي پر عادت ضرور مٽائي۔
جواب: فطرت۔۔۔! سائيم علامه اقبال جو شعر آهي موقعي جي مناسبت سان ذهن ۾ اچي ويو آهي پوڇ اس سي ڪه مقبول هي فطرت ڪي گواهي تو صاحبِ منزل هي يا ڪه ڀٽڪا هُوا راهي