هاڻي بغير ڪنهن ڊڄ ڊپ جي سڀ ڪجهه ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔

'سافٽويئر' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏4 مارچ 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دوستو مون کي اڪثر دوست فون ڪري پڇندا آهن ته ۔۔۔
    سندن ونڊوز بار بار ڪرپٽ ڇو ٿي وڃي ٿي۔۔۔؟
    يا وري ۔۔۔۔
    آخر انهن وائرسز جي حملن کان بچڻ جو ڪو آسان حل ڏسيو۔۔۔؟
    کين سدائين ڪنهن سٺي سڪيورٽي سافٽويئر کي انسٽال ڪرڻ جو مشهورو ڏيندو آهيان۔۔۔ اهڙي قسم جي سافٽويئر پڇڻ تي انهن دوستن لاءِ ۽ توهان لاءِ هڪ مفت جو سافٽويئر حاضر آهي۔۔۔ BufferZone Pro نالي هي مشهور ۽ بهترين سافٽويئر توهان جي ڪمپيوٽر کي Trojan horses, worms, keyloggers, spyware, adware, phishing attempts ۽ computer-clogging malware جي حملن کان بچائي ٿو۔۔۔

    [​IMG]

    ان کانسواءِ هي سافٽويئر USB devices, P2P file sharing, e-mail clients ۽ پرسنل فائيلز کان علاوه سمورن انسٽنٽ ميسينجر جهڙوڪ ياهو ايم ايس اين وغيره کي پڻ مڪمل طور سپورٽ ڪري ٿو۔۔۔۔
    ان ڪري هاڻي اهي سمورا دوست جيڪي انٽرنيٽ تان ڊائونلوڊنگ ڪرڻ کان ان ڪري ڊڄندا آهن ته متان ڪو وائرس هجي بغير ڪنهن پريشاني جي هر شيءِ ڊائونلوڊ ڪري سگهن ٿا۔۔۔ ڇو ته هي سافٽويئر هڪ ورچوئل ماحول “Virtual Zone” بڻائي جيڪو توهان جي سمورن انسٽالڊ ٿيل پروگرامز ۽ پرسنل فائيلز کي isolated موڊ ۾ آڻي حفاظت ڪري ٿو۔۔۔۔

    هي بهترين ۽ لاڀائتو سافٽويئر هوئن ته 40 ڊالرس جي قيمت رکي ٿو پر تازو ڪمپني پنهنجي پروڊڪٽس کي مشهور ڪرڻ لاءِ مڪمل سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ اجازت ڏني آهي جنهن ۾ ڪنهن سيريل ڪي لڳائڻ جي ضرورت نه آهي۔۔۔
    سمورن دوستن کي گذارش آهي ته محدود وقت لاءِ مڪمل سافٽويئر مفت ۾ ڏنل آهي ان ڪري فائدو وٺندي هتي ڪلڪ ڪري هاڻي ئي ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔۔

    سافٽويئر کي بهتر انداز سان سمجهڻ لاءِ هي وڊيو ڏسو۔۔۔۔

    http://www.youtube.com/watch?v=C7AMIGBLFnE
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هاڻي بغير ڪنهن ڊڄ ڊپ جي سڀ ڪجهه ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔

    ادا رشيد سچ پڇو ته مون کي ان سافٽ وئير جي ڪافي ضرورت پئي محسوس ٿئي
    مان ان سافٽ ويئر کي ڊائونلوڊنگ تي لڳائي ڇڏيو آهي
    ٻيو وري آهي به مفت ۾ ڪافي نوان فيچرس به اٿس ان ڪري هن ڀيري ته ان کي ضرور
    انسٽال ڪندس

    لاجواب ونڊ آهي

    سدائين گڏ
     
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: هاڻي بغير ڪنهن ڊڄ ڊپ جي سڀ ڪجهه ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔

    سائين مون انسٽال ڪيو آهي ليڪن ايرر پيو ڏيکاري فقير سائين تجربو ڪري ٻڌائيندا ته توهان وٽ درست ڪم ڪري ٿو يا نه.
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هاڻي بغير ڪنهن ڊڄ ڊپ جي سڀ ڪجهه ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔

    بلڪل سائين درست نموني سان ڪم ڪري پيو ، توهان وري ٻيهر ڪوشش ڪري ڏسو ....
    هڪ ڳالهه جي وضاحت مون کي به کپي ته هي جيڪو تالو لڳل اهي انجو ڇا مقصد آهي ؟

    [​IMG][/IMG]​


    مهرباني سائين

    سدائين گڏ
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هاڻي بغير ڪنهن ڊڄ ڊپ جي سڀ ڪجهه ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔

    هونئن ته مان اويرا اينٽي وائرس منجهان مطمئن آهيان پر ان ۾‌ ٽروجينس جو مقابلو ڪرڻ‌جي صلاحيت نه آهي، ان ڪري هن سافٽ ويئر کي به آزمائي ڏسبو، مهرباني ونڊ ڪرڻ جي
     
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: هاڻي بغير ڪنهن ڊڄ ڊپ جي سڀ ڪجهه ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔

    ادا سٺي ونڊ آهي .
     
  7. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: هاڻي بغير ڪنهن ڊڄ ڊپ جي سڀ ڪجهه ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔

    تمام سٺي ادا ونڊ آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو