پنهنجو رت (سليمان وساڻ)

'ڪهاڻيون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏5 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پنهنجو رت

    سليمان وساڻ

    [justify]هي انهن ڏينهن جي ڳالھ آهي جڏهن مان پنهنجي اداري ۾ تمام گهڻو مصروف هئس ، گڏجاڻيون ، وري ساليانه پلان ٺاهڻ ، ٽريننگ پلان ۽ ان جي گهربل نوٽس جي تياري ڪرڻ . ان سان گڏ هڪ وڌيڪ ذميواري انڪوائري جي هئي جيڪا هڪ واڌو ذميواري هئي. انڪوائري ڪميٽيء ۾ مونسان گڏ هڪ ٻيو غير سنڌي ميمبر هو ۽ اسان لاء ڏکي ڳاله هئي ته هڪ ئي وقت ٽي انڪوائريون ڪري رهيا هئاسين جن مان هڪ ڪوئيٽا ، هڪ لاڙڪاڻي ۽ هڪ ڪراچيء ۾ هئي، انهن لاء اسان کي ٽنهي شهرن ڏانهن وڃڻو پوندو هو ۽ ان کانسواء پنهنجي سيڪشن جو ڪم الڳ ڪرڻوپوندو هو. گهر ۾ منهنجي امڙ جي طبيعت خراب هئي ۽ ڊاڪٽرن جي مصيبت اها هئي ته هر روز هڪ نئين ٽيسٽ پئي ڪراين . امڙ جي بيماريء سبب مان گهڻو الجهيل هئس ۽ آفيس جي ڪم کي به چڱي طرح ڪونه پي ڏسي سگهيس.

    ان ڏينهن تمام گهڻو سيء هو ۽ مان ايندڙ هفتي بيرون ملڪ مان ايندڙ هڪ وفد سان ميٽنگ لاء مواد تيار ڪري هيو هئس ۽ پراڻا فائيل کولي تياري ڪري رهيو هئس جو منهنجي پٽيوالي آچر هڪ ڪارڊ ٽيبل تي رکيو ، جيڪو مصروفيت سبب مان ڏٺو به ڪونه، ڪجھ گهڙين کانپوء هن مونکي ان ڪارڊ طرف ڏيان ڇڪايو ۽ چيو ته قريشي صاحب اوهان سان ملڻ ٿو چاهي ، مون کيس چيو ته في الحال ٽاري ڇڏينس ۽ چئينس ته ميٽنگ ۾ مصروف آهيان پر آچر چيو سائين اوهان ڪارڊ ته ڏسو، ڇڙٻ ڏني مانس پر ڪارڊ تي به نطر وڌم ، نالي پڙهڻ سان هڪدم ڪجھ ياد اچڻ لڳو ۽ سوچيم هن پيريء ۾ به گهران نڪتو آهي مونسان ملڻ لاء ، آخر ڇو؟ جڏهن ته هن مونسان ڪا چڱائي ڪونه ڪئي هئي ، هن پنهنجي ئي سنڌين تي چٿرون ڪيو هون. خير آچر کي چيم ته وٺي اچينس.

    مونکي اهو زمانو ياد اچڻ لڳو جڏهن مان پنهنجي اداري ۾ ميرٽ تي ڀرتي ٿيو هوس منهنجي ساک اداري ۾ هڪ سٺي ۽ اڀرندڙ نوجوان طور ٿي رهي هئي هڪ ڏينهن آفيس ۾ فون آيو ته بابا جو ايڪسڊنٽ ٿيو آهي ۽ هو اسپتال ۾ آهي ۽ سندس حالت خراب آهي، مان پنهنجي ڪلارڪ کي ٻڌائي فوري طور ٽيڪسي پڪڙي سهراب ڳوٺ آيس ۽ اتان سکر جي بس ۾ ڳوٺ روانو ٿيس. منهنجي پهچڻ کان اڳ ئي بابا رب سان وڃي مليو هو ۽ مان روئندو رهيو هوس ته ڪاش بابا منهنجي اچڻ جو انتظار ڪري ها ۽ مونسان ڪجھ لفظ ڳالهائي ها. مونکي ڳوٺ ۾ ٻه هفتا لڳي ويا، افسوس ٿيو ته منهنجي آفيس مان ڪوبه ڪونه آيو ۽ جڏهن واپس آفيس پهتم ته بجاء ڪنهن آٿت ڏيڻ جي مونکي هڪ خط هٿ ۾ ڏنو ويو ته اوهان لاپراهي ڪئي آهي ۽ بغير ٻڌائڻ جي ٻه هفتا گم رهيا آهيو ، انکانسواء هڪ بيهوده قسم جو الزام به لڳايل هئو ته اوهان هتي ويهي سنڌين جي غير قانوني طور مدد ڪري رهيا آهيو ۽ اداري کي مالي نقصان پهچايو آهي !!! منهنجا ته پير ئي نڪري ويا ته هڪ ماڻهو جنهنجو پيء گذاري وڃي ان سان پنهنجو ادارو هي ڇا ڪري رهيو آهي ؟؟

    خير انڪوائري ڪميٽي جي سامهون پيش ٿيڻو پيو جتي مان پنهنجي پاڻ تي لڳايل الزامن جي صفائي پيش ڪئي ته مان هر ماڻهوء جي ۽ خاص ڪري سنڌي ماڻهوء جي قانوني حدن ۾ رهي ڪري مدد ڪندو آهيان جيڪو منهنجو اخلاقي فرض آهي ۽ ٻيو ته منهنجي والد جي اچانڪ حادثي واري خبر مون لاء به صدمي واري هئي تنهنڪري هي ڪو وڏو الزام ناهي. قريشي صاحب ان ڪميٽيء جو اڳواڻ هو ۽ سنڌي هئڻ جي ناتي مان اها اميد ڪري رهيو هوس ته هو منهنجي مدد ڪندو پر منهنجي سڀ کان گهڻي مخالفت قريشي صاحب ئي ڪري رهيو هو. خاص ڪري سندس اهي لفظ ته سنڌي نا اهل آهن ، سنڌي غير سنجيده آهن ، سنڌي چور آهن ، سنڌي ڌاڙيل آهن ۽ سنڌي ايماندار ناهن منهنجي جيء کي جهوري رهيا هئا. مان قريشي صاحب کي گهڻا ئي ايلاز ڪيا ته اوهان سنڌي آهيو ، رت دانگيء تي به ورندو آهي اوهان ته منهنجي مدد ڪيو مونسان ناحق ٿي رهيو آهي ، اوهان هڪ سنڌي گهر اجاڙي رهيا آهيو. منهنجي هزار دليلن باوجود مونکي نوڪريء مان ڪڍڻ جو خط هٿ ۾ ڏنو وئو جنهن جو هڪ وڏو سبب منهنجو سنڌي هجڻ هو. مان جيئن تيئن ڪري ڪورٽ سان رابطو ڪيو ۽ ڪجھ سنڌي سڄڻن جي ڪوششن سان ٻيهر بحال ٿي ويس ۽ پنهنجي محنت سان ترقي ڪندو ويس ۽ اڄ منهنجو اداري ۾ هڪ خاص مقام آهي ۽ مان پراڻين ڳالهين کي وساري چڪو آهيان. مان اڄ به سنڌين جي مدد ڪرڻ ڪري مشهور آهيان پر اهو سڀ ڪجه مان قانوني ۽ اخلاقي حدن ۾ رهي ڪري ڪندو آهيان.

    قريشي صاحب بلڪل پيرسن ٿي چڪو هو ۽ ملڻ وقت سندس هٿ ڏڪي رهيا هئا. کيس ويهڻ جو چيم ۽ آچر کي چانھ جو ڪوپ آڻڻ جو چيم. مون قريشي صاحب کان اچڻ جو سبب پڇيو. قريشي صاحب ڏڪندڙ هٿن سان هڪ خط کيسي مان ڪڍي مون ڏانهن وڌايو ، مون خط وٺي ان کي پڙهيو ته هڪ وڌيڪ انڪوائري ٿي رهي آهي جنهن جو مان ميمبر آهيان ۽ اها انڪوائري ڪنهن کان هڪ ڪم جي بهاني ڪجھ ڪميشن وٺڻ جي آهي. قريشي صاحب چيو ته هي منهنجو پُٽ آهي ۽ کيس انڪري ڦاسايو اٿن جو هو هڪ سنڌي آهي اوهان سنڌي آهيو ، اوهان مدد ڪيو. قريشي صاحب جي واتان لفظ سنڌي ٻڌي مونکي باه وٺي وئي سخت سيء ۾ به مونکان پگهر وهڻ لڳو ۽ اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون.

    مون قريشي صاحب کي چيو ته ڇا توهان کان اهي ڏينهن وسري ويا آهن جڏهن اهي ئي لفظ مان توهان جي سامهو دهرائي رهيو هو، اوهان جي اڳيان ليلائي رهيو هوس پر قريشي صاحب ڪرسيء جي نشي ۾ اوهان منهنجي قوم جي بي عزتي ڪئي هئي ۽ پاڻ سنڌين کي برو ڀلو چيو هو. قريشي صاحب هٿ ٻڌي بيهي رهيو ته برابر مان غلط ڪيو هو ۽ گهڻن سنڌين سان زيادتي ڪئي هئي مونکي معاف ڪيو ۽ منهنجي پُٽ کي به معاف ڪيو نه ته منهنجو گهر تباه ٿي ويندو. قريشي صاحب جيئن جيئن ڳالهائي رهيو هو منهنجو بلڊ پرشر وڌي رهيو هو ان کان اڳ جو مان ڪجه ڪري ويهان سندس بي عزتي ڪيان مان قريشي صاحب کي ڪمري مان اٿي وڃڻ جو چيو. هو اٿي ڏڪندڙ هٿن سان در جي طرف وڌڻ لڳو ۽ منهنجون ڳاڙهيون اکيون ڏسي گهٻرائجي ويو. الائي ڇو منهنجي رت کي ڇڪي آئي ۽ مون زور سان مڪ ديوار کي وهائي ڪڍي ، اڻ ڄاڻائيء ۾ ديوار ۾ لڳل ڪوڪو منهنجي هٿ ۾ ٽنبجي ويو ۽ رت لار ڪري وهڻ لڳو ، مون پنهنجي رت کي ڏسي قريشي صاحب کي چيو ته اوهان جي پُٽ جو ڪم ٿي ويندو هن ڪو خون ڪونه ڪيو آهي. مان هڪ سنڌي آهيان ۽ سنڌي ٿي مرڻ چاهيندس.
    [/justify]
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: پنهنجو رت (سليمان وساڻ)

    مولا سلامت رکي اوهانکي....واھ.....سائين اوهان جهڙو جزبو...۽ جرت ڪاش...هر سنڌي ۾ هجي.
    ۽ قريشي جهڙن ماڻهن جي اسان جي قوم ۾ ڪمي ڪون آهي....کوڙ قريشي روز اسان سان اهي ڳالهيون ڪندا آهن ته سنڌي چور نا اهل..وغيره وغيره.
    سائين اوهانجي ڪهاڻي...پڙهي..اسان جي مُئل ضمير ۾ ڪجھ ساھ پيو...اوهانجي ڪهاڻي پڙهي....ستل جذبو جاڳي پيو.
    اوهان جي پنهنجي ڪم کي جاري و ساري رکو.
    اهڙن قريشن جي ڳالهين ڏي ڌيان نه ڌريو....ڪهاڻي شيئر ڪرڻ جي مهرباني.
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: پنهنجو رت (سليمان وساڻ)

    سڀ کان پهريان ته مبارڪباد ادي وساڻ کي جو هو سهڻي ڪهاڻيڪار جيئان ايتري پيرائتي ۽ پر اثر مختصر آکاڻي لکڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي، هاڻ خبر پئي ته سليمان وساڻ ۾ پڻ ادبي جيوڙا پئدا ٿيندا وڃن ۽ اميد ته مستقبل قريب ۾ سنڌي آکاڻيءَ جي ڪرندڙ انگ ۽ معيار کي هڪ سهڻو ليکڪ ملڻ وارو آهي ۔۔۔

    ٻي ڳالهه ته هن حقيقي ۽ سچي ڪهاڻيءَ کي بيان ڪرڻ جو ڏانءُ ۽ اسلوب انتهائي اثرائتو آهي ۽ هن آکاڻيءَ جي پيڙه آهي ته رت دانگيءَ تي به ورندو آهي ، يا وري هڪ ڪهاوت آهي ته ”پنهنجا ماري به لاش ڇانوَ تي اڇلائيندا اهن“ ۔۔۔

    پر ساڳي جاءِ ته قومن اندر ڪنيون مڇيون به هونديون آهن، جيئن هن ڪهاڻيءَ جو ڪردار آهي قريشي ۔۔۔ ۽ هڪ ڪردار آهي سائين پاڻ ۔۔۔ ٻنهي جي ڪردارن جي ڀيٽ ڪجي ته لطيف جو هيٺيون بيت ئي سهي معلوم ٿئي ٿو۔

    ادي سليمان انهن ٻنهي ڳالهين کي بيان ڪندي هڪ پر اثر حقيقت واضح ڪئي آهي ۔۔۔

    دوست وساڻ؛ لطيف جو هي بيت به اوهان گهڻو جهوگاريندا آهيو

    چـــــڱا ڪن چـــــڱايون، مٺـــــايون مٺــــن،
    جو وڙ جڙي جن سين سو وڙ سي ئي ڪن۔

    انڪري وڌيڪ اوهانکي چوڻ جي ڪا گنجائش ناهي ۔۔۔

    لک ٿورا ذاتي تجربي ۽ سهڻي آکاڻي بيان ڪرڻ جا۔۔۔۔ ڪاش اسين سنڌي ان ڳالهه کي سمجهي سگهون ۽ پنهنجي قومي سڃاڻپ جي مد ۾ پاڻ کي سنواري سگهون ۔۔۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پنهنجو رت (سليمان وساڻ)

    مهرباني ادا عاشق

    هي ڪهاڻي آهي انهن ڪردارن جي جيڪي روز اسان جي سامهون اچن ٿا

    ڪي مثبت ته ڪي منفي، بس انهن ڪردارن کي وائکو ڪيو آهي
     
  5. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: پنهنجو رت (سليمان وساڻ)

    واهه سائين واهه
    پيارو ونڊ۔۔
     
  6. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: پنهنجو رت (سليمان وساڻ)

    جزاڪ الله ادا ، الله اوهان کي سهڻو بدلو ڏي!

    اهو ئي وقت هوندو آهي امتحان جي گهڙي جو ، جنهن ۾ ڪامياب ڪيئي ٿيندا آهن ، اوهان جي استقامت ۽ بردباري اهو ثابت ڪري ٿو ته اوهان اندر هڪ نيڪ انسان لڪيل آهي۔

    نيڪي ۽ انسانيت لا ڪو ذات ڪو مٽ مائٽي ناهي هوندي اهو ته هڪ جذبو هوندو آهي جيڪو بنا تفريق جي هر جنهن لا ڪرڻ لا هوندو آهي ،

    الله تعالى اوهان کي بلند و سرخرو ڪري ۽ هر موڙ تي خدمت خلق واري ڪردار تي ثابت قدم رکي ، آمين
     
  7. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: پنهنجو رت (سليمان وساڻ)


    ادا سليمان اوهان جي هي ڪهاڻي پڙهي ڪري تمام دل خوش ٿيو ايتري سهڻي انداز ۾ اوهان اهڙن سهڻن خيالن جي ونڊ ڪئي آهي جس هجي اوهان جي محنت کي اوهان جي سوچ پڙهي ڪري تمام گهڻي خوشي ٿي روح کي راحت ملي ۔ مولا اوهان کي آباد رکي اوهان جي مزيد اهڙي سهڻي شيئرنگ جو شدت سان انتظار رهندو ۔۔۔ باقي ادا اوهان جي هي ڳاله پڙهي ڪري
    [quote قريشي صاحب جي واتان لفظ سنڌي ٻڌي مونکي باه وٺي وئي سخت سيء ۾ به مونکان پگهر وهڻ لڳو ۽ اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون.][/quote]
    مون جهوني جي دل اصل لڏي وئي مون اوهان جي تصوير ڪشي ڪئي ته اوهان ان حالت ۾ ڪيئين نظر ايندا هوندا اها مان هتي اوهان کي نٿو ٻڌائي سگهان ها ها ها ها ۔۔۔
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پنهنجو رت (سليمان وساڻ)

    مهرباني سائين نثار

    ڪردارن جي ڳاله آهي سنڌ جي پنهنجي ماڻهن جو خيال نه ڪرڻ وارا ڪردار اسان جي هر اداري ۾ ويٺا آهن۔ اتي ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اهي ڪردار آهن جيڪي سنڌ تي آڱر کڄڻ کي پاڻ تي وار سمجهندا آهن۔

    هي هڪ ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي ۽ سامهون موجود ڪجه ڪردارن کي وائکو ڪيو آهي۔

    لک احسان اوهان جي تفصيلي تجزيي جا
     
  9. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: پنهنجو رت (سليمان وساڻ)

    ادا سليمان هي به حقيقت آهي ته اڄ نالو به انهن جوڌن جو قائم آهي جن ديس ۽ وطن لاڀ سر ڏنو يا پهنجي ديس لاء ڪجه ڪري ويا اوهان اهڙي ئي حب الوطني جي موضوع تي مشتمل ڪهاڻي ونڊ ڪئي تمام گهڻي خوشي ٿي
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پنهنجو رت (سليمان وساڻ)

    مهرباني ادا
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پنهنجو رت (سليمان وساڻ)

    مهرباني ادا حوصلا افزائي ڪرڻ جي

    انسان پنهنجي سچائي، استقامت ۽ همهدردانه سوچ ۽ عمل ڪري ئي سرخرو ٿيندو آهي

    ڪرسي ڪجه به ناهي هوندي پر عزت ۽ ماڻهن جو پيار ئي سڀ ڪجه هوندو آهي۔

    مهرباني
     
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پنهنجو رت (سليمان وساڻ)


    مون جهوني جي دل اصل لڏي وئي مون اوهان جي تصوير ڪشي ڪئي ته اوهان ان حالت ۾ ڪيئين نظر ايندا هوندا اها مان هتي اوهان کي نٿو ٻڌائي سگهان ها ها ها ها ۔۔۔
    [/QUOTE]

    پيارا جهونڙا علي اوهان جي پيار ڀريي تجزيي ۽ حوصلا افزائيء لاء مهرباني

    سچ پڇو ته ڪهاڻي لکڻ به سنڌ سلامت تي اچڻ کانپوء سکيا آهيون، لفظن جي جوڙ به هتي ئي دوستن کان سکيا آهيون۔ سنڌ سلامت نون شاعرن ۽ اسان جهڙن سيکڙاٽن لاء هڪ اداري جو ڪم ڪري رهي آهي۔

    ٻيو ته سنڌ جو درد نه هجي ۽ سنڌي ماڻهن جو احساس نه هجي ته پوء اهڙي زندگيء کان بس ڀلي آهي۔ مونکي ڪاوڙ بلڪل گهٽ ايندي آهي پر جيڪڏهن ايندي آهي ته پوء اهڙي ئي ايندي آهي جيڪا ڪيفيت مٿي ذڪر ڪيل آهي۔

    لک قرب اوهان پنهنجي راء ڏني
     
  13. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: پنهنجو رت (سليمان وساڻ)

    ادا سليمان اوهان جي تحرير دل ڇهندڙ اهي ۽ انهي جو محور آهي سنڌين کي نا اهل چوندڙن جو انجام۔
    مون کي هڪ ڳاله سمجه ۾ نه ٿي اچي ته قوم جي بنياد تي اهليت ڪيئن ٿي ماپي سگهجي؟ هلو ڀلا کڻي مڃيوسين ته سنڌي نا اهل ئي آهن پوئي اهو چوندڙ اسان کي ڪا اهڙي قوم به ڳولي ڏيکارين جنهن جا سڀ ماڻهو ڄمندي ڄام آهن۔ ڪو ڄٽ ناهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔يار عجيب لڳندي آهي ماڻهن جي قومي بنياد تي اهل ۽ نا اهلي جي را
     
  14. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: پنهنجو رت (سليمان وساڻ)

    پيارا جهونڙا علي اوهان جي پيار ڀريي تجزيي ۽ حوصلا افزائيء لاء مهرباني

    سچ پڇو ته ڪهاڻي لکڻ به سنڌ سلامت تي اچڻ کانپوء سکيا آهيون، لفظن جي جوڙ به هتي ئي دوستن کان سکيا آهيون۔ سنڌ سلامت نون شاعرن ۽ اسان جهڙن سيکڙاٽن لاء هڪ اداري جو ڪم ڪري رهي آهي۔

    ٻيو ته سنڌ جو درد نه هجي ۽ سنڌي ماڻهن جو احساس نه هجي ته پوء اهڙي زندگيء کان بس ڀلي آهي۔ مونکي ڪاوڙ بلڪل گهٽ ايندي آهي پر جيڪڏهن ايندي آهي ته پوء اهڙي ئي ايندي آهي جيڪا ڪيفيت مٿي ذڪر ڪيل آهي۔

    لک قرب اوهان پنهنجي راء ڏني[/QUOTE]


    ادا سليمان اوهان جيڪو خيال ذڪر ڪيو آهي تمام بهترين آهي اوهان ڪاوڙ نه ڪجو ڪڏنهن به ادا خاص ڪري مون سامهون ڇو ته مان ڪيمرا پاڻ سان گڏ رکندو آهيان جي اها ڪاوڙ واري تصوير مون دوستن سامهون لڳائي ته پوء ميار نه ڏجانء ۔۔:)):)):)):))

    ادا اوهان جي ان سوچ تي تمام گهڻي خوشي ٿي اوهان جي ڪهاڻي ۾ جيتوڻيڪ گهڻا درس آهين انهن مان اوهان جو هي مقصد مون کي تمام گهڻو پسند آيو ۔۔
    [​IMG]

     
  15. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پنهنجو رت (سليمان وساڻ)

    مهرباني ادا حفيظ

    سنڌين کي نا اهل چوڻ وارا اهو ته ڪون ٿا ٻڌائين ته سندن ثقافت ڪهڙي آهي ۽ ڪيتري پراڻي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بس يار رب شال هنن کي سمجه ڏي ۽ اسان جي ماڻهن کي سوچ ڏي ته پنهنجن جو رت پيڻ بجاء پنهنجو خيال رکڻ شروع ڪن۔
     
  16. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پنهنجو رت (سليمان وساڻ)


    ادا سليمان اوهان جيڪو خيال ذڪر ڪيو آهي تمام بهترين آهي اوهان ڪاوڙ نه ڪجو ڪڏنهن به ادا خاص ڪري مون سامهون ڇو ته مان ڪيمرا پاڻ سان گڏ رکندو آهيان جي اها ڪاوڙ واري تصوير مون دوستن سامهون لڳائي ته پوء ميار نه ڏجانء ۔۔:)):)):)):))

    ادا اوهان جي ان سوچ تي تمام گهڻي خوشي ٿي اوهان جي ڪهاڻي ۾ جيتوڻيڪ گهڻا درس آهين انهن مان اوهان جو هي مقصد مون کي تمام گهڻو پسند آيو ۔۔
    [​IMG]

    [/QUOTE]

    يار علي اوهان سان ڪاوڙ ڪيئن ڪبي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    اوهان جو خيال ۽ ونڊ ڪيل تصوير ۾ به وڏو سبق سمايل آهي۔

    مهربانيون
     
  17. مدثر احمد چانڊيو

    مدثر احمد چانڊيو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    9
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اڪائونٽ مينجر سڪون ريسٽورينٽ نوابشاھ
    ماڳ:
    نواب شاھ سنڌ
    جواب: پنهنجو رت (سليمان وساڻ)

    تمام بهترين
     
  18. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    جواب: پنهنجو رت (سليمان وساڻ)

    بهترين ڪهاڻي آهي۔
    اسان کي گهرجي ته سنڌ امڙ جي پٽڙن کي پنهنجا ڀائر سمٍجهي سندن مدد ڪريون
     
  19. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پنهنجو رت (سليمان وساڻ)

    مهربانيون ادا

    سڀ جڏهن پنهنجو فرض پورو ڪندا ته سنڌين جي ڪاميابي يقيني آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو