سنڌ اڃا به 4 مارچ واري سنڌي شاگردن سان محبت ڇو ٿي ڪري؟
جميل گاد/لاڙڪاڻو
1954ع ۾، هزارين ورهيه قديم قومن جي وجود کان انڪار ڪندي جڏهن اسٽيبلشمينٽ ”ون يونٽ“ جو قيام عمل ۾ آندو ته ان وقت اولهه پاڪستان ۾ سنڌ پهريون صوبو هو، جنهن ٻين صوبن جي مقابلي ۾ ون يونٽ جي قيام خلاف زور دار تحريڪ هلائي. ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ ۾ سنڌ جي قوم دوست سياستدانن سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، دانشورن، اديبن، شاعرن سان گڏ ان وقت جا سنڌي شاگرد هراول دستي وارو ڪردار ادا ڪري رهيا هئا. وڏي ڳالهه اها هئي ته ان وقت به سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ مختلف شاگرد گروپ هئا پر سنڌ جي اجتماعي مسئلن تي سڀ گڏ هئا. ان وقت انهن جا هٿ هڪ ٻئي تي نه پر سنڌ دشمنن خلاف اُٿندا هئا. نه صرف ايترو پر ون يونٽ خلاف جدوجهد ڪرڻ سان گڏ سنڌي شاگرد تعليمي ميدان ۾ به ان وقت هر سال پنجاب يونيورسٽي کي پوئتي ڇڏي ويندا هئا. اسٽيبلشمينٽ پاران جوڙيل ون يونٽ خلاف سنڌ جي ٻين طبقن سان گڏ سنڌي شاگردن جي اها جدوجهد جاري ئي هئي ته سرڪار هڪ ڪاموري مسرور حسن کي حيدرآباد جو ڪمشنر بڻايو، جنهن تنگ نظري ۽ تعصب پرستيءَ جو مظاهرو ڪندي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ان وقت جي تعليم ۽ سنڌ دوست سنڌي وائيس چانسلر حسن علي عبدالرحمان کي تنگ ڪرڻ لاءِ مختلف حيلا هلائڻ شروع ڪيا ته سنڌ يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل ڪاليج، مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج- ڄامشوري جي ٽنهي درسگاهن جا سنڌي شاگرد ڪمشنر مسرور جي مخالفت ۽ سنڌي وائيس چانسلر حسن علي عبدالرحمان جي حمايت ۾ روڊن تي نڪري آيا. 4 مارچ 1967ع واري ڏينهن ٽنهي ادارن جي سنڌي شاگردن سان ڀريل بسون جيئن ئي راجپوتانا اسپتال حيدرآباد وٽ پهتيون ته ڪمشنر اڳ ئي راجپوتانا وٽ پوليس جا اٽالا بيهاري ڇڏيا هئا. پوليس بسن مٿان فائرنگ ڪئي ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل اڇلايا، جنهن ڪري بسن اندر شاگردن جو ساهه منجهڻ لڳو، گهٽ ٻوسٽ مان جيئن ئي شاگرد بسن مان روڊ تي لهڻ لڳا ته ڏنڊا بردار پوليس شاگردن مٿان لٺبازي شروع ڪري ڇڏي. جنهن ڪري ڪيترن ئي شاگردن جا مٿا ڦاٽي پيا ۽ شاگردن جي وهيل رت سان راجپوتانا وارو سڄو روڊ ڳاڙهو ٿي ويو هو. هڪ سنڌي ڪاموري جي حمايت ۽ ڪمشنر جي مخالفت واري جدوجهد سنڌ ۾ ”قومي تحريڪ“ کي جنم ڏنو. ائين سمجهو سنڌين جي اندر ۾ ون يونٽ خلاف نفرت جي چڻنگ دکندي دکندي 4 مارچ 1967ع تي ڀنڀٽ بڻجي پئي. اهو 4 مارچ وارو واقعو ئي هو جنهن کانپوءِ سڄي قوم سجاڳ ٿي ون يونٽ خلاف نڪري پئي ۽ پهريون جولاءِ 1969ع تي حڪمرانن ون يونٽ ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو ۽ وري قومن جو وجود بحال ٿيو. اهو فيصلو حڪمرانن خوشي سان نه ڪيو هو پر سنڌي ماڻهن ۽ خاص ڪري سنڌي شاگردن جي ان ڀرپور جدوجهد کان پوءِ مجبور ٿي کين اهو فيصلو ڪرڻو پيو هو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ به سنڌ جا ماڻهو 4 مارچ واري واقعي کي ياد ڪري سنڌي شاگردن کي سلام پيش ڪن ٿا. سنڌ جا ماڻهو اڄ جي شاگردن ۾ به 4 مارچ وارو جذبو ۽ سچائي ڳولين ٿا پر کين نظر نه ٿي اچي، ڇو ته جيڪي نوجوان هٿ ڪالهه سنڌ دشمنن خلاف اٿندا هئا، اهي هٿ اڄ ننڍرين ننڍڙين ڳالهين تي هڪ ٻئي جا ڳاٽا لاهڻ ۾ مصروف آهن، جنهن جو تازو مثال سنڌ يونيورسٽي اندر مخالف گروپ هٿان قتل ٿيل بابر سنديلو آهي، جيڪو به شاگرد هو ۽ ماريندڙ به سنڌي شاگرد هئا. اڄ اسانجو سنڌي شاگرد نه 4 مارچ 1967ع واري شاگرد وانگر سنجيده آهي ۽ نه اهو بهتر سياسي ورڪر ۽ شاگرد آهي، جڏهن ته اڄ سنڌ ون يونٽ واري دور کان وڌيڪ مشڪلاتن ۾ آهي. سنڌ جا اڪثر وڏا شهر ٻاهران آيل ماڻهن جون ڪالونيون بڻيل آهن. سنڌي ٻولي مارڪيٽن ۽ تعليمي ادارن مان تڙي ويئي آهي. اهڙي صورتحال کي ڏسندي به اڄ اسانجو سنڌي شاگرد سنجيده ٿيڻ بجاءِ وڌيڪ غير سنجيده ٿي ويو آهي. ان ڪري اڄوڪي ڏينهن 4 مارچ 1967ع واري شاگرد جدوجهد کي سلام پيش ڪرڻ سان گڏ اسان جي اڄ جي سنڌي شاگرد کي غور ويچار ڪرڻو پوندو ته ڪيترا ورهيه گذرڻ باوجود اڄ به سنڌ 4 مارچ 1967ع وارن شاگردن سان محبت ڪري ٿي، ته پوءِ اڄ جي تعليمي ادارن ۾ موجود مختلف گروپون جي شڪل ۾ جدوجهد ڪندڙ اڪثر سنڌي شاگردن جي روين کان نفرت ڇو ٿي ڪري!؟
4 مارچ ۽ سنڌي شاگردن جي جدوجهد
امجد پليجو/سنڌ يونيورسٽي (ڄامشورو)
4 مارچ 1967ع، اهو تاريخي ڏينهن، جنهن ڏينهن سنڌي شاگردن، آمريت ۽ سامراجيت سان خالي هٿين ٽڪر کاڌو هو. سنڌي شاگرد جيلن ۾ ويا، پر آڻ نه مڃيائون. سنڌ ۾ عملي شاگرد جدوجهد 4 مارچ 1967ع کان شروع ٿي، جيڪا ايوبي آمريت طرفان مڙهيل ون يونٽ مخالف تحريڪ ۾ تبديل ٿي. تنهن کانپوءِ ايم آر ڊي (mrd ) ۾ سنڌ جي شاگردن هراول دستي طور بي مثال ويڙهه ڪئي. انهن جدوجهدن ۾ شاگردن جي ڪردار کي ڏسي اسٽيبلشمينٽ پاران سنڌ جي درسگاهن ۾ پنهنجا پگهاردار ماڻهو ڀرتي ڪري سنڌ جي تعليم کي تباهه ڪرڻ ۽ نوجوانن کي تعليم ۽ ترقي پسند، عوام دوست، جمهوري سياست کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. تعليمي ادارن ۾ ڪاپي، ڀتا خوري ۽ هٿيارن جي نمائش کي عام ڪيو ويو. شاگردن جو سرعام قتل عام ڪرڻ، نياڻين سان بدتميزيون ۽ استادن جي بي عزتي ڪرڻ ۽ بائيڪاٽ جهڙا عمل اڄ تائين جاري آهن. مهذب قومن جي طاقت جي سرچشمن مان هڪڙو اهم ترين سرچشمو قومي تعليم آهي. سنڌي شاگرد هر طرح جي غلاميءَ جي زنجير ۾ مضبوطي سان جڪڙيل آهي. اهي غلاميءَ جا ڳٽ ڳچين مان تڏهن ئي لاهي سگهون ٿا، جڏهن علم جي لاٽ اسانجي اونداهن ذهنن کي منور ڪري. ”سنڌي شاگردن کي هاڻي نون بنيادن تي سوچڻو پوندو. سنڌي شاگردن کي خود مطلبي ۽ وڏيرڪي ذاتي ملڪيت واري ذهنيت خلاف جدوجهد ڪرڻي پوندي. کين انقلاب جي علم ۽ سائنس جو مطالعو ڪرڻو پوندو. دنيا جي اسريل قومن جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته اڄ دنيا جو گهڻي ڀاڱي سڀئي اسريل قومون ماضيءَ ۾ دنيا جون پوئتي پيل، تباهه ٿيل، قومي ۽ طبقاتي طرح محڪوميءَ جي گهاڻي ۾ پيڙيل مظلوم، محروم ۽ محڪوم قومون هيون پر سندن هاڻوڪي ترقيءَ جو راز تعليم ۾ سمايل آهي. انهن پنهنجي ماضيءَ جي تباهيءَ تي صرف روئڻ ۽ پٽڻ بدران حالتن سان وڏي دليري، ڏاهپ سهپ، بي جگري ۽ اورچائيءَ سان مقابلو ڪري، پنهنجي حال جون واڳون هٿ ڪري بهتر ۽ شاندار مستقبل لاءِ 4 مارچ وانگر راهون هموار ڪيون. سنڌ جي شاگردن کي هاڻي 4 مارچ واري جدوجهد کان به اڳتي ۽ گهڻو اڳتي وڌڻو پوندو. ان کي پنهنجي قوم کان لاتعلق رهڻ بدران سماج ۽ قوم ڏانهن ذميوار ٿيڻو پوندو.
روزانه ڪاوش تان ورتل