• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پنهنجي ڌرتي پنهنجو پيار

جاويد نواز

سينيئر رڪن
نظم
پنهنجي ڌرتي پنهنجو پيار
سنڌ کپي ٿي خودمختيار

موت ته مهڻو مهڻو ناهي
هلندڙ وقت هي رڪڻو ناهي
موت تي ڪهڙي آهي معيار
سنڌ کپي ٿي خودمختيار

ڌاريئي کي مان ڌاريو چوندم
قمتر کي مان قرب نه ڏيندم
ڌاريئي سان منهنجو تقرار
سنڌ کپي ٿي خودمختيار

عشق عبادت پنهنجو مذهب
سنڌ سلامت پنهنجو مذهب
قيامت تائين ٻئي سرشار
سنڌ کپي ٿي خودمختيار

دوکي جي ديوار کي ڊاهيو
پنهنجي ڌرتي پاڻ هلايو
ٻئي کي ڇو ٿا ڏيو اختيار
سنڌ کپي ٿي خودمختيار

جهڙي ڌرتي تهڙا ماڻهون
مٺڙي ٻولي مٺڙا ماڻهون
مٺڙي تن جي آ گفتار
سنڌ کپي ٿي خودمختيار

شاھ ڀٽائي سچل هن ۾
لال قلندر غمدل هن ۾
سڀ جي دعا سان ٻيڙا پار
سنڌ کپي ٿي خودمختيار

سن واري جي ڳالهه سچي ڪيو
آزادي اعلان اچي ڪيو
گڏ ٿيو ننڌڙا وڏڙا ٻار
سنڌ کپي ٿي خودمختيار

ڦاهي تي ڀل چاڙهي ڇڏ تون
جيئرا ماڻهون ساڙي ڇڏ تون
پو به نه مڃبي پنهنجي هار
سنڌ کپي ٿي خودمختيار

جيڪي آهن جاويد مارا
تن جا ڪڍندم مان ٻئي تارا
جيڪو چتائي ڏسندو يار
سنڌ کپي ٿي خودمختيار
سنڌ کپي ٿي خودمختيار

جاويدنواز
دعائن ۾ ياد
 
Back
Top