جواب: سائين نثار ابڙو صاحب کي جنم ڏينهن جو مبارڪون ...........
رات جيئن ئي مون کي خبر پئي ته سائين نثار ابڙو جي سالگرهه جو ڏينهن آهي ته مون ڪاڪي آچار جي هڻکڻ ايجنسيءَجي اڳواڻ عاشق سولنگيءَ عرف عاشق مجبور کي ان ڪم سان لائي ڇڏيو ته ڏسي ڪاٿي سائين فقيرن ۽ مستن کان سوءِ سالگرهه جي تقريب ته نه پيو ملهائي۔۔ صبح ساڻ اٿيم ته عاشق مجبور جو اطلاع پهتو ته سائين ڪيڪ تيار ڪري سنگت جي انتظار ۾ ويٺو آهي،
ان کان علاوه خبر پئي ته ان تقريب لاءِ اسان جو پيارو دوست انٽرنيشنل فقير به پهچي چڪو آهي ۽ سائين جي قرب ۾ هُو ان تقريب جي ڪم ڪار کي سنڀالي رهيو آهي،
سڀ کان پهرين ته فقير سائين پنهنجي شاهي سواري تي بصر، پٽاٽا وٺي وڏو پنڌ ڪري سائين جن وٽ پهتو
۔۔۔ ان کان بعد فقير پنهنجي هٿن سان ديڳ تيار ڪئي۔۔ جيڪا اڃان داڳ تي آهي، جنهن کي پڄڻو آهي جلدي پڄي۔۔
جواب: سائين نثار ابڙو صاحب کي جنم ڏينهن جو مبارڪون ...........
السلام عليڪم
هونئن ته اسان گهڻا ئي دوست نيٽ جي دنيا تي ڏٺا آهين ۽ انهن سان مليا آهيون پر سائين نثار ابڙو صاحب جهڙي ماڻهون سان اسان جي ملاقات اسان جي لاء هڪ خوشنصيبي هئي پهريان پهريان ته مون کي اهو لڳو ته يار هو جوان اسان جهونا اهو سفر ڪيئن هلندو اسان جي طبيعت ان سان ميچ ڪندي الاء نه رشيد پهنجي مخصوص انداز ۾ مون کي چوندو هو ته اڙي۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔سائين سان ڪچهري ته ڪري ڏس پوء ڏسجان خير اتفاق سان اسان سنڌ سلامت جي سفر ۾ سائين جن سان فورم ذريعي گفتگو ٿيندي رهي ان مان لڳو ته نه يار هي يار پهنجي لڏي جو آهي خير نيٺ هڪ ڏينهن سائين سان ياهو تي ڪچهري ٿي وئي دل ته سائين کي هونئن ئي سنڌ سلامت تي پوسٽن ۾ ريپلائي ذريعي ڏئي چڪا هئا سي باقي ان دل جو اقرار رهيل هو سو پهرين ملاقات ۾ ئي سائين سان اهو اقرار به ڪري ويٺا سي ان بعد رفته رفته هر معاملي ۾ سائين سان صلاح مشورا ڪچهريون ٿينديون رهيون سو سائين جهڙا ماڻهون هن دنيا ۾ گهٽ ئي هوندا آهين ۔جيڪي هر شخص سان ان جي لهجي ۾ ڳالهاين مون کي ائين لڳندو آهي ته سائين اسان مهنجي ڪا پراڻي واقفيت هجي وري سائين جو مٿان ان انداز ۾ سڏ ڪرڻ ابا علي ڪهڙا حال ٿي ؟وغيره وغيره ڪڏنهن به اهو احساس نه ٿيندو آهي ته ڪو اسان جي ڄاڻ سڃاڻ ڪا ڪجه عرصي جي آهي ۔ اتفاق سان سائين سان پاڪستان ۾ جڏنهن ڪچهري ٿي اها محفل اسان کان ڀلجڻ جهڙي ئي ناهي ۽ اهڙي محفل لاء دل ۾ ڪيترا ڀيرا اميد جاڳندي آهي ته ڪاش روز پهنجي پرين سان اهڙا ميلا مچندا رهن ۔
سائن جي باري ۾ جيترو لکجي اهو گهٽ آهي سائين جي اڃ جنم ڏينهن آهي اسان جو کوڙ ساريون دعائون انهن جي لاء ته رب پاڪ سائين کي هن دنيا ۾ هزارين بهارون نصيب ڪري ۽ پهنجي پيارن سان خوش و خرم رهن رب پاڪ انهن جي دل جي هر تمنا کي پوري ڪري آمين
جواب: سائين نثار ابڙو صاحب کي جنم ڏينهن جو مبارڪون ...........
واقعي ۾ اڄ سنڌسلامت جي مور سائين نثار ابڙو جن جي سالگره آهي...مان ته ڪنهن به ڪم ۾ مجھي پوندو آهي ته فيس بوڪ جي چيٽ روم ڏي نظر ڦيرائيندو آهيان...ته ڏسان ڪو ڏاھو ماڻهو ويٺو آهي..پوءِ نظر پوندي آهي..سائين نثار ابڙو صاحب جن جي سائين جن کان ڪابه ڳالھ پڇي وٺندو آهيان ۽ سائين جن جي اها مهرباني آهي جو سائين جن مصروف هجڻ جي ڪري ڪجھ ٽائيم ڏئي اُها ڳالھ سهڻي نموني سمجهائيندا آهن..رات بلڪل اسان جي اُستاد ڪاڪي آچار مونکي اطلاع ڏنو ته اڄ اسان جي سائين جو جنم ڏينهن آهي ان ٽائيم منهنجي خيال ۾ رات جا ٻارهن پيا ٿين ۽ نينڊ به عاشق کي پاسو ڏنو مون سوچيو ته صبح سان اول ڪم سائين کي سڀني کان اول مبارڪ پيش ڪندس...صبح جيئن ئي سسٽم تي ويٺس ۽ ڪم هٿ ۾ هيو ته پنجن منٽن جي لاءِ لائيٽ موڪلائي وئي...۽ منهنجي سڄي محنت تي پاڻي هاري وئي...ڪاوڙ ته ڏاڍي آئي...پر ڪنٽرول ڪري ويس..پنجن منٽن کان بعد لائيٽ آئي...وري ڪم کي لڳي ويس..سنڌسلامت تي ليئو پاتو ته نظر پئجي وئي فقير جي پوسٽ تي دل خوش ٿي وئي...سڄي سٿ کي هڪ دفعو ٻيهر سائين جن جي جنم ڏينهن جو واڌايون
جواب: سائين نثار ابڙو صاحب کي جنم ڏينهن جو مبارڪون ...........
سائين هر لمحوپستي تي ڪرندو ٿو وڃي يا بلندي ڏي چڙهندو ٿو وڃي پوِءِ جي سال ڪري پوي ته شايد ان کي سالگره چيو ويندو آهي يا زندگي جي ڳنڍين مان هڪ ڳنڍ کلي پئي باقي ڪيتريون ڳنڍيون آهنجيڪي کُلنديون اهو هڪ راز آهي جيڪو پاڻ ئي پاڻ ڄاڻي بحرحال اسان کي ان ڏينهن جي خوشي آهي ته اوهان جهڙي مور ماڻهون جنم ورتو جنهن کي اسان جهڙن ادلن گدلن جي اصلاح ڪندي هي سال به گذري ويو ۽ انشاءِ الله توهان جا اهي لمحا اسان جي روحاني پرورش ۾ سدائين رهندا الله اوهان کي هي زندگي جون گهڙيون ائيين گذارڻ جي توفيق ڏئي جيئن زندگي گذارڻ جو حق آهي آمين ۔الله اسان سڀني کي زندگي جو احتساب ڪرڻ جي توفيق ڏئي
وسلام
جواب: سائين نثار ابڙو صاحب کي جنم ڏينهن جو مبارڪون ...........
سائين نثار ابڙو صاحب جن کي دل جي گهراين سان جنم ڏينهن مبارڪ هجي۔۔۔
سائين جن جي شان ۾ جيڪي تعريف لکجي اها گهٽ آهي، ۽ مٿي دوستن ايترو ڪجهه لکيو آهي جو مونکي لکڻ لا لفظ ڪو نه آهن۔
جواب: سائين نثار ابڙو صاحب کي جنم ڏينهن جو مبارڪون ...........
سائين محترم نثار ابڙو جن کي مون حقير جي طرف کان لکين لکين جنم ڏينهن جو واڌايون قبول پون۔۔۔۔ ادا عاشق سولنگي جي ڳالهه جيان ته اڄ سنڌ سلامت تي وڏو ڏهاڙو آهي۔۔۔ سائين اسان فقيرن جي حصي جو ڪيڪ ضرور موڪلجو۔۔۔۔
جواب: سائين نثار ابڙو صاحب کي جنم ڏينهن جو مبارڪون ...........
ادا نثار ابڙو کي جنم ڏينهن جون تمام گهڻيون واڌايون آسان جي طرفان۔سائين جي ليکاڪي جي فن کان اسان تمام گهڻا امپريس آهيون۔سائين جا ڪمينٽس نئي ميمبر جي لاء هڪ اثاثو آهي۔اسان جي ڌڻي در دعا آهي ته نوان سال ادا جي زندگي جو تمام گهڻين ڪاميابين ۽ خوشين ۾ گذري۔اسان جي ذهن ۾ ادا جو تصورتي خاڪو مختلف هو پر هنن جي تصوير دوستن جي مبارڪ باد جي پيغامن ۾ ان کان entirly مختلف آهي۔الله پاڪ توهان کي نئين سال ۾ ڪنهن به ڏکئي امتحان مان نه گذاري۔