ادا ابو زين السلام عليڪم: ڦلپوٽو حق تي پيو کلي ته توهان واريون تصويرون الائي ڪيڏانهن گُم ٿي ويون آهن۔ تو اهي تصويرون ڀوڳ واري شعبي ۾ شيئر ڪيون آهن اسان توهان واري تاج محل جي ڀوڳ وارين تصويرن جو منتظر آهيون۔
دوستو، ادي جهانداد جي نشاندهي تي تصويرون ٻيهر ايڊٽ ڪيون آهن. خبر ناهي انٽرنيٽ ايڪسپلور ۾ تصويرون نظر ڇو نه پيون اچن. مون وٽ ۽ ادي فقير ڦلپوٽو وٽ ته تصويرون ظاهر ٿين ٿيون. وڌيڪ ماهر هن طرف توجهه ڏين.
سائين اهڙي ڳالهه نه آهي مان وٽ تصويرون صحيح نظر پيون اچن ۽ ادا ابو زين جي بهترين شيئرنگ تي کليو هيم توهان صحيح پيا چئو ادا ابوزين مان کي تصويرون صحيح پيون نظر اچن shal judy hujeen lajwab-sharing sindhsalamatsaathsal
ادا وهاب هي ڇا، توهان ته منهنجي پوسٽ جي اصل شڪل ئي تبديل ڪري ڇڏي. مون تاج محل جون تصويرون نه پر مزاحيه ۽ کل ڀوڳ واريون تصويرون موڪليون هيون، توهان انهن جي جاءِ ايڊيٽنگ ڪري هي ٻه تصويرون لڳايون آهن. پوءِ ته توهان کي اها به گذارش ڪندس ته هنن موضوع کي ”کل ڀوڳ“ واري موضوع مان کڻي ڪنهن ٻئي جاءِ تي رکو. باقي منهنجون شيئر ڪيل تصويرون هنن کان گهڻو مختلف هيون، ڪنهن خرابيءَ سبب انٽرنيٽ ايڪسپلور ۾ نظر نه پيون اچن. آئون اوپيرا استعمال ڪري رهيو آهيان، مون وٽ ۽ ادي فقير ڦلپوٽي وٽ بالڪل به صحيح نظر پيون اچن. افسوس جو ايڊيٽنگ جي دوران انهن جا يو آر ايل به ختم ٿي ويا. ٻيو ته پنهنجين ئي تصويرن جي پاڻ ئي تعريف ڪريو ٿا، ڪمال آهي.
ادا پاڻ آهيان فقيرَ پر شيون سٺيون پاليندو آهيان باقي رهي ڳالهه ادي وهاب جي ته اها ان جي عادت آهي پنهنجي شي جي پاڻ تعريف ڪندو آهي ۽ اها ان جي پراڻي ڳالهه آهي hall charihall chari sindhsalamatsaathsal
بهرحال، ٻيهر تصويرون ايڊٽ ڪيون ويون آهن. نظر نه اچڻ جي صورت ۾ هيٺين يو آر ايل ايڊريس تي ڪلڪ ڪجي: http://img27.imageshack.us/img27/7020/graphic1tsz.jpg
ادا ڏسڻ ۾ ته موجوده فوٽو نه پيا اچن ۔۔۔۔هي ايرر پيو اچي ۔۔۔ The image “http://img27.imageshack.us/img27/7020/graphic1tsz.jpg” cannot be displayed, because it contains errors. جيڪڏهن فوٽو واقعي به چڱا آهن ته پوءِ ڊائون لوڊ ڪري کڻي ٻيهر فورم تي سڌو سئون ڳنڍيو....
تصويرن کي گهڻا ئي ڀيرا ايڊٽ ڪيو ويو آهي، تازو ئي هينئر انهن کي اپ لوڊ ڪيو آهي ۽ آخر ۾ انهن جو يو آر ايل به ڏنو اٿم. خبر ناهي هي ايرر ڇو پيو اچي.
سائين! اها ئي ته ڪمال جي ڳالهه آهي جو تصوير به نه آهي ۽ کل به آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔ واهه سائين واهه ڏاڍو سٺو لڳو
فورم جي ايڊمن کي گذارش ٿي ڪجي ته هن مسئلي طرف ڪو ڌيان ڌرين. مون تصويرون گهڻا ئي ڀيرا ايڊٽ ڪيون آهن ۽ هر ڀيري مون وٽ تصويرون درست طريقي سان ظاهر ٿين ٿيون. مهرباني ڪري هن ايرر جو ڪو ترت حل ڳوليو وڃي.
ادا توهان جي مهرباني جو اسان جهڙن اٻوجهن جي رهنمائي فرمايوَ. اميد ته مسئلو جلد حل ٿي ويندو. تصويرن جو يو آر ايل ايڊريس اڳ ۾ ئي ڏئي چڪو آهيان، هتي انهيءَ کي توهان لاءِ هڪ ڀيرو وري Quote ڪريان ٿو.
ادا ابوزين سموري سنگت جيڪڏهن تصويرن کي نه ٿي ڏسي سگهي ته پوءِ توهان به کڻي مڃي وٺو ته تصويرون نظر نه پيون اچن ۔۔۔ هي کلائيندڙ تاج محل واري تصوير ادا رنجيت جي مشوري مطابق کڻي سڌو سئون سنڌ سلامت فورم تي اپلوڊ ڪريو۔۔۔۔
ادي جادوگر جي دڙڪي تي سڌو سنئون فورم تان تصويرون اپ لوڊ ڪيون آهن. پر هي تصويرون سڌو سنئون نظر نٿيون اچن، بس لنڪ ظاهر ٿين ٿا، انهن کي ڪلڪ ڪرڻ کان پوءِ تصويرون الڳ ونڊوز ۾ کلي اچن ٿيون.