جيئن ته مان اهيان مزمل باقي مڪمل تعارف هيٺ اصل نالو؛فاروق سومرو پيار مان نالو؛مزمل پيدائش جو هنڊ ؛ٺري ميرواه عمر؛13 سال رهندو آهيان؛سکر تعليم؛8 اڃا جاري شوق؛پڙهائي ۾ فيوريٽ سينگر؛شمن علي ميرالي فيوريٽ ويب سائٽ؛www.sindhsalamat.com
جواب: منهنجو مڪمل تعارف ادا ڀلي ڪري آئين ، ادا سائيٽ ۾ انشاء الله اوهان کي تمام بهترين معلومات ملندي ، پر اوهان کي گذارش پڻ اها ڪنداسون ته تعليم تي وڌيڪ ٽائم ڏيندا ۽ وقت سر ٽائم ڪڍي سائيٽ تي ڦيرو به هڻندا رهندا ، اوهان کي ضرور فايدو رسندو
جواب: منهنجو مڪمل تعارف ننڍڙي ڀاءُ، سهڻي مزمل کي دل جي گهراين سان ڀليڪار، اوهانجي پسنديده ويب سائيٽ سنڌ سلامت جو پڙهي خوشي ٿي، ڇاڪاڻ اوهانجي عمر ۾ انٽرنيٽ تي ايندڙ ڀائڙا چٽپٽي سائيٽس تي ويندا آهن پر اوهان سنڌ دوست اوطاق کي پنهنجي پسند ڪري، اهو ثابت ڪيو آهي ته اوهان سلڇڻا، ڏاها ۽ پيارا انسان آهيو ۔۔۔ اسانجون دعائون اوهان سان گڏ آهن، رب العالمين اوهانکي زندگيءَ جون بهارون ڏيکاري ۽ ڪامياب ۽ ڪامران ڪري ۔۔۔ پڙهائيءَ ۾ خاص توجهه ڏيندا ۽ هڪ منزل جي سوچ قائم ڪريو ته اوهانکي ڪٿي پهچڻو آهي، پوءِ ان منزل ڏانهن هلي پئو، محنت، همٿ ۽ سچائيءَ سان هر منزل آسان ٿي پوندي آهي ۔۔۔ سنڌ سلامت جي سڀني دوستن پاران پنهنجي ننڍڙي ڀاءُ کي ڀليڪار ۔۔۔ دل جي گهراين سان پنهنجو خيال ڪندا ۔۔۔۽ ڪنهن به قسم جي تڪليف يا ضرورت هجي ته پڇڻا نه منجهڻا ۾ سوال ڪندا ته اميد سڀ دوست اوهانجي مدد ڪرڻ ۾ نه ڪيٻائيندا ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: منهنجو مڪمل تعارف ادا فاروق سومرا، المعروف مزمل اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار چئون ٿا۔۔۔۔ هن سث ۾ وڌيڪ هڪ سومرو شامل ٿيو آهي مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان پنهنجي تعليم ۾ دلچسپي ڏيکاري آهي۔۔۔۔ پڙهائي کي دل و جان سان ڪنهن منزل تي پڄائيندا۔۔۔۔ اسان جو دعائون اوهان سان گڏ آهن۔۔۔۔ مائٽ سائين هڪ دفعو ٻيهر ڀليڪار
جواب: منهنجو مڪمل تعارف [justify]ننڍڙا مزمل توهان کي پوري سنڌ سلامت جي سٿ طرفان ڀليڪار ٿو چوان، ۽ دُعا ٿو ڪريان ته شال پنهنجي تعليم کي جاري رکندو اچين ، شال پڙهائي جي شوق کي ڪڏهن به ختم نه ڪرين، بلڪل شمن جا گيت به ضرور ٻُڌجان پر پهرين علم جي اُجالن سان منهنجي هن جيجل سنڌ جي هر وستي واهڻ، نگر نگر گهٽي گهٽي ڳوٺ ڳوٺ روشن ڪجان سنڌ جو دودو پُٽ، سنڌ جو سپوت پُٽ بڻجي، سنڌ سلامت سان توهان جو پيار وسارڻ جهڙو نه آهي اهو ٻُڌي تمام گهڻي خوشي ٿي۔ شال ٍجُڙيو هُجين مزمل۔[/justify]
جواب: منهنجو مڪمل تعارف ادڙا ! مزمل اوھان کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار چئون ٿا۔ اميد پنھنجي اڪيڊمي تعليم سان گڏوگڏ جديد ۽ سائنسي تعليم حاصل ڪرڻ تي به گھڻو توجه ڏيندا خدا اوھان کي سنڌ جي خدمت ڪرڻ لائ وڏ چمار عطا ڪري ۔
جواب: منهنجو مڪمل تعارف ڀاء فاروق سومرا اوهان کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار سنڌ سلامت جي سهڻي فورم ۾ شامل ٿيڻ تي خوشي ٿي۔ اميد ته اوهان پنهنجي خوبصورت لکڻين سان فورم کي سونهن بخشيندا رهندا۔
جواب: منهنجو مڪمل تعارف ادا ڀا مزمل اوهان کي هن فارم ۾ دل جي گهرائين سان ڀليڪار چئون ٿا۔۔۔۔۔ ادا اميد ته هي فارم اوهان لاء تمام گهڻو ڪارائتو ثابت ٿيندو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔