ٻوليون، دنيا ۽ اسين خير محمد ڪولاچي 21 فيبروري 2011 تي ٽورنٽو شهر جي هڪ شهريت آفيس (Citizenship office) ۾ منهنجي گهر واري کي ڪئناڊا جي شهريت حاصل ڪرڻ لاءِ حلف کڻڻ جي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻي هئي. هن ملڪ ۾ اچي آباد ٿيندڙ ماڻهو جڏهن شهريت ملڻ لاءِ گهربل ضرورتون پوريون ڪندا آهن ته آخر ۾ کين حلف کڻائي شهريت جو سرٽيفڪيٽ ڏنو ويندو آهي. ان ڏينهن مان به تقريب ۾ مهمانن واري گيلري ۾ موجود هئس ۽ ان تقريب جي ڪارروائي ويٺي ڏٺم. شهريت ماڻيندڙ ان گروپ جي 100 ماڻهن کي خطاب ڪندي جج چيو ته مان توهان سڀني کي جيڪي مختلف ملڪن کان اچي هتي آباد ٿيا آهيو، کي ڀليڪار چوان ٿو. اڄ مون کي اهو ڏينهن ياد اچي ٿو جڏهن مان پاڻ به حلف کڻي هن ملڪ جو شهري بڻيو هوس. اڄ مان توهان کي حلف کڻائڻ جي ذميواري ادا ڪري رهيو آهيان. ڪئناڊا جو ملڪ پنهنجي عوام کي هڪ خاندان سمجهي ٿو. اڄ توهان به ان خاندان جا فرد بنجي رهيا آهيو. هي هڪ خوبصورت ملڪ آهي جتي توهان پنهنجي صلاحيتن سان بهتري جا موقعا تلاش ڪريو ۽ سک چين جي زندگي بسر ڪريو. هن وڌيڪ چيو ته جيتوڻيڪ توهان جنهن صوبي ۾ رهون ٿا اتي انگريزي زبان ڳالهائي وڃي ٿي پر حلف توهان کي ٻن زبانن ۾ کڻڻو آهي. يعني انگريزي ۽ فرينچ ۾، جيڪي هن ملڪ جون قومي زبانون آهن. مون کي احساس آهي ته توهان مان اڪثريت کي فرينچ زبان ڪو نه ايندي هوندي پر پوءِ به منهنجي لفظن کي دهرائي ان زبان ۾ به حلف کڻو. حلف ته هڪ زبان ۾ به کڻي سگهجي ٿو پر ٻن زبانن ۾ حلف کڻڻ جو مقصد قومي زبانن لاءِ اسان جي احترام جو اظهار آهي ائين پوءِ هن حاضرين کان ٻنهي زبانن ۾ حلف کڻايو جنهن کانپوءِ هر هڪ کي شهريت جا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. ان سان گڏ کين ملڪ جي اميگريشن ۽شهريت (Immigration & Citizenship) واري وزير طرفان به پيغام وارو هڪ ليٽر ڏنو ويو جنهن ۾ ان وزير چيو ته اڄ توهان هن ملڪ جا شهري بڻجي رهيا آهيون ان سان توهان کي شهري کي حاصل سڀ حق ملي ويندا. ان موقعي مان توهان کي اهو به ياد ڏياريان ٿو ته جتي توهان کي هاڻي حق حاصل آهي اتي توهان تي ڪي قومي ذميواريون به عائد ٿين ٿيون تن کي پورو ڪرڻ به توهان جي قومي ذميواري آهي. ڪئناڊا جي سڀني صوبن ۾ انگريزي زبان ڳالهائي وڃي ٿي ۽ ان ۾ ئي وهنوار هلي ٿو، سواءِ هڪ صوبي ڪيوبڪ (Qubec) جي جتي فرينچ وڏي اڪثريت ۾ آباد آهن. ان صوبي ۾ اڪثر ڪم ڪار فرينچ زبان ۾ ٿئي ٿو. وفاقي حڪومت سڄي ملڪ جي آفيسن ۾ ٻنهي زبانن ۾ ڪم ڪار ڪرڻ جي سهوليت مهيا ڪري ڇڏي آهي. اهو شهري جو حق آهي ته هو ڪهڙي زبان ۾ خدمت چاهي ٿو. جيتوڻيڪ فرينچ زبان هڪ صوبي تائين محدود آهي پر پوءِ به ان کي قومي زبان مڃيو وڃي ٿو. قومي سطح تي ان کي قومي ٻولي جو جائز مقام مليل آهي. جيڪڏهن ٻين صوبن جو عوام چاهي ها ته اڪثريت جي زور تي هڪ صوبي مٿان پنهنجي زبان مڙهي پئي سگهي پر هنن ائين ڪو نه ڪيو. هنن ملڪي ٻولي جو جائز حق تسليم ڪري، قومي ٻولي بنائي ۽ ان جي جائز مقام کي يقيني بنايو. ائين ڪرڻ سان نه هتي عيسائيت کي خطرو ٿيو ۽ نه وري ڪو ملڪ ڪمزور ٿيو ۽ نه قوم جي ورهاڱي جو ڪو تاثر اڀريو. ملڪ سڄي عوام جي اعتماد هئڻ ڪري ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري رهيو آهي. سندس شمار دنيا جي چند صنعتي امير ملڪن ۾ ٿئي ٿو. هي ملڪ نه فقط قومي ٻولين جو احترام ڪري ٿو پر هتي اچي آباد ٿيل مختلف قومن جي ٻولين ۽ ڪلچر کي به تسليم ڪري ٿو. جيڪڏهن ڪا ڪميونٽي پنهنجي ٻولي جي بقا ۽ ترقي لاءِ ڪوششون ڪري ٿي ان ۾ حڪومت جو سهڪار حاصل ٿئي ٿو. حڪومت ملڪ کي گهڻ ثقافتي سماج (Multicultural society) هئڻ واري تصور کي اُڀاري ٿي ۽ ان سوچ تحت هر ڪنهن کي پنهنجي ٻولي ۽ ڪلچر سان محبت ڪرڻ ۽ ان کي زنده رکڻ وارين ڪوششن جي حمايت ڪري ٿي. مان هڪ ڀيرو جڏهن محلي ۾ رهندڙ سنڌي ٻارن کي سنڌي زبان جي تعليم ڏيارڻ واري سوچ تحت علائقي جي اسڪول جي هيڊ ماستر سان مليس ۽ کيس پنهنجو مقصد بيان ڪيم ته هن ان سلسلي ۾ مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو. هن مون کي چيو ته تون 15 ٻارن جو گهربل تعداد پورو ڪري اچ ته اسين ڇنڇر ڏينهن اسڪول ۾ هفتيوار هڪ ڏينهن پڙهائي جو بندوبست ڪنداسين. سنڌي پڙهائڻ لاءِ ڪنهن استاد جو به بندوبست ڪريو ته اسين ان کي ٽورنٽو اسڪول بورڊ طرفان پگهار به ڏيارينداسين. ائين هڪ ڀيرو جڏهن ٽورنٽو پبلڪ لائبرري ۾ سنڌي ڪتابن جي موجود هئڻ بابت معلومات ورتم ته خبر پئي ته شاهه سائين جي رسالي سميت اٽڪل درجن کن ڪتاب موجود آهن. مون ان سلسلي ۾ وڃي لئبرري جي هڪ عهديدار سان ملاقات ڪئي ۽ کيس چيم ته اسان سنڌي هن شهر ۾ ڪافي تعداد ۾ رهون ٿا پر هن لئبرري ۾ سنڌي ڪتاب ڪافي تعداد ۾ موجود ڪو نه آهن. مهرباني ڪري انهن جو تعداد وڌايو. تنهن تي هن راضپو ڏيکاريو ۽ چيو ته توهان مهرباني ڪري ڪتاب کڻي پڙهڻ شروع ڪيو. جيئن انهن ڪتابن جي طلب ۾ اضافو اسان جي رڪارڊ ۾ ايندو ته اسين انهيءَ زبان ۾ ڪتابن جي تعداد وڌائڻ لاءِ قدم کڻنداسين. هاڻي غور ڪريو ته ڌاريو ملڪ جيڪو تارڪين وطن کي اهو چئي چپ ڪرائي سگهي ٿو ته توهان پنهنجو ملڪ ڇڏي هتي اچي آباد ٿيا آهيو ان ڪري پنهنجي زبان ۽ ڪلچر تي سوچڻ کي ڇڏي هتان جي زبان ۽ ڪلچر اپنايو. پر هي ماڻهو فراخدلي سان ٻين ٻولين جي ترقي ۽ بقا ۽ حق کي تسليم ڪرڻ سان گڏ ان سلسلي ۾ ٿيندڙ ڪوششن جي همٿ افزائي ڪندا رهن ٿا. موجوده دور ۾ جڏهن ننڍيون ٻوليون ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿي ختم ٿي رهيون آهن ته دنيا جي سجاڳ قومن ۽ بين الاقوامي ادارن ان صورتحال جو نوٽيس وٺي انهن جي بقا ۽ ترقي لاءِ سوچڻ شروع ڪيو آهي. هاڻي ته دنيا ڊگهي تحقيق کانپوءِ ان نتيجي تي پهتي آهي ته ٻار کي بهترين تعليم پنهنجي مادري زبان ۾ ئي ڏئي سگهجي ٿي. تحقيق ۾ اهو به ثابت ٿيو آهي ته مادري زبان ۾ تعليم حاصل ڪرڻ وارو ٻار ڌاري ٻولي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ واري ٻار کان وڌيڪ هوشيار ٿئي ٿو. اهڙي ٻار ۾ تعليمي صلاحيتون وڌيڪ ٿين ٿيون. هو ڳالهه کي جلدي سمجهي وڃي ٿو ۽ پنهنجو مقصد پڻ رواني، گهرائي ۽ اعتماد سان پيش ڪري سگهي ٿو. ان ڪري اڄڪلهه ٻار کي مادري زبان ۾ تعليم ڏيڻ واري ڳالهه جي اهميت کان دنيا کي آگاهه ڪيو وڃي ٿو. دنيا جي ان رجحان جي ابتڙ پنهنجي ديس ۾ ان ڳالهه جي اهميت کي اڃان نٿو سمجهيو وڃي. ٻولين جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي يونيسڪو (UNESCO) جي قرارداد کي اهميت ڏيندي سال 2008ع کي ٻولين جو بين الاقوامي سال قرار ڏنو هو. دنيا سان گڏ دين ۾ پڻ ٻولين لاءِ اهميت جي ڳالهه ٿيل آهي. الله تعالى سوره روم ۾ ارشاد فرمائي ٿو ته رنگ ۽ زبان جو فرق منهنجي نشاني آهي. اهڙي واضح ارشاد کانپوءِ جيڪڏهن ڪو ان کي نظرانداز ڪندو ته اها سندس نالائقي چئبي پر جيڪڏهن ان جو انڪار ڪندو ته ڄڻ اهو ڪفر ڪندو. دنيا طرفان ان جي اهميت جي اظهار ۽ دين ۾ واضح ارشاد کانپوءِ به ڪي ملڪي دانشور ان مسئلي کي پاڪستان ٺهڻ واري ڏينهن کان ئي تعصب واري عينڪ سان ڏسي رهيا آهن. ورهاڱي کانپوءِ نئين ملڪ ۾ پهرين ڏينهن کان ئي مقامي زبانن سان ٻه اکيائي ۽ ناانصافي ٿي رهي آهي. دين جي نالي ٺهندڙ ملڪ ۾ هڪ زبان کي تحريڪ پاڪستان جي مقصدن مان هڪ ڄاڻائي ان کي اهميت ڏيارڻ سان گڏ مقامي ٻولين کي ختم ڪرڻ يا انهن جي ترقي ۾ رڪاوٽون وجهڻ وارو رويو شروع کان ٿي رهيو هو جيڪو اڄ به جاري آهي. ڪي تعصبي اديب ۽ دانشور جن جو نئين ملڪ ٺهڻ وقت حڪومت تي اثر هو اهي پنهنجي زبان ۽ ثقافت جي بالادستي جون ڪوششون مذهب جي آڙ ۾ ڪندا رهيا جيڪي اڄ به جاري آهن. مقامي ٻولين جي ترقي لاءِ ڳالهه ڪرڻ سان ملڪي وحدت خلاف سازش ۽ قوم کي ورهائڻ وارو تاثر اڀاريو وڃي ٿو ته جيئن اهڙي خيال کي اڳتي وڌڻ کان روڪي سگهجي. وڌيڪ دفاع لاءِ قومي ٻولي لاءِ قائداعظم جي فرمان جي مدد ورتي وڃي ٿي. هڪ طرف دين ملڪ ۾ برتر قانون آهي پر هن معاملي ۾ قرآن جي ارشاد کي به نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. هڪ طرف ٻولي جي سلسلي ۾ قائداعظم جي قولن جو سهارو ورتو وڃي ٿو ته ٻئي طرف ڪيترن ئي ملڪي معاملن ۾ قائداعظم جي تصور ۽ نظرين جي خلاف ڪم ڪيا پيا وڃن ڇاڪاڻ ته اهڙا ڪم مفادپرست ٽولي جي فائدي ۾ آهن ان ڪري اهڙن معاملن ۾ قائداعظم جي قولن کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. مقامي ٻولين سان ماٽيلي ماءُ واري سلوڪ سبب ڪن صوبن ۾ بيچيني شروع ٿي. سنڌي ان رويي سبب شروع کان ئي سراپا احتجاج رهيا. سنڌي ٻولي کي جيڪا ترقي ۽ مڃتا ڌارين انگريز حڪمرانن جي دور ۾ ملي هئي اها کيس آزاد مسلمان ملڪ ۾ نه ملي. ان جي ابتڙ ان کي ڪمزور، محدود ۽ ختم ڪرڻ جون ڪوششون ٿينديون رهيون آهن. بنگال ۾ پڻ ان حوالي سان ڇڪتاڻ ملڪ ٺهڻ سان ئي شروع ٿي ويئي هئي. اهڙي بيچيني نيٺ احتجاج جي صورت اختيار ڪئي. 21 فيبروري 1954ع تي ڍاڪا ۾ شاگردن جلوس ڪڍي مادري زبان جي حق لاءِ احتجاج ڪيو. ان جلوس تي پوليس جي فائرنگ سبب ڪي شاگرد شهيد ٿيا ته ڪيترا ڦٽجي پيا. ان تحريڪ جو اڳتي هلي ملڪي وحدت تي اثر پيو ۽ ملڪ ٻه ٽڪر ٿيڻ جو هڪ سبب بنيو. مادري زبان جي ان جدوجهد کي پوءِ بين الاقوامي سطح تي پڻ مڃتا ملي جڏهن اقوام متحده جي اداري يونيسڪو (UNESCO) ان جدوجهد جي حوالي سان 21 فيبروري کي هر سال مادري زبان جي عالمي ڏينهن طور ملهائڻ جي فيصلي جو اعلان ڪيو. قومي زبان جي حوالي سان ايتري ته منظم پروپئگنڊا ٿي آهي جو ان اثر هيٺ صوبن جا سياستدان، ڪامورا ۽ ڪي پڙهيل لکيل ماڻهو به ملڪي سطح تي يا اسيمبلي ۾ مقامي ٻولين جي مڃتا ۽ ترقي لاءِ ٿيندڙ ڪوششن کي اهميت ڪو نه ٿا ڏين. مقامي زبانون ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿي پنهنجو مقام وڃائي رهيون آهن انهن جي ڪمزور ٿيڻ سان صدين کان انهن علائقن ۾ موجود ڪلچر، محاورا، ڏاهپ ڀريل گفتا پڻ ختم ٿيڻ لڳندا. ملڪ جي وڏي آبادي، ڪامورا شاهي، سياستدان، اڪثريت ۽ حيثيت هوندي به ذهني طور تي ڄڻ ته يرغمال بنيل آهن. اڄ هو ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهن پر وقت گذرڻ کانپوءِ هو چاهيندا ته به ڪجهه ڪري ڪو نه سگهندا. في الحال ته هو لاپرواهي ڏيکاري رهيا آهن پر وقت گذرڻ کانپوءِ کين اندازو ٿيندو ته هو گهڻو نقصان ڪري چڪا آهن پر ان وقت دير ٿي چڪي هوندي. kolachikm@gmail.com عبرت جي ٿورن سان
جواب: ٻوليون، دنيا ۽ اسين نهايت قيمتي ۽ گهري سوچ وارو مضمون آهي بس ادا ٻوليء جي اهميت کان اسان پاڻ به واقف گهٽ هئاسين پر وقت سان گڏ اکيون کلنديون ٿيون وڃن۔ مهرباني
جواب: ٻوليون، دنيا ۽ اسين ڪارائتو ۽ ڄاڻ وارو مضمون آهي، اسين پڻ اهو ئي چاهيون ٿا ته خدارا جيڪڏهن هن ملڪ کي ٺاهيو به اٿوَ ته انصاف ته ڪريو، جن قومن ملي ڪري هن ملڪ کي ٺاهيو آهي انهن قومن جو احترام ته ڪيو، انهن جي ٻولي ۽ ثقافت کي پنهنجو ڪريو، انهن جي حقن تي ڌاڙا هڻڻ بند ڪريو ۽ سنڌ جيڪا صدين کان خوشحال ۽ پرامن ملڪ رهيو آهي انجو احترام ڪريو ۽ انکان ڪجهه سکو ۔۔ پر پنهنجي ملڪ جا نام نهاد اڪابر آهن جو ڳالهه کي ڳالهوڙو ٺاهي ويٺا قومن جو استحصال ڪن ۽ ڏينهن به ڏينهن وڃن قومن ۾ نفرتون وڌائيندا ۽ دشمنيون وڌائيندا، حالت اچي ان ٻني تي پهتي آهي جو جيڪڏهن هن پاسي ڪرجي ته مڙس تار پاڻي جي هُنَ پاسي ڪرجي ته ساڙيندڙ باهه ۔۔۔ هاڻ الائجي ڪڏهن قومن جي ترقيءَ بابت سوچيو ويندو ۽ عوامي زندگيءَ کي پرامن ۽ خوشحال ڪيو ويندو ۔۔۔ هٿ مٿي آهن ۔۔۔ الله ۾ اميدون آهن اچو ته اسين سڀ گڏجي حق ۽ سچ جو ساٿ ڏيون ۽ قوم کي ڪنهن دڳ لايون لک ٿورا دوست افتخار جا جو هي دوست هنڌان هنڌان تمام ڪارائتا ليک کڻي اسانجي راهه روشن ڪري ٿو۔ ٿورا ناهن ٿورا