• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ماڻهو انڌا هوندا آهن

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
مونکي ياد نه ٿو اچي ته هي ڳالھ مونکي ڪنهن ٻڌائي هُئي....اڪثر منهنجيون ننڍي هوندي کان ڪچهريون...هڪ صوفي ۽ سُگهڙ مڙس...سان ٿيندو هيون...لائق فقير..جنهن جو تعلق اسان جي ڳوٺ سان هُيو ۽ هو ذات جو پڻ سولنگي هُيو اهو مونسان جڏهن به ويهندو هُيو ته....مونکي پُراڻا قصا ۽ پراڻيون بادشاھن جو ڪهاڻيون ٻڌائيندو هُيو.....ان کي وفات ڪئي منهنجي خيال ۾ ته ڇھ سال کن ٿيا آهن...الله سائين انهن کي جنت ۾ جاءِ ڏي........هڪڙي ڀيري انهن مونکي هي قصو ٻڌايو...منهنجي ذهن ۾ هو قصو لکجي ويو
(ڪنهن ملڪ جي بادشاھ پنهنجي وزير کان پنهنجي رعيت جي باري ۾ حال احوال پڇندي...وزير کان هڪ سوال پڇيو....بادشاھ وزير کان پڇيو ته منهنجي بادشاھي يا منهنجي شهر ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ ڪيترا سڄا آهن ۽ ڪيترا انڌا آهن..مطلب ڪيترن کي نظر پئي ٿي ۽ ڪيترن کي نظر ڪانه ٿي پئي....وزير اچرج ۾ پئجي ويو....ته بادشاھ اڄ عجيب سوال ڪيو آهي...۽ بادشاھ کي اها به خبر آهي ته...ڀر واري مسجد ۾ هڪ انڌو آهي...۽ هڪ ٻه پينو فقير انڌا آهن..ڪُل ملائي حساب ڪبو ته پنج يا ڇھ انڌا ٿيندا....بادشاھ کي اها خبر آهي..وزير به سياڻو هيو...ڪجھ سوچ ويچار کان بعد...ان بادشاھ کان هڪ ڏينهن جي مُهلت ورتي.....۽ پنهنجي گهر ڏانھ روانو ٿي ويو.....سوچ ۽ ويچار کان بعد...وزير گهران هڪ واڻ جي نوڙي جيڪا وٽبي آهي....کنئي...۽ پنهنجي وڏي پٽ کي وٺي..شهر جي چوراهي تي اچي ويٺو...۽ پيو ان نوڙي کي ٽُڪرا ٽُڪرا ڪري....واٽ ويندڙ هڪ شخص وزير کان پڇيو ته اي وزير ڇا پيو ڪرين....ته وزير پنهنجي پُٽ کي چيو ته لکينس نالو انڌن جي لسٽ ۾....ائين ڪندي وري اُتان ٻيو شخص گذريو..ان به ساڳيو ئي سوال وزير کان پڇيو.....وري وزير پنهنجي پُٽ کي چيو لکينس انڌن جي لسٽ ۾ نالو.......انت تقريبن اڌ شهر جا نالا....هُن پنهنجي بوڪ تي لکيا.....۽ بادشاھ وٽ حاضر ٿيو.....انڌن جي لسٽ کڻي)
چوڻ جو مقصد ته ڇا واقعي ۾ ماڻهو انڌا هوندا آهن جو..ڪوبه ڪم ڪندي ڏسندا آهن ته به پُڇندا آهن ته ڇا پيو ڪرين...؟؟
 
جواب: ماڻهو انڌا هوندا آهن

هاهاهاهاها
بهترين ادا۔۔
مهربانيون۔۔۔
 
جواب: ماڻهو انڌا هوندا آهن

جي ادا عاشق اها ڳالهه تمام گهڻو مشهور آهي، مون پاڻ ڪيترائي ڀيرا ٻڌي به آهي ۽ ٻڌائي به آهي ۔۔۔ انجو مقصد به اهو ئي آهي ته اڪثر ماڻهون پنهنجي ڏاهپ کي استعمال ناهن ڪندا ۽ ٻيا حواس پڻ گهٽ استعمال ڪندا آهن، انڪري انهن ماڻهن کي انڌو يا ٻوڙو يا گونگو چئجي ۔۔۔ يا وري اوهان انکي ائين چوندا آهيو ته ؛ ”همراه جا ته حواس ئي مئل آهن“

ان جو مثال ائين آهي جيئن ڪنهن رستي تان ويندي هڪ منڍڙو ٻار زمين تي ريڙهيون پائي هلندي نظر ايندو آهي، ان ٻار جي ڀر مان لگهندڙ عام ماڻهون ته گذري هليو ويندو آهي ۽ کيس مٿان جونءَ به نه چرندي آهي ۔۔۔ پر حساس ۽ سوچ رکندڙ ماڻهون ان تي افسوس ڪندو آهي ۽ ڏکوئجي پوندو آهي ۽ اهو ماڻهون جيڪڏهن شاعر يا اديب هوندو آهي ته ڪو نظم يا ڪا آکاڻي ٺهي پوندي آهي ۔۔۔

سو مٺا ڀاءَ رب العالمين هر ماڻهونءَ کي ساڳيا حواس ۽ ساڳيو عقل عطا ڪيو آهي پر انهن کي استعمال ڪي ڪي ڪندا آهن ۔۔۔

لک ٿورا، اوهانجي اندر جي حساس انسان ان ڪهاڻيءَ کي ياد رکيو اهو اسان لاءِ راحت جو باعث آهي ۽ اوهانجي لکڻين ۾ پڻ صفائي ۽ لفظن ۾ رواني ايندي وڃي ۔۔۔ انڪري واڌايون
 
جواب: ماڻهو انڌا هوندا آهن

عاشق واقعي اوهان جي ڳاله صحيح آهي۔

هي شايد مغل بادشاه اڪبر ۽ سندس وزير بيربل جي ڳاله آهي ۽ ها وزير جي ڳاله وزن واري آهي۔

هڪ ٻي به ڪهاڻي مشهور آهي ته هڪ پينٽر هڪ شاهڪار تصوير ٺاهي هئي ۽ هن اها شهر جي مکيه چوڪ تي لڳائي هيٺان لکيو ته هن ۾ ڪهڙي غلطي آهي۔

شام تائين مون جهڙن سوين ماڻهن ان ۾ هزارين عيب ڪڍيا۔ ساڳي ئي پينٽر ٻئي ڏينهن هڪ ٻي تصوير ٺاهي ۽ هيٺان لکيو ته هن ۾ جيڪا غلطي هجي اها درست ڪيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هڪ به ماڻهو ان ۾ درستگي ڪانه ڪئي۔

مطلب ته اسان تنقيد ته گهڻي ڪندا آهيون پر اصلاح ڪونه ڪندا آهيون۔ ساڳي طرح اوهان جي آکاڻيء ۾ به سڀ ڪو ڏسي ته پيو پر سوچي ڪونه پيو۔

لک قرب سهڻي ونڊ جا
 
جواب: ماڻهو انڌا هوندا آهن

مس وڃي عاشق ڪا ڳالهه سمجهه ڀري لکي آهي نه ته اسان رڳو عاشق ڀاءُ‌ جا مجبوري جا قصا پي ٻڌا۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: ماڻهو انڌا هوندا آهن

اادا عاشق! واقئ گھڻا ماڻھون پنھنجي حواصن کي استعمال نه آھن ڪندا بس انڌن وانگر زندگي پيا گذاريندا آھن۔ اھڙن ماڻھن جي زندگي گذارڻ واري اھڙي انداز تي بس افسوس ئي ڪري سگھجي ٿو ۔
 
جواب: ماڻهو انڌا هوندا آهن

عاشق سولنگي جي هن ڪهاڻيءَ کي پڙهي مونکي، اردو جو هڪڙو تمام ڀلو شعر پيو ياد اچي ته

ڪيا حال پوڇتي هو ميري ڪاروبار ڪا
انڌون ڪي شهر ۾ آئيني بيچتا هُون۔۔۔۔۔۔ !!​
الغرض سڀ ڪجهه ڏسندي ڄاڻندي به ماڻهو معاملي جي تهه تائين وڃڻ جي ڪوشش ڪندا آهن۔ عاشق يار لڳي پيو ته تون هاڻين عاشقيءَ جي سرحدن مان نڪرن فيلسوفن واري سرحد ڏانهن قدم وڌائين پيو ، بلڪل ادا دنيا تمام وسيع آهي تنهنجي هن آکاڻي مان اکين جي انڌن جي ڳالهه گهٽ پر عقل جي انڌن جي ڳالهه تمام گهڻي وائکي ٿي آهي اميد ته اهڙيون زبردست ڪهاڻيون الله جي ڏني مان وري به هتي ونڊ ڪندو رهندين۔ تمام لاجواب۔
 
جواب: ماڻهو انڌا هوندا آهن

ادا عاشق ! واقئ گھڻان ماڻھون انڌن وانگر زندگي پيا گذاريندا آھن، ڏسو نه ٿا ته سڄي سنڌ پئي لٽجي ،پر ان ڀيل تي اسان جي نظر ئي نٿي پوي ۔
 
جواب: ماڻهو انڌا هوندا آهن

مس وڃي عاشق ڪا ڳالهه سمجهه ڀري لکي آهي نه ته اسان رڳو عاشق ڀاءُ‌ جا مجبوري جا قصا پي ٻڌا۔۔۔۔۔۔۔۔

سائين محترم افتخار۔۔صاحب۔۔پهريان ته پسند ڪرڻ جي مهرباني۔۔۔۽ سائين اوهان جو جواب پڙهي۔۔کل به اچي۔۔وئي۔۔عاشق مجبور آهي ته سهين۔۔پر عاشق کي مجبور ڪرڻ وارا اهي مست درويش ۽ فقير اٿئي۔۔۔۔با۔
 
جواب: ماڻهو انڌا هوندا آهن

جي ادا عاشق اها ڳالهه تمام گهڻو مشهور آهي، مون پاڻ ڪيترائي ڀيرا ٻڌي به آهي ۽ ٻڌائي به آهي ۔۔۔ انجو مقصد به اهو ئي آهي ته اڪثر ماڻهون پنهنجي ڏاهپ کي استعمال ناهن ڪندا ۽ ٻيا حواس پڻ گهٽ استعمال ڪندا آهن، انڪري انهن ماڻهن کي انڌو يا ٻوڙو يا گونگو چئجي ۔۔۔ يا وري اوهان انکي ائين چوندا آهيو ته ؛ ”همراه جا ته حواس ئي مئل آهن“

ان جو مثال ائين آهي جيئن ڪنهن رستي تان ويندي هڪ منڍڙو ٻار زمين تي ريڙهيون پائي هلندي نظر ايندو آهي، ان ٻار جي ڀر مان لگهندڙ عام ماڻهون ته گذري هليو ويندو آهي ۽ کيس مٿان جونءَ به نه چرندي آهي ۔۔۔ پر حساس ۽ سوچ رکندڙ ماڻهون ان تي افسوس ڪندو آهي ۽ ڏکوئجي پوندو آهي ۽ اهو ماڻهون جيڪڏهن شاعر يا اديب هوندو آهي ته ڪو نظم يا ڪا آکاڻي ٺهي پوندي آهي ۔۔۔

سو مٺا ڀاءَ رب العالمين هر ماڻهونءَ کي ساڳيا حواس ۽ ساڳيو عقل عطا ڪيو آهي پر انهن کي استعمال ڪي ڪي ڪندا آهن ۔۔۔

لک ٿورا، اوهانجي اندر جي حساس انسان ان ڪهاڻيءَ کي ياد رکيو اهو اسان لاءِ راحت جو باعث آهي ۽ اوهانجي لکڻين ۾ پڻ صفائي ۽ لفظن ۾ رواني ايندي وڃي ۔۔۔ انڪري واڌايون

سائين بلڪل...وڏڙن جون ڪيل ڳالهيون ڪي اهڙيون به هونديون آهن جيڪي ذهن ۾ لکجي وينديون آهن ۽ زندگي ڀر ياد رهنديون آهن....پسند ڪرڻ جي مهرباني. سائين
 
جواب: ماڻهو انڌا هوندا آهن

عاشق سولنگي جي هن ڪهاڻيءَ کي پڙهي مونکي، اردو جو هڪڙو تمام ڀلو شعر پيو ياد اچي ته

ڪيا حال پوڇتي هو ميري ڪاروبار ڪا
انڌون ڪي شهر ۾ آئيني بيچتا هُون۔۔۔۔۔۔ !!​
الغرض سڀ ڪجهه ڏسندي ڄاڻندي به ماڻهو معاملي جي تهه تائين وڃڻ جي ڪوشش ڪندا آهن۔ عاشق يار لڳي پيو ته تون هاڻين عاشقيءَ جي سرحدن مان نڪرن فيلسوفن واري سرحد ڏانهن قدم وڌائين پيو ، بلڪل ادا دنيا تمام وسيع آهي تنهنجي هن آکاڻي مان اکين جي انڌن جي ڳالهه گهٽ پر عقل جي انڌن جي ڳالهه تمام گهڻي وائکي ٿي آهي اميد ته اهڙيون زبردست ڪهاڻيون الله جي ڏني مان وري به هتي ونڊ ڪندو رهندين۔ تمام لاجواب۔

واھ سائين اردو جو شعر زبردست۔۔۔اوهان کي اسان جي هي ننڍي ڪوشش وڻي۔۔معني اسان جا ٿڪ لهي ويا۔
انشاالله ڪوشش ڪري وقت سر اهڙي ونڊ دوستن سان ڪنداسين۔۔۔۔۔هڪ ڀيرو ٻيهر مهرباني سائين
 
جواب: ماڻهو انڌا هوندا آهن

سائين محترم افتخار۔۔صاحب۔۔پهريان ته پسند ڪرڻ جي مهرباني۔۔۔۽ سائين اوهان جو جواب پڙهي۔۔کل به اچي۔۔وئي۔۔عاشق مجبور آهي ته سهين۔۔پر عاشق کي مجبور ڪرڻ وارا اهي مست درويش ۽ فقير اٿئي۔۔۔۔با۔

سائين محترم عاشق علي لڳي ٿو اوهان کي مديني جي تصوير ڏسي ڀل ٿي وئي آهي ، اها تحرير مون نه پر دوست عمران لکي هئي !!

خير ڀل چڪ انسان کان ئي ٿيندي آهي ، الله اوهان کي خوش رکي اوهان جو ليک پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي ، اوهان شاعري سان گڏ پڻ مضمون به ونڊ ڪرڻ شروع ڪري ڏنا آهن ، الله تعالى اوهان جي قلم ۾ رواني عطا فرما
 
جواب: ماڻهو انڌا هوندا آهن

عاشق واقعي اوهان جي ڳاله صحيح آهي۔

هي شايد مغل بادشاه اڪبر ۽ سندس وزير بيربل جي ڳاله آهي ۽ اها وزير جي ڳاله وزن واري آهي۔

هڪ ٻي به ڪهاڻي مشهور آهي ته هڪ پينٽر هڪ شاهڪار تصوير ٺاهي هئي ۽ هن اها شهر جي مکيه چوڪ تي لڳائي هيٺان لکيو ته هن ۾ ڪهڙي غلطي آهي۔

شام تائين مون جهڙن سوين ماڻهن ان ۾ هزارين عيب ڪڍيا۔ ساڳي ئي پينٽر ٻئي ڏينهن هڪ ٻي تصوير ٺاهي ۽ هيٺان لکيو ته هن ۾ جيڪا غلطي هجي اها درست ڪيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هڪ به ماڻهو ان ۾ درستگي ڪانه ڪئي۔

مطلب ته اسان تنقيد ته گهڻي ڪندا آهيون پر اصلاح ڪونه ڪندا آهيون۔ ساڳي طرح اوهان جي آکاڻيء ۾ به سڀ ڪو ڏسي ته پيو پر سوچي ڪونه پيو۔

لک قرب سهڻي ونڊ جا

چوندا آهن ته ڳالهين مان ڳالهيون نڪرنديون آهن، ۽ هڪ ئي ڳالهه جا ڪيترائي پهلو نظر اچي ويندا اهن، هن عاشق واري آکاڻيءَ ۾ ادي وساڻ پڻ هڪ سبق آموز آکاڻي ونڊ ڪئي آهي،

جنهنجو لبِ لبابُ آهي ته اسين ڪنهن تي تنقيد جو موقعو ملي ته پنهنجي وسان ناهيون گهٽائيندا ۽ همراهه جي اهڙي حالت ڪندا آهيون جو وڃي ٿين خئير، پر جڏهن ساڳيو ماڻهون پنهنجي اصلاح چاهيندو آهي ته اسين ڪجهه چوڻ جي لائق به ناهيون هوندا ته متان معاملو ڳچيءَ ۾ نه پوي ۔۔۔

بيشڪ ادا وساڻ سچ چيو اٿوَ ۔۔۔

لک ٿورا ۔۔۔
 
Back
Top