لوٽو مونکي آڻي ڏي!! !

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عمران درويش سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏4 مارچ 2011۔

  1. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    لوٽو مونکي آڻي ڏي!! !

    اسان غداري ڪرڻ وارن کي ڪڏهن به معاف نه ڪنداسين ۽ نه ئي ڪڏهن انهن کي پنهنجي پارٽيءَ ۾ شامل ڪنداسين پاڪستان جي عوام ۽ پنجاب جي سياستدانن جي شايد ياداشت ڪمزور آهي يا سياستدانن اهو سمجهن ٿا ته عوام تنقيدي بيان بازيءَ جي ڪري ماضي وساري ڇڏيندا آهن. اها ڳالهه ڪنهن حد تائين درست آهي ته پاڪستان جو عوام سياستدانن جي ماضيءَ واري پالسين ۽ عملن کي جلدي وساري ويهندو آهي. ميان نواز شريف جي شارٽ ڪٽ واري پاليسي شايد ڪڏهن وسارڻ جوڳي نه آهي، جنهن وقت ۾ اي آر ڊي تحريڪ ٺهي پئي ته تمام سياسي ڌرين جي اڳواڻن نواز شريف کي شامل ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ تمام سياسي پارٽين جي اڳواڻن جي راءِ اها هئي ته نواز شريف ڪنهن به جمهوري تحريڪ ۾ گهڻو وقت نه ٿو رهي سگهي. شايد اهو سياستدانن جو تجربو هيو يا ايئن چئجي ته ميان صاحب جو سياسي عمل ڪنهن کان به لڪي نه سگهيو هيو، اي آر ڊي تحريڪ ۾ ٿورو وقت رهيو ته شايد انهن سياسي اڳواڻن جون اڳڪٿيون سچيون ثابت ٿيڻ لڳيون ميان صاحب اي آر ڊي کي ڇڏي اي پي ڊي ايم ۾ شموليت اختيار ڪئي. ان کي اقتدار جو شارٽ ڪت نه ملڻ چئي يا ٻئي پاسي کان ڪو آسرو ان ڳالهه جو فيصلو ته سياسي ماهر ۽ ڪري سگهن ٿا. جنهن وقت سياسي آمر پرويز مشرف ميان نواز شريف سميت ڪيترن ئي سياستدانن کي قيد ڪيو ۽ اقتدار جو ون مين شو شروع ڪيو ته ميان صاحب جيل ۾ اندر مختصر عرصي ۾ ئي هار مڃي ان آمر جي اڳيان گوڏا کوڙي راهه فرار اختيار ڪئي جنهن کانپوءِ سندس پارٽيءَ جي ڪيترن ئي اڳواڻن پنهنجي سياسي مستقبل ۾ اونداهو ٿيندي محسوس ڪيو جنهن کانپوءِ هنن پنهنجو سياسي قبلو تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو۽ چاليهه کان وڌيڪ اڳواڻن حڪمران پارٽيءَ سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائڻ جو فيصلو ڪيو. خبرن موجب پارٽي اڳواڻن جي اهڙي عمل کانپوءِ نواز شريف پاران سخت رد عمل جو اظهار سامهون آيو ته انهن اڳواڻن کي غدار جي نالي سان پڻ نوازيو ۽ سندن پارٽي ءَ ۾ واپسيءَ کي ناممڪن قرار ڏنو. جلا وطني (ڊيل) تحت ڪافي عرصو ٻاهر رهڻ کانپوءِ ميان صاحب واپس وطن وريو ۽ هڪ دفعو ٻيهر سياسي سفر ۾ پنهنجو پير رکيو 2008ع واري اليڪشن کان پوءِ سياسي پارٽين جي اتحاد ملڪ ۽ جمهوريت دشمن قوتن جا وار اڀا ڪري ڇڏيا. ۽ ميان صاحب جي اڳل ٿيل سياسي اڳواڻن تي فوجي آمر جي هامي جو ٺپو هڻندي 2009 جي سيپٽمبر واري مهيني ۾ ڀوربن (مري) ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته ن ليگ ۾ لوٽن جي ڪا به جاءِ ڪونهي، ۽ لوٽن ڪنهن به صورت ۾ واپس گڏ نه کڻبو، الله جو شڪر آهي ته اڄ لوٽا اسان جي پارٽيءَ ۾ شامل نه آهن.، ملڪ ۾ لوٽا ڪريسيءَ جو خاتمو ٿيڻ گهرجي ۽ ميان صاحب سندس ان خطاب ۾ سڀ کان وڏي ڳالهه ڪئي ته جيڪڏهن لوٽا ن ليگ ۾ واپس آيا ته هو سياست کان دستبردار ٿي ويندو. اقتدار جي حوس ۾ اصولن جي پامالي نه ڪنداسين.!! پر هلندڙ وقت ۾ پنجاب حڪومت مان پ پ جي وزيرن کي برطرف ڪيو ويو آهي جنهن جا ملڪ تي ڪهڙا اثر پئجي سگهن ٿا ان جو اندازو شايد ئي ڪو لڳائي سگهي ڇو ته جيڪا جمهوريت سياسي پارٽين جي اتحاد سان وجود ۾ آئي آهي ۽ هن وقت تمام سياسي قوتن جا رستا الڳ آهن ته پوءِ هڪڙي ڪاٺـي ڀڃڻ ۾ به آسان هوندي آهي ۽ ڪمزو به سياسي ماهرن مطابق هلندڙ وقت ۾ شريف ڀائرن پاران اهڙي عمل سان لانگ بوٽن جا پڙاڏا پڻ ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن پنجاب جي سياستدانن جي پ پ وزيرن کي هٽا.ئي لوٽن کي شامل ڪرڻ تي ن ليگ جا سوين ڪارڪن پڻ پنهنجي قيادت جي خلاف ٿيندي نظر اچي رهيا آهن ايسيتائين جو هو روڊن ۽ رستن تي لوٽا کڻي احتجاجي مظاهري به ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن ان وقت ۾ لوٽن جي واپسي اصولن جي خلاف ورز هئي ۽ جيڪڏهن ان قت ۾ اهي ماڻهون غدار هيا ته پوءِ اڄ ميان نواز شريف کي سندس قول مطابق سياست تان هٿ کڻڻ گهرجي يا ته سندس اصول تبديل ڪرڻ گهرجن ڇو ته انهن تمام ڳالهين جو رڪارڊ اڄ به انترنيٽ تي موجود آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهون 2009 ۾ هڪ غدار ۽ لوٽو آهي ۽ سندس پارٽيءَ ۾ واپسي ناممڪن اهي ته اڄ ميان صاحبان پ پ وزيرن کي پنجاب مان هٽائي .لوٽو مونکي آڻي ڏي جو راڳ ڇو آلاپي رهيا آهن ۽ پنهنجي اقتدار پسنديءَ ثبوت ڏيندي ماضيءَ جي لوٽن کي ڀٽڪيل ساٿي جو نالو ڏئي اقتدار جي پاون کي مضبوط ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن. ڇا انکي جمهوري سوچ چئجي ؟؟ شريف ڀائرن جي کاءِ 2009 ۾ ڏنل بيان ۽ 2011 واري عمل جي وضاحت ڪرڻي پوندي ٻئي صورت ۾ ڪارڪن پنهنجي اظهار رائي جو آزاديءَ ساب حق رکن ٿا...

    عمران درويش سومرو





    [​IMG]

    ۔

    [​IMG]


    ۔

    [​IMG]








    ۔
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: لوٽو مونکي آڻي ڏي!! !

    ادا بلڪل! ڪلهه اوهان جو اهو آرٽيڪل (ڊيلي پاڪ) اخبار ۾ پڙهيو هئو، تمام بهترين لکيل آهي۔۔۔​
    [​IMG]

    خبر اٿوَ لوٽي کي لوٽو ڇو چئبو آهي،؟؟؟‌ڇو ته اهو چار ئي پاسي ڦري سگهي ٿو۔۔ ڪڏهن هيڏانهن ڪڏهن هوڏانهن۔۔۔
    يقين نه ٿو اچي؟؟؟؟؟ هي وڊيو ڏسو ڀلا۔۔۔۔ مزو اچي ويندو۔۔۔ ها ها هاا​
    http://www.youtube.com/watch?v=MvKIzxHY3lM
     
  3. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: لوٽو مونکي آڻي ڏي!! !

    جي ادا مست اوهانجي وڏي وڏي مهرباني جو اوهان ان سان لاڳاپيل وڊيو ايڊ ڪري هن موضوع کي 4 چنڊ لڳائي ڇڏيا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    بلڪل ادا لوٽو چئبو ئي ان کي جيڪو ٿورو ٿڏو لڳڻ‌تي به ڪڏهن هيڏي ته ڪڏنهن هوڏي۔۔
    پر سياسي لوٽن جي ايجاد پنجاب جي سياستدانن کان ٿي آهي۔۔ پر هو ان ڳالهه کان انڪاري آهن بس
    انهن کي آئينو ڏيکارڻ‌جي ڪوشش ڪئي آهي۔۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: لوٽو مونکي آڻي ڏي!! !

    ادا درويش اوهان جون لکيل سڀ ڳالهيون بلڪل صحيح آهن۔ نواز شريف جي سياست هميشه لوٽن جي چوڌاري ڦرندي رهندي آهي۔ نواز شريف اهو سياستدان آهي جنهن کان پاڪستان جي ڪابه پارٽي مطمئن نه هوندي آهي ان جو هڪ سبب سندس پنهنجي دماغ جو استعمال نه ڪرڻ به آهي۔ هو هميشه ميڊيا، يا وري لوٽن جي چوڻ ۾ هوندو آهي۔

    لوٽن جي به هڪ خاص موسم هوندي آهي ۽ انهن ڏينهن ۾ لوٽن جا ريٽ آسمان سان لڳل هوندا آهن ۽ هو پنهنجي پاڻ کي ناياب شيء سمجهندا آهن۔

    مهرباني سهڻي ليک ونڊ ڪرڻ جي
     
  5. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    جواب: لوٽو مونکي آڻي ڏي!! !

    عمران درويش صاحب، وڏو دقيق ۽ جامع تجزيو آهي، الله سائين کين عبرت جي توفيق عطا ڪري۔
     
  6. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: لوٽو مونکي آڻي ڏي!! !

    مهرباني سهڻي ليک ونڊ ڪرڻ جي
     
  7. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: لوٽو مونکي آڻي ڏي!! !

    ادا بلڪل لوٽا برساتي ڏيڏرن جيان هوندا آهن بس جڏهن مند آئي تڏهن ٽران ٽران ڪندي نڪريو پون۔۔


    پسند ڪرڻ جي مهرباني



    ۔
    ۔
    ۔
    ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو