الهه بچايو کوسو : الغوزي جو بادشاهه

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏4 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    الهه بچايو کوسو: الغوزي جو بادشاهه

    رشيد سومرو

    [​IMG]

    [JUSTIFY] بين الاقوامي مڃتا ماڻيندڙ الغوزي نواز الهه بچايو کوسي به سهڻي سنڌ جي ڌرتي تي ڏاڏون شهر لڳ بلڙي شاهه ڪريم ۾ جنم ورتو. الهه بچايو کوسو پنجاهه سالن تائين الغوزي دنيا تي راڄ ڪندو رهيو. ان دوران دنيا جي هڪ سؤ سٺ ملڪن جا دوران ڪيا. هن کي آمريڪي صدر بل ڪلنٽن، جمي ڪارٽر، چين جي صدر زيانگ زيمن، ملائيشيا جي وزير اعظم مهاتير محمد سميت پاڪستان جو صدارتي، ملٽري، لطيف، سچل، قلندر سميت 60 کان وڌيڪ ڏيهي ۽ پرڏيهي ايوارڊ ملي چڪا آهن پر افسوس جو سنڌ جو هي البيلو ۽ واحد بچيل الغوزي نواز هن وقت بيمار جي زندگي جا آخري ڏينهن گذاري رهيو آهي. ڦڦڙن ۾ پاڻي ڀرجڻ، اکين جي نور کان محروم ٿيڻ سبب هو انتهائي مفلسي ۽ لاچاري واري زندگي گذاري رهيو آهي پراسان جي سنڌ سرڪار ۽ ثقافت کاتي سنڌ جي هن بيمار ڪلاڪار جي ڪابه سار نه لڌي آهي ۽ هو اڄ به سندس مدد جي اوسيئڙي ۾ ويٺل آهي. بلڙي شاهه ڪريم تعلقي جي ڳوٺ عالي جهوڪ وٽ سنڌو دريا جي ٻئي پار جهوڪن جو تاريخي شهر آهي، هي اهو شهر آهي. جتي باني پاڪستان قائم اعظم محمد علي جناح جنم ورتو. انگريزن جي دور ۾ تجارت ۽ واپار جو مرڪز رهندڙ جهوڪ شهر هن وقت به تمام وڏو شهر آهي پر ڪراچي جي گادي واري هنڌ ٿيڻ بعد چڻ ته هن شهر جي قسمت خراب ٿي وئي. ايتري قدر جو ڪن حڪومتي ماڻهن قائد اعظم جي جاءِ پيدائش واري هنڌ کي به تبديل ڪرائي ڇڏيو. جيتوڻيڪ تاريخي طور ريڪارڊ گواهه آهي ته محمد علي جناح جهرڪن ۾ ڄائو ۽ بعد ۾ ڪراچي ۽ ان بعد بمبئي منتقل ٿي ويو. جهرڪن جي شهر جي تاريخ ۾ هڪ ٻيو وڏو خزانو به دفن ٿيل آهي ته اسماعيلي فرقي جي روحاني پيشوا پرنس ڪريم آغا خان جا وڏا آغا حسن علي ۽ ٻيا هن شهر جا رهاڪو هئا ۽ انهن جا محل جيڪي اڄ به جهرڪن ۾ موجود آهن ان جا گواهه آهن. روزاني عبرت پاران مهان شخصيتن کي ڀيٽا ڏيڻ جي حوالي سان اعلانيل هفتي جي سلسلي ۾ اسان تي فرض عائد ٿئي ٿو ته سماج جا ٻيا فرد به روزاني عبرت جيان پنهنجي پنهنجن قومي هيروز کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ اڳتي اچن ۽ ته جيئن پتو پوي ته سنڌ سدا حيات آهي.[/JUSTIFY]

    روزانه عبرت تان ورتل

     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    6 ڊسمبر 2012 تي ناليوارو الغوزو نواز فقير الهه بچايو کوسو انقال ڪري ويو۔ هو 1993 کان ساهه جي بيماري ۾ مبتلا هو ۽ کيس 2 ڏينهن اڳ گردن ٽوڙ بخار سبب ٽنڊو محمد خان جي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي هن دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. الهه بچايو کوسي جو مڙهه بلڙي شاهه ڪريم ويجهو سندس اباڻي ڳوٺ ڏاڏون ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. الهه بچايو کوسي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ الغوزو وڄائي سنڌي موسيقيءَ کي پرڏيهه ۾ به روشناس ڪرايو ۽ هڪ سئو کان وڌيڪ عالمي ايوارڊ حاصل ڪيا. فقير الهه بچايو کوسي 1965ع جي جنگ ۾ ناليواري گلوڪاره ميڊم نورجهان سان گڏ الغوزو وڄايو ۽ کيس ان وقت جي صدر ايوب خان صدارتي ايوارڊ سان پڻ نوازيو هو.
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ثقافت کاتي وارن کي گهرجي ته اهڙن سنڌي فنڪارن جي ورسي ملهائيندي رهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو