• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

انسان ڦري اڄ جو

جاويد نواز

سينيئر رڪن
غزل
انسان ڦري اڄ جو حيوان ٿي پيو آ
هرشي جي خبر هوندي نادان ٿي پيو

پنهنجي ئي ماري ڀا کي ٿو ڀا گهمي فخر سان
جهنگ واري بلا جهڙو مروان ٿي پيو آ

جڏهن جو پيار محبت سڪ سونهن سان ملايئين
ننڍ ڙو ٺهيل گلن جو گلدان ٿي پيو آ

محبوب جو اسان کي اُمتي ڪري اُٿاريئين
ڪيڏو اسان تي رب جو احسان ٿي پيو آ

صلوات گر پڙهي جنهن محبوب مصطفى تي
اولو ڀي ڪم انهي جو آسان ٿي پيو آ

هڪڙو کڻي جي جملو مونسان کلي ڳالهايئين
دردن جو الله ڄاڻي درمان ٿي پيو آ

ڪيئين ڪون رڳو سجدو الله جي نبي کي
توڻين هو رب جو پيارو شيطان ٿي پيو آ

جنهن ڏينهن کان نبي جي صلوات ڪئي شروع آ
ان ڏينهن کا دردن جو درمان ٿي پيو آ

جاويد نواز
دعائن ۾ ياد
 
Back
Top