شيخ اياز جو پيغام ڦهلائيندڙ نوجوانن جي همت افزائي ٿيڻ گهرجي زيب سنڌي [justify]ڪالهوڪي ڪاوش ۾ سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز جي جنم ڏينهن تي حيدرآباد ۾ ٿيل شيخ اياز فيسٽيول جي مختلف تقريبن سان گڏ، ڀٽ شاهه ريسٽ هائوس ۾ ٿيل تقريب جون تفصيلي خبرون ۽ تصويرون پڻ ڇپيون آهن. شيخ اياز فيسٽيول جو اهتمام ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين گروپ، سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي جي سهڪار سان ڪيو ۽ نهايت شاندار پروگرام ٿيا. حيدرآباد ۾ ٿيل ادبي ڪانفرنس ۽ اوپيرا ته ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين سٿ، ثقافت کاتي جي سهڪار سان ڪيا هئا، پر ڀٽ شاهه ۾ ٿيل ادبي ڪانفرنس لاڙڪاڻي جي نوجوان ليکڪن احسان دانش، رضوان گل، رياضت ٻرڙو، در محمد ٻرڙو، عزيز منگي، فياض لطيف ۽ ٻين پاران قائم ڪيل ”2011ع شيخ اياز سال ڪاميٽي“ طرفان منعقد ڪئي وئي هئي ۽ ڪالهوڪي ڪاوش ۾ فرنٽ پيج تي ڪيڪ ڪاٽڻ واري رسم جي تصوير به ان ئي تقريب جي آهي. لاڙڪاڻي جا اهي نوجوان سنڌ ۾ سڄو سال شيخ اياز جي حوالي سان مختلف پروگرام ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا، جنهن جي شروعات هو هن سال جنوري مهيني ۾ لاڙڪاڻي ۾ ڪيل تقريب سان ڪري چڪا آهن ۽ 2 مارچ تي لاڙڪاڻي جي ٽيهارو کن نوجوان ۽ سينيئر ليکڪن، ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي اڳواڻيءَ ۾، ڪنهن سرڪاري يا نجي اداري جي سهڪار کان سواءِ، هڙان وڙان خرچ ڪري ڀٽ شاهه تي اچي اها تقريب ڪئي هئي، پر ڇپيل خبرن ۾ انهن سڀني ليکڪن توڙي سندن پاران قائم ڪيل ”شيخ اياز سال ڪاميٽيءَ“ جو ذڪر رهجي ويو آهي. لاڙڪاڻي جا اهي نوجوان ليکڪ، انهيءَ ڪاميٽيءَ جي پليٽ فارم تان شيخ اياز جي فڪر کي ڦهلائڻ لاءِ اهو ساڳيو ئي ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪو ڪاوش، ڪي ٽي اين سٿ ۽ سنڌ جو ثقافت کاتو ڪري رهيو آهي. ان ڪري اها ڳالهه رڪارڊ تي رهڻ گهرجي ۽ انهن نوجوانن جي همت افزائي ڪرڻ گهرجي. [/justify]
جواب: شيخ اياز جو پيغام ڦهلائيندڙ نوجوانن جي همت افزائي ٿيڻ گهرجي ادا تمام سٺِ خبر ٻڌائي آهي اوهان ۔ هن تي عمل ڪرڻ گهرجي ، اهڙيون شخصيتون ورلي پيدا ٿين ٿيون