هر جيئي سنڌ جو ڪارڪن يا هر سنڌوديش حامي ”جيئمسٽ“ نٿو ٿي سگهي(ظفر سنڌي)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏4 مارچ 2011۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    (ظفر سنڌي)

    هر جيئي سنڌ جو ڪارڪن يا هر سنڌوديش حامي ”جيئمسٽ“ نٿو ٿي سگهي. ها البته هر ”جيئمسٽ“ سنڌ جي آزاديءَ جو حامي ضرور هوندو. اهو غلط العام آهي ته هر جيئي سنڌ جي ورڪر يا سنڌوديش جي حاميءَ کي ”جيئمسٽ“ سڏيو يا سمجهيو وڃي ٿو. سائين جي ايم سيد ڪيترائي اهم ڪتاب لکيا، جن جا موضوع به گوناگون آهن. جيئمسٽ صرف اهو ناھ جيڪو ”پاڪستان هاڻ ٽٽڻ گهرجي“ ۽ ”سنڌوديش ڇو ۽ ڇالاءِ“ ۾ موجود ڪجھ نظرين جو حامي هجي. جيئمسٽ ٿيڻ لاءِ اهو به ضروري آهي ته سائين جي ايم سيد جي ڪتابن ”جيئن ڏٺو آھ مون“ ۽ ”سنڌوءَ جي ساڃاھ“ سميت سيد جي پيش ڪيل سياسي ۽ مذهبي نظرين جو مجموعي حامي به هجي.
    ڪنهن به دانشور يا پيغمبر جي نظرين کي مجموعي طور پنهنجايو ويندو آهي. پر چوڻ ۾ اهو اچي ٿو ته ڪنهن به نظريي جو حامي سو سيڪڙو (ڪامل صورت) پنهنجي پيغمبر جو حامي نٿو ٿي سگهي. هر مذهب توڙي نظريي جا مڃيندڙ هڪٻئي کان مختلف انداز سان شين کي ڏسندا آهن. ڪنهن سياسي نظريي، مثال طور ”مارڪسزم“ يا ”لينن ازم“ جا مڃيندڙ سمورا ماڻهو هڪٻئي سان ڪامل متفق نٿا ٿي سگهن. ساڳي طرح سمورا ”جي ايم ازم“ جا حامي پڻ ڪامل متفق نٿا ٿي سگهن. اصل ۾ ڪامل متفق نالي ڪا شيءِ دنيا ۾ ٿيندي ئي ناھ سواءِ مشيني عملن جي! ليننسٽ اهو ئي ٿي سگهي ٿو جيڪو لينن جي مجموعي طور سمورن نظرين جو حامي هجي. ساڳي طرح جيئمسٽ صرف اهو ئي ٿي سگهي ٿو جيڪو سيد جي سمورن نظرين جو حامي هجي. هتي اهو مطلب هرگز نه وٺڻ گهرجي ته جيئمسٽ، سيد جي نظرين تي تنقيدي نظر نٿو رکي سگهي. ڇاڪاڻ ته اهڙيون حدون رڳو الهامي نظرين جي دعويدارن ۾ ٿينديون آهن.

    سائين جي ايم سيد جي نظرياتي ڪتابن ۾ سڀ کان اهم سنڌوديش ڇو ۽ ڇالاءِ، جيئن ڏٺو آھ مون ۽ سنڌوءَ جي ساڃاھ سمجهيا وڃن ٿا. ان ڪري ”جيئمسٽ“ به اهو ئي ٿي سگهي ٿو جيڪو سائين جي ايم سيد جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي نظرين سميت مجموعي طور انهن ٽنهي ڪتابن ۾ ڏنل مواد جو سرگرم حامي هجي. جيڪڏهن سيد جا سياسي نظريا ته پنهنجايا وڃن پر سندس مذهبي ۽ سماجي نظرين کي رد ڪيو وڃي ته ان پيروڪار يا ڪارڪن کي ”جيئمسٽ“ قطعي نٿو سڏي سگهجي. ان بدديانتيءَ کي دور ڪرڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي ته ”جيئمسٽ“ به سڏايو وڃي ۽ مذهب کي به سياست ۾ جڳھ ڏني وڃي. اهو بلڪل ائين آهي جيئن رهو حلال ۽ ٻوٽي حرام! سائين جي ايم سيد واضع طور پنهنجن ڪتابن ۾ چئي چڪو آهي ته مذهب محض ذاتي ٿيندو آهي. مذهبي مامرا ماڻهوءَ جا ذاتي مسئلا آهن انهن کي مجموعي يا سماجي مسئلن سان ڳنڍڻ ڪري انتشار وڌي ٿو!
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هر جيئي سنڌ جو ڪارڪن يا هر سنڌوديش حامي ”جيئمسٽ“ نٿو ٿي سگهي(ظفر سنڌي)

    سهڻيون ڳالهيون لکيل آهن

    ڪاش سمورا سنڌي اهوئي سوچين ۽ عمل به ڪن جيڪو هن ليک ۾ لکيل آهي

    سائين جي ايم سيد جي نظريي کي سلام
     
  3. مزمل چانڊيو

    مزمل چانڊيو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏15 مئي 2011
    تحريرون:
    149
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: هر جيئي سنڌ جو ڪارڪن يا هر سنڌوديش حامي ”جيئمسٽ“ نٿو ٿي سگهي(ظفر سنڌي)

    مهربانيون ادا توهان جون
     
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: هر جيئي سنڌ جو ڪارڪن يا هر سنڌوديش حامي ”جيئمسٽ“ نٿو ٿي سگهي(ظفر سنڌي)

    تمام بهترين ادا ظفر
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هر جيئي سنڌ جو ڪارڪن يا هر سنڌوديش حامي ”جيئمسٽ“ نٿو ٿي سگهي(ظفر سنڌي)

    ڳالهه بلڪل درست ٿيل آهي، ته جيڪڏهن ڪو ماڻهون حب الوطني جي اثر هيٺ سنڌ جي آزاديءَ جي ڳالهه ڪري ته انکي جي ايم جو پوئلڳ نٿو چئي سگهجي ها هم خيال چئي سگهجي ٿو ۔۔۔ جيڪڏهن ڪو ماڻهون صرف صوفي ازم جي ڳالهه ڪري ته انکي به جي ايم جو پوئلڳ نٿو چئي سگهجي ها هم خيال چئي سگهجي ٿو ۔۔۔

    پر جيڪڏهن ڪو ماڻهون ۔۔۔

    سنڌ جي آزاديءَ جو حامي هجي۔
    لطيف جي پيغام کي سنڌ جو ورثو سمجهي۔ انکي دنيا ۾ رائج ڪرڻ جو حامي هجي
    مذهب کي رياست کان الڳ سمجهي۔
    سنڌ جي آزادي عدم تشدد جي بنياد تي حاصل ڪرڻ جو حامي هجي۔

    ته پوءِ ان ماڻهونءَ ۽ جي ايم سيد جي خيالن ۾ 100 فيصد هڪجهڙائي چئبي ۔۔۔ ها باقي هر ماڻهون ٻي ماڻهونءَ سان 100 فيصد ڀيٽي نٿو سگهجي، ۽ اها ڳالهه به سچ آهي ته ڪو به ماڻهون ڪنهن نظريئ جو ممڪن 100 فيصد پوئواري نه به ڪندو هجي ۔۔۔ ممڪن ڪو ماڻهون ان نظرئي جي عمل ۾ ان نظرئي جي بانيءَ کان به اڳڀرو ٿي وڃي ۔۔۔ اهو به ممڪن ٿي سگهي ٿو ۔۔۔

    انڪري هر ڪو ماڻهون موتيءَ داڻو، هر ڪا دل هيرن جي کاڻ ۔۔۔ ڪنهن ۾ ڪهڙو رنگ ته وري ڪنهن ۾ ڪهڙو رنگ هجي ٿو ۔۔۔

    ڳالهيون سڀ سون جهڙيون ٿيل آهن۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو