
السلام عليڪم ورحمة الله وبرڪاته
سنڌ اسلامڪ ويب سنڌيءَ جي مڪمل اسلامي ويب سائيٽ آهي. جوملا تي تيار ڪيل هيءَ ويب سائيٽ، سنڌ سلامت جي اسان جي پياري ميمبر ”سائين بشير احمد“ جي جاکوڙ جو نتيجو آهي. پاڻ ئي هن جا ايڊمن به آهن.
سنڌ اسلامڪ ويب ۾ هيٺيان سيڪشن رکيا ويا آهن:
(1) مرڪزي صفحو
(2) قرآني تلاوت
(3) آڊيو قرآن
(4) ڪتاب لائبريري
(5) مضمون
(6) فتوي
(7) فورم
(8) سوال پڇو
(9) رابطو
(10) تقريرون
(1) مرڪزي صفحو: هن سيڪشن ۾ نوان مضمون ۽ ويب سائيٽ تي ٿيل اپ ڊيٽس ڏيکاري ڏيندي آهي.
(2) قرآني تلاوت: هتي قرآن پاڪ جي عربي متن سان گڏ مختلف قارين جي آواز ۾ تلاوت ٻڌي سگهجي ٿي.
(3) آڊيو قرآن: هتان مختلف قارين جي آواز ۾ تلاوت ڊائونلوڊ ڪري سگهجي ٿي
(4) ڪتاب لائبريري: هتان سنڌيءَ ۾ مختلف موضوعن تي ڪتاب پڙهي ۽ ڊائونلوڊ ڪري سگهجن ٿا.
(5) مضمون: هتي مختلف موضوعن تي ننڍا وڏا مضمون پڙهي سگهجن ٿا.
(6) فتوي: هن سيڪشن ۾ اسلامي مسئلن تي پڇيل سوالن جا جواب پڻ پڙهي سگهجي ٿا.
(7) فورم: سنڌ اسلامڪ ويب تي سنڌي فورم جو سيڪشن پڻ رکيو ويو آهي.
(8) سوال پڇو: هتي مختلف مسئلن تي سوال پڇي سگهجن ٿا. سوالن جا جواب فتوي سيڪشن ۾ ڏنا ويندا آهن.
(9) رابطو: ويب سائيٽ جي ايڊمن سان رابطي لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو.
(10) تقريرون: هن سيڪشن ۾ سنڌ جي مشهور عالمن جون تقريرون ٻڌي سگهجن ٿيون.
جيئن ته هيءَ ويب سائيٽ اڃان ابتدائي مرحلي مان گذري رهي آهي. انهيءَ ڪري اڃان تمام گهڻي محنت جي ضرورت آهي.
ويب سائيٽ تي وڃڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو