• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مسئلو سائونڊ ڊرائيورس

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ prince
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

prince

سينيئر رڪن
ادا مون نئين ونڊو انسٽال ڪئي آھي۔ان لاء مسئلو سائونڊ ڊرائيورس جو آھي ۔ڊرائيورس اپڊيٽ نه ٿا ٿين۔مھرباني ڪري ڪو حل ٻڌائيندا۔
ساٿ سلامت۔
 
جواب: مسئلو سائونڊ ڊرائيورس

انٽرنيٽ هلي پئي اوهان وٽ؟؟
ڪمپيوٽر جي ڪمپني ڪهڙي آهي؟؟‌ڪهڙو ماڊل‌آهي؟؟؟
جلديءَ‌۾ ٻڌايو ته اوهان کي لنڪ ڏيون اوهان اتان انسٽال ڪري وٺجو۔۔۔
 
جواب: مسئلو سائونڊ ڊرائيورس

ادا پرنس آپريٽنگ سسٽم ڪهڙو انسٽال ڪيو اٿو۔۔۔ ٿوري وضاحت ڪندا۔۔
 
جواب: مسئلو سائونڊ ڊرائيورس

ونڊوز وسٽا، ونڊوز 7 ، 32 بٽ، 34 بٽ جي لا هتي ڪلڪ ڪندا

ونڊوز ايڪس پي هوم ايڊيشن ، ونڊوز ايڪس پي 64 ايڊيشن، ونڊوز ايڪس جي لا هتي ڪلڪ ڪندا

ادا جي اوهان جو مسئلو حل نه ٿئي ته ادا اسد ميرجت ۽ فقير ڦلپوٽو اوهان جي وڌيڪ رهنمائي ڪندا
 
جواب: مسئلو سائونڊ ڊرائيورس

ادا پرنس ،

ادا زاهد جي ڏنل لنڪس مان اوهان جي سائونڊ جو مسئلو حل ٿيڻ گهربو آهي

سدائين گڏ
 
جواب: مسئلو سائونڊ ڊرائيورس

ادا زاھد ھي فائيل ڊائونلوڊڪرڻ ۾ ڪيترو ٽائيم وٺندو ۔لڳي ٿو ته سڄي رات ويھڻو پوندو۔
 
جواب: مسئلو سائونڊ ڊرائيورس

ادا زاھد ھي فائيل ڊائونلوڊڪرڻ ۾ ڪيترو ٽائيم وٺندو ۔لڳي ٿو ته سڄي رات ويھڻو پوندو۔

ادا پرنس اوهان وٽ نيٽ جي سهولت ڪهڙي ميسر آهي۔۔۔ ڇا اوهان وي وائرليس ته يوز نه ڪندا آهيو۔۔۔۔۔ باقي جيڪڏهن اوهان وٽ پي ٽي سي ايل جو ڊي ايس ايل ڪنيڪشن آهي ته پو اصل انهي فائل جي سائيز 96 ايم بي آهي اها ته جلد ئي ڊائونلوڊ ڪري وٺندو ۔۔۔۔۔۔

ٽائيم ايترو ڪونه لڳندو اوهان جي نيٽ جي اسپيڊ تي منعصر آهي۔۔۔۔۔
 
جواب: مسئلو سائونڊ ڊرائيورس

ادا مان وي وائرلس يوز ڪندو آھيان۔توھان جي وڏي مھرباني ۔
 
جواب: مسئلو سائونڊ ڊرائيورس

ادا پرنس اسانجو ڪم هئو اوهان کي لنڪ مهيا ڪرڻ ۔۔۔۔ هاڻي اوهان جي مرضي آهي اوهان انهي لنڪ کي ڪهڙي نموني ٿا ڊائون لوڊ ڪيو۔۔۔۔ جيڪڏهن اوهان جو ڪو دوست جيڪو پي ٽي سي ايل ڪنيڪشن استعمال ڪندو هجي انهي وٽ وڃي اوهان انهي فائيل کي ڊائونلوڊ ڪري سگهو ٿا۔۔۔ پو يو ايس بي ۾ انهي فائيل کي کڻي پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ رکو ۽ انسٽال ڪيو۔۔۔۔ انشاالله مسئلو حل ٿي ويندو
 
مسئلو آڊيو سائونڊ ڊوائيسس جو

ادا مون واري سسٽم ۾ اڃا آڊيو سائونڊ وارو مسئلو برقرار آھي ۔مھرباني ڪري ان جو حل ٻڌائيندا۔ڊرائيورس واري سي ڊي تان لڳي ٿو ته سائونڊ ڊرائيورس انسٽال نه ٿا ٿين۔مھرباني ڪو اھڙو طريقو ٻڌائيندا جيئن اھو مسئلو حل ٿي سگھي۔
ساٿ سلامت۔
 
Back
Top