جواب: لعل ميري پت رکيو سدا جهولي لعلڻ (انڊيا جي گلوڪاره جي آواز ۾)
ادا زبردست ڌمال آهي ۽ ڌمال سان گڏ ڌمال ڳائن واري به زبردست آهي، اهڙين ڳائڻين کي وڏين وڏين محفلن ۾ ۽ سرڪاري موسيقي جي پروگرامن ۾ به ڏٺو ويندو آهي. ۽ اتي وزير، ڪامورا ۽ وڏا وڏا آفيسر شرابن ۾ الوٽ ٿي هنن ڳائڻين مٿان نوٽن جي ايئن گهورَ ڪندا آهن ۽ ائين داد ڏيندا آهن ڄڻ ڳائڻين ۽ فن جي ڪا عزت ئي ناهي ۽ پيسن جي گهورَ ڏئي ڪري هو اهو تاثر ڏيندا آهن ڄڻ انهن ڳائڻين کي خريد ڪري ڇڏيو هجي ۽ هاڻي ڄڻ انهن جي مرضي آ ته پيسن عيوض اهي ڪهڙي به حرڪت ڪري سگهن ٿا. اسان جڏهن ننڍا هوندا هئاسين ته شادين۾ ڏسندا هئاسين ته جڏهن پيشاور ڳائڻيون شادين جي ڇنن ۾ اينديون هيون ته اهي به پهرين اهيا ڌمال چونديون هيون تنهن کانپوء ٻيا ڪلام چئي ڪري ماڻهن اڳيان ناچ ڪري پئسا وٺونديون هيون. ادا عرس توهان ته اهي شادين ۾ ڳائڻين وارو ڪلچر ۽ زمانو ياد ڏياري ڇڏيو، ادا عرس پريا صاحب اهڙي ونڊ لاء مهرباني،