ورلڊ ڪپ 2011 جي اڄوڪي ميچن ۾ ٽيمن جي مايوس ڪن ڪارڪردگي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2011 جي کيڏيل اڄوڪي ميچن ۾ ميزبان بنگلاديش جي ٽيم جنهن مان گهڻيون اميدون وابسته هيون مايوس ڪن ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ پوري ٽيم 19 هين اور ۾ صرف 58 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي ۔ جواب ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم اهو آسان هدف صرف هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 13 هين اوور ۾ پورو ڪري ورتو ۽ ميچ صرف اڌ سيشن ۾ ختم ٿي وئي۔

هڪ ٻئي ميچ ۾ ذمبابوي جي ٽيم کي نيوزيلينڊ 10 وڪيٽن تان بدترين شڪست ڏئي۔ زمبابوي پهريان کيڏندي 46 هين اوور ۾ 162 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جواب ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم مطلوبه هدف 34 هين اوور ۾ بغير ڪنهن وڪيٽ جي نقصان جي پورو ڪري ورتو۔

http://www.youtube.com/watch?v=NJxOP-M32Z0
 
جواب: ورلڊ ڪپ 2011 جي اڄوڪي ميچن ۾ ٽيمن جي مايوس ڪن ڪارڪردگي

هن ميچ بنگلاديش جي تماشين کي انتهائي مايوس ڪيو۔۔۔ ورلڊ جو تاريخي گهٽ ۾ گهٽ اسڪو 58 رنسون ٺهيو۔۔۔
بنگلاديش جي تباهي ۾ خاص ڪردار مين آف دي ميچ ڪيمرون روچ ڪيو ۽ صرف 19 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون
http://www.youtube.com/watch?v=jNPc9zvqbD0

جڏهن ته اهم ڪردار ادا ڪندي سليمان 4 وڪيٽون ورتيون۔۔۔۔

http://www.youtube.com/watch?v=_Ei5YlnW0rg

انهن ٻنهي بالرس جي سپورٽ ڏيندي ڪپتان سمي پڻ 21 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون۔۔۔۔

http://www.youtube.com/watch?v=5eBJhUKuHnE
 
جواب: ورلڊ ڪپ 2011 جي اڄوڪي ميچن ۾ ٽيمن جي مايوس ڪن ڪارڪردگي

ان کان اڳ نيوزيلينڊ زمبابوي کي پڻ آئوٽ ڪلاس ڪندي 162 رنسن تي آئوٽ ڪري ڇڏيو۔۔۔ ۽ جواب ۾ ڪنهن وڪيٽ ڪرڻ کان سواءِ ٽارگيٽ حاصل ڪري ورتو۔۔۔ اهڙي طرح نيوزيلينڊ 10 وڪيٽن تان مقابلو کٽي ورتو۔۔۔۔

http://www.youtube.com/watch?v=ZU0t_8ykOgA
 
Back
Top