اسحاق انصاري ۔۔ فن کي جنم ڏينهن جي مبارڪ هجي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏4 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    فن کي جنم ڏينهن جي مبارڪ هجي

    [JUSTIFY]هيءُ شخص ڊاڪٽر اسحاق انصاري آهي. سندس والد جو نالو الله بخش ”انيس انصاري“ آهي، جيڪو هاڻ هن دنيا ۾ توڻي جو جسماني طور موجود نه آهي. پر جڏهن سندس ذڪر اسحاق انصاري ڪندو آهي ته سندس اکين ۾ ڄڻ اهو اوسيئڙو هوندو آهي ته هو عيسى جيان وري واپس اچڻو آهي. اهڙيون آسروند اکيون مون زندگيءَ ۾ فقط محبوبائن جو اوسئيڙو ڪندي ڏٺيون آهن. اهو ممڪن آهي ته اسحاق انصاريءَ جو پهريون محبوب انيس انصاري ئي هجي. ٻيون شخص سنڌ جو ناميارو آرڪيالاجسٽ شتياق انصاري آهي جيڪو هن جو وڏو ڀاءُ آهي. جنهن سان هيءُ جڏهن به فون تي ڳالهائندو آهي ته سدائين سائين ڪري ڳالهائيندو آهي ۽ ايئن لڳندو آهي ته ڄڻ هو پاڻ ۾ پهريون ڀيرو ڳالهائيندا هجن. ڳالهين جو دور ڊگھو ٿيندو آهي ته اسحاق انصاريءَ جي نرڙ تي پگھر ڦڙا ظاهر ٿيڻ لڳندا آهن. ڀاءُ لاءِ اهڙو احترام به مون ٿورن ماڻهن ۾ ڏٺو هوندو ۽ ٽيون شخص اخلاق انصاري آهي. جيڪو سنڌيءَ ٻوليءَ جو جديد ڪهاڻيڪار آهي ۽ هُن هڪ ئي ناول لکي ناول لکندڙن ۾ پنهنجي حصي جي جڳهه والاري ڇڏي آهي جيڪا هُن لاءِ مخصوص آهي. اخلاق، اسحاق کان ٻيون نمبر وڏو ڀاءُ آهي جنهن سان هي سدائين سائين ڪري ڳالهائيندو آهي، پوءِ ساڻس اهڙا چرچا ڪندو جو ٻڌندڙن کي اهڙو ڪو به گمان نه ٿيندو ته هي ٻئي ڀائر آهن. روبرو هوندا تڏهن به اهو گمان نه ٿيندو ته هي دوست آهن يا ڀائر آهن ۽ ڪچهريءَ ۾ هنن ٻن جي وچ ۾ جيڪڏهن هڪ کان وڌيڪ دوست شامل هوندا ته ڪنهن به هڪ دوست تي شامت نازل هوندي. ان ڪري هنن ڀائرن جي باري ۾ منهنجي دلي خواهش آهي ته ڪو ڪراموزوف برادرز جهڙو ناول ئي سندن خاندان جي باري ۾ تفصيل سان اظهاري سگھي ٿو.

    پر اڄ هي شخص، اسانجو نهايت پيارو دوست اسحاق انصاري، جنهن جو اڄ جنم ڏينهن آهي ۽ منهنجي دل چاهي ٿي ته اياز وانگي آءُ کيس اڇوتي موتيءَ جهڙا ٻه لڙڪ آڇيان. پر انهن ٻن لڙڪن کي ڪنهن ڏک جي گھڙين ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ بچائي رکان ٿو ۽ کيس ٻن لفظن جي ڀيٽا ڏيان ٿو. ڇو ته اڄ سندس جنم ڏينهن آهي ۽ اڄوڪو ڏينهن سنڌ ۾ احتجاج جو ڏينهن ڪري ملهايو ويندو ان ڪري اسحاق خودبخود چار مارچ جو هيرو ٿي پيو آهي. پر اهو سچ آهي اسحاق سُٺي موسم ۾ ڄائو آهي، ان ڪري سندس مزاج به موسم آهر چڱو ئي رهندو آهي. شخص کان ٻاهر هو هڪ تخليقي خاندا ن جو فرد آهي. ان ڪري تخليق ۽ تخليقي عمل سندس رت ۾ شامل آهي. يونيورسٽيءَ جي پس منظر ۾ لکيل رومانوي ناول، سندس پهريون ۽ اڄ تائين آخري ناول“خالي بينچ” ان جو مثال آهي. ان کان پوءِ سندس شايع ٿيل سفرنامن جو ڪتاب “پرين هُن پار” جو مثال به هن بابت واڌو مثال آهن. هونئن هي شخص نالي اسحاق انصاري ڪجھه به نه لکي تڏهن به تخليقڪار آهي. هيءُ شخص دوست تخليق ڪندو آهي، محبتون تخليق ڪندو آهي، ڳالهيون تخليق ڪندو آهي، فوٽو تخليق ڪندو آهي ۽ وڏي ۾ وڏي تخليق سندس ٽهڪ آهن. جيڪي هو پنهنجن دوستن سان گڏ ڏيندو آهي. هونئن سندس اهي پنبڻين ۾ لهي آيل ڳوڙها به تخليق جو حصو هوندا آهن، جيڪي ڳالهين ڳالهين ۾ پنهنجي بابا ۽ امڙ کي ساريندي سندس اکين جي آڳر مان نڪري ڳلن جي پَٽن تي رڙهي پوندا آهن.
    ها مون کي ياد آيو ته هُن جي ڪاوڙ به تخليقي هوندي آهي جڏهن سندس ڪڻڪ رنگو چهرو ۽ ان جي وچ تي ڌڻيءَ پاران کيس ڏنل نڪ حد کان وڌيڪ ڳاڙهو ٿيڻ لڳي ته سمجھڻ گھرجي ته کيس ڪاوڙ آهي. پر هي مهذب ماحول ۾ پليل شخص ڪڏهن به غير مهذب نه ٿيندو آهي. هو تهذيب مان هٿ تڏهن ڪڍندو آهي جڏهن ساڻس دل گھريا دوست ساڻ هوندا آهن ۽ گھڻو خوش هوندو آهي ۽ گھڻي کان گھڻو خوش پنهنجي تخليقي عمل وقت هوندو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ان “عمل” جا ڪيئي روپ آهن ۽ انهن روپن کي انتهائون به آهن، جيڪي اسانجي گھڻن دوستن کي وڻيون به آهن خاص طور تي اسانجي يار عابد مظهر کي، جيڪو سندن خانداني دوست آهي.

    اسحاق رسندو به آهي پر سچ پچ جڏهن هو رسندو آهي ته وڌيڪ سٺو لڳندو آهي، ان ڪري منهنجي هُن جي محبوبائن کي وينتي آهي ته جيڪڏهن کيس سٺو ۽ سهڻو ڏسڻ چاهين ٿيون ته کيس رٺل رکن نه ته هو سندن لاءِ مصيبت هوندو. مون کي اهو احساس آهي ته سندس محبوبائون آهن پر اسان سان الميو وري اهو آهي ته هيءُ شخص وري اسانجو محبوب آهي ۽ سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ٻه شينهن ٻيلي ۾ نه ٺهي سگھندا آهن. فقط منهنجي پاران منهنجي محبوب دوست کي ايڪونجاهين جنم ڏينهن جي مبارڪ هجي[/JUSTIFY]

    ليکڪ: رکيل مورائي

    سٽون عوامي آواز جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو