ان وقت جيڪا منهنجي ڪيفيت هئي ان کي مان لفظ ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهان، اسٽيج ڊراما ٽيبلا ته ننڍي هوندي کان اسان ڏسندا آهيون، پر جيترو ڏسڻ ۽ انهن تي کلڻ سولو آهي، ان کان سئو سيڪڙو وڌيڪ اسٽيج تي چڙهي مائيڪ هٿ ۾ پڪڙڻ ڏکيو آهي. مارچ جو مهينو هيو اسانکي اسان جي ڪمپيوٽر جي سر جيڪو اسان جو هن وقت تائين سٺو دوست ۽ رهنما آهي...ان مونکي ۽ منهنجي دوست محمد علي ميراڻي کي چيو ته اوهان سينٽر جي هن سال جي پروگرام ۾ هڪ اسٽيج ٽيبلو پيش ڪري دوستن کي کلائڻو آهي...ڇوته سر به سمجهي پيو ته هنن ۾ اُهي پاڻي آهن..اسان سينٽر ۾ جڏهن داخل ٿيندا هئاسين ته سينٽر جي شاگردن توڙي..اُستادن ۾ ٽهڪڙا مچي ويندا هئا....مان ۽ منهنجو دوست محمد علي ميراڻي..پڻ ڪڏهن به اسٽيج تي نه چڙهيو هيو...اسان کي ٺيڪ پندرنهن ڏينهن ۾ اسان کي تيار مڪمل تياري ڪري...سڀني ٽيچر جي سامهون پيش ڪرڻو هُئو. ان کان بعد ۾ اسان کي پروگرام ۾ وڃڻو هيو...اسان تمام گهڻي محنت ڪري ان ٽيبلي جو ڏنل لائينون ياد ڪريون سين ۽ ٺيڪ ان ڏينهن تي اسان سينٽر جي سڀني شاگرد ۽ ٽيچرس جي سامهون پنهنجي ڪيل محبت پيش ڪئي....سر وارن کي ۽ شاگردن کي اسان جو ٽيبلو پسند آيو..۽ هاڻي رهي ڳالھ پروگرام ۾ اسٽيج تي هزارين ماڻهن جي سامهون ان ٽيبلي کي پيش ڪرڻ جي...ٻن ڏينهن بعد صبح جو ڊکڻ شهر ۾ پروگرام هيو..اسان اُتي پهتاسين. ۽ دل ئي دل ۾ مان ته الله کي پئي ياد ڪيو ته ياالله خير سان اسان ٽيبلو پيش ڪيون ۽ دوست ٽيبلي تي کلن پر اسان تي نه کلن.....بس خيال اهو هيوته اسان کان ياد ڪيل لائينون نه وسري وڃن...پر شڪر آ اسان لائينون اهڙيون ته ياد ڪيوسين جو اسان کان اسٽيج تي ته نه وسريون پر اڃان تائين ياد آهن ڪلڪ
جواب: اسٽيج تي چڙهي مائيڪ هٿ ۾ پڪڙڻ ڏکيو آهي. واه سائين واه واه جو اصل گڏهِ جي ڪڍ پيا آهيو ها ها ها ها بهترين ڪوشش آهي ادا توهان جي سدائين گڏ